اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان موسمي تبديلي جي خطرن خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ دنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس کي خط لکيو آهي، وزيراعظم پاران 6 اپريل تي لکيل بل گيٽس کي خط ۾ چيو ويو آهي ته موسمي تبديلين جي خطرن ۽ تباهي کان بچاءَ لاءِ موضوع تي ڪتاب لکڻ تي اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم خط ۾ بل گيٽس کي پاڪستان کي موسمي تبديلي سبب درپيش چيلينجن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جن کي موسمي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ بلين ٽري سونامي، نيشنل پارڪس، ڪلين گرين پروگرام جاري آهن، 10 لک ايڪڙن تي ٻيلن کي محفوظ بڻايو آهي، وزيراعظم خط ۾ چيو آهي ته اچو ته گڏجي دنيا کي موسمي تبديلين جي خطرن کان بچايون.