جڪارتا (انٽرسٽنگ نيوز) انڊونيشيا جي جامبي ضلعي ۾ هڪ ناري کي شادي جي 10 مهينن کانپوءِ پنهنجي مڙس بابت اهڙي حقيقت خبر پئي جو ٻڌي توهان به حيرت ۾ پئجي ويندئو. 22  ورهين جي ناري سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته مان شادي کانپوءِ پنهنجي مڙس سان خوشي سان زندگي گذاري رهي هئس پر شادي جي 10 مهينن کانپوءِ خبر پئي ته مڙس ڪو مرد نه پر عورت آهي. ناري دعويٰ ڪئي ته هوءَ دوکيباز عورت ازدواجي لاڳاپن لاءِ جنسي مشينون استعمال ڪندي رهي هئي، جنهن ڪري ان جي حقيقت جي خبر نه پئجي سگھي. متاثر ناري جو چوڻ آهي ته ان دوکيباز عورت مون کي ٻڌايو هو ته هو ماهر سرجن آهي ۽ آمريڪا مان ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪري آيو آهي، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته هن جو ڪوئلي جو ڪاروبار به آهي. ناري ۽ سندس گھر وارن جي رپورٽ تي پوليس ان دوکيبازي عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، عورت جاچ دوران پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري چڪي آهي ۽ ان ڏوهه تي کيس امڪاني طور تي 10 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگھي ٿي.