ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شام جو رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جا واضح امڪان آهن، موسميات کاتي موجب رمضان جو چنڊ گذريل صبح 7 لڳي 32 منٽن تي پيدا ٿي چڪو آهي ۽ اڄ سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 35 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شام جو ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم صاف ۽ جزوي طور تي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، پر چنڊ نظر اچڻ جا واضح امڪان آهن..