تهران (م ڊ) ايران جي ايٽمي ٺڪاڻي تي پراسرار سائبر حملو ٿيو آهي جنهن کي ايران ايٽمي دهشتگردي قرار ڏيندي پلاند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي ايٽمي توانائي ايجنسي ملڪ جي ايٽمي ٺڪاڻي نطنز، جتي هڪ ڏينهن اڳ جديد سينٽري فيوجز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي، سائبر حملي ۾ ايٽمي ٺڪاڻي کي بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي، پر ان سان تابڪاري خارج ٿيڻ يا ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه مليا آهن. ايجنسي جي ترجمان بهروز ڪمالوندي چيو ته واقعو صبح جو پيش آيو جنهن ۾ بجلي جي نظام کي نشانو بڻايو ويو، عملي جي ڪنهن شخص کي ڪو به نقصان نه پهتو. حڪومت جي جاري ڪيل بيان ۾ ان واقعي کي تباهه ڪرڻ جي سازش ۽ ايٽمي دهشتگردي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اسرائيل جي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اهو حملو اسرائيل ڪيو جنهن ۾ بجلي جو نظام متاثر ٿيو. ايٽمي ايجنسي جي سربراهه علي اڪبر صالحي جو چوڻ آهي ته اهو حملو دشمنن جي شڪست ثابت ڪري ٿو، اهو انهن جو ڪيل آهي جيڪي ايٽمي معاهدي جي صورت ۾ ايران تان آمريڪي پابندين جو خاتمو نه ٿا چاهين، اسان عالمي طاقتن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان هن ايٽمي دهشتگردي تي ڪارروائي جو مطالبو ٿا ڪريون. جڏهن ته گڏي قومن جي ايٽمي توانائي ايجنسي جو چوڻ آهي ته اسان صورتحال کان آگاهه آهيون پر هن وقت ڪجهه به چوڻ نه ٿا چاهيون. ياد رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ به ان ئي ايٽمي ٺڪاڻي تي حملو ڪيو ويو هو. ٻئي طرف ايران سان عالمي طاقتن جي ايٽمي ڳالهين بعد آمريڪا جي بچاءُ وزير سرائيل جو دورو ڪيو آهي ۽ اسرائيلي قيادت کي ڳالهين بابت اعتماد ۾ ورتو.