خورشيد شاهه فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، دلچسپ وڊيو وائرل

0
513

خورشيد شاهه فلم ۾ ڪم

سکر: وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه فلم ۾ هيرو طور ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي

وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي

خورشيد شاهه اروڙ يونيورسٽيءَ ۾ ميوزڪ جي شعبي جي قيام ۽ مدد ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي، جنهن تي وائيس چانسلر خورشيد شاهه کي فلم ميڪنگ بابت ٻڌايو

خورشيد شاهه چيو ته فلم ۾ هيرو مان هوندس،  جنهن تي ڊاڪٽر ثمرين حسين چيو ته پوءِ هيروئن مان ٿينديس

خورشيد شاهه ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته پوءِ ڊاڪٽر عاصم ته مونکي ماري ڇڏيندو، وفاقي وزير جي اهڙي جملي تي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ٽهڪڙا مچي ويا