صنعا:(م ڊ) يمن ۾ تيل جي ذخيرن کان مالا مال تاريخي شهر معرب ۾ سعودي سربراهي ۾ قائم اتحادي فوج ۽ حوثي باغين جي ويڙهاڪن وچ ۾ چڪرين دوران 22 فوجي ۽ 31 ويڙهاڪ مارجي ويا. معرب جي قبضي لاءِ اتحادي فوج ۽ حوثي باغين وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 ويڙهاڪ ۽ 22 فوجين جي مارجي وڃڻ جي باوجود ويڙهه جاري آهي. معرب ۾ هر جڳهه تي لاشون پيل آهن ۽ ڌماڪن سبب اٿندڙ دونهي جي ڪڪرن شهر جي هوا کي بدبودار ڪري ڇڏيو آهي. ميزائلن جي ڪرڻ، بارود جي بدبو ۽ گولين جي آوازن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. حوثي باغي ڪيتري ئي وقت کان تيل جا ذخيرا رکندڙ شهر معرب تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ تازي جنگ ۾ اڳڀرائي ڪندي ڏکڻ اوڀر جي ڪجهه علائقن کي پنهنجي قبضي ۾ به وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف حوثي باغين معرب ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد سموري شهر ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪنداسين.