سرحد (ن پ ا) سرحد ۾ مبينا طور ملڪيت تي قبضي لاءِ پٽ پيرسن ماءُ کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو. خبر موجب سرحد واسڻ پيرسن عورت حاجاڻي حليمان ملڪ، حاجرا ۽ هدايت  الله ملڪ سان گڏجي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي پيرسن عورت حاجاڻي حليمان ملڪ دانهيندي چيو ته نافرمان پٽ سونو ملڪ زمين تي زبردستي قبضو ڪري ورتو آھي، جنهن کان روڪڻ تي هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي مون تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، جنهن سبب دربدري واري زندگي گذاري رهي آھيان. هن مطالبو ڪيو ته نافرمان پٽ سونو ملڪ ۽ ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي