ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي گڏيل طور جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو تڪراري آدمشماري منظور ڪرائڻ وارو فيصلو سنڌ جي حقن خلاف سمجهون ٿا، آدمشماري جي منظوري واري فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي خاموشي مجرماڻو عمل آهي. هنن تڪراري آدمشماري کي منظور ڪرائڻ واري وفاق جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جي آبادي گهٽائڻ ڪنهن سياسي پارٽي نه پر صوبي جي ماڻهن جي خلاف سازش هئي، وفاقي حڪومت، ايم ڪيو ايم سندن سنڌ جا اتحادي خاموش رهي سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي ڪن پيا.