باڊھه (اسپورٽس نيوز) باڊھه ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽرينگيولر سيريز منعقد ڪئي وئي، ٽورنامينٽ جو فائنل  شائننگ اليون ڏوڪري ۽ جلباڻي اليون جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو، جلباڻي اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 124 رنز ٺاهيون. جڏهن ته شائيننگ اليون ڏوڪري بهترين راند جو مظاهرو ڪندي مليل هدف 8 اوورن ۾ پورو ڪري سيريز پنهنجي نانءِ ڪئي، شائيننگ اليون طرفان صدام ميراڻي شاندار بيٽنگ ڪندي 67 رنز جي اننگ کيڏي جنهن تي کيس مين آف دي ميچ جي انعام سان نوازيو ويو. جڏهن ته سيريز کٽيندڙ ٽيم کي ونر ٽرافي ۽ ٻي پوزيشن ماڻڻ تي جلباڻي اليون کي رنر ٽرافي ڏني وئي.