بدين: پوليس ۾ اپلاءِ ڪندڙ نارين جو احتجاج، جعلسازي جا الزام

0
301

بدين: بدين ۾ ليڊي پوليس  لاءِ اپلاءِ ڪندڙ نياڻين ميرٽ تي آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف برسات دوران ايوان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

نارين مائره ڀرڳڙي، سنڌو چانڊيو، اميبا، تانيه خاصخيلي، سيما ۽ ٻين دانهيو ته بدين ۾ ليڊي پوليس ۾ 9 سيٽون آيون هيون جنهن ۾ بدين جي 54ڇوڪرين انٽرويو ڏنا، جن مان هڪ ڇوڪري صائمه انٽرويو ۾ نه اچڻ باوجود سليڪٽ ٿي وئي

ھنن چيو ته اھو بدين جي نياڻين جي حق تي ڌاڙو آهي، رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس سپاھين جي نياڻين به انٽرويو ڏنا آهن ميرٽ تي لسٽ جاري ڪرڻ بدران سفارشي ڇوڪرين جا آرڊر جاري ويا آهن

ھنن چيو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به ٻدين ضلع جو آهي، ان ڪري اسين نياڻيون کيس اپيل ٿيون ڪريون ته اسان سان انصاف ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ پوليس ۾ 27 هزار نين ڀرتين جو اعلان: ٿاڻو ڪلچر تبديل ٿيندو: ڏوهن ۾ ملوث اهلڪار سزا ڀوڳيندا: آءِ جي سنڌ