اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو آبپاشي عملدارن جي ڪرپشن وائکي ٿي پئي، واھن جي کاٽي ۽ مرمت  لاءِ آيل ڪروڙين رپيا مبينا ڪرپشن جي ور چڙھي ويا، مٽي وڪرو ٿيڻ سبب واھن جا ڪپر ڪمزو ٿي ويا. ڏھر واھ کي 20 فٽ گھارو، سوين ايڪڙ تي پوکيل ونئڻ، ڪمند ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. اطلاع باوجود ايريگيشن عملو نه پھتو. تفصيل موجب اوٻاوڙو ۾ ايريگيشن ڪامورن جي پت وائکي ٿي پئي. واھن جي کاٽي ۽ مرمت لاءِ آيل ڪروڙين رپيا ڪرپشن جي ورچڙھي ويا. مٽي وڪرو ٿيڻ بعد واھن جا ڪپر ڪمزو ھجڻ سبب ڏهر واھ کي آر ڊي 34 وٽان 20 فوٽ جو گهارو پئجي ويو. نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ونئڻن، ڪمند، جوئر جا فصل ۽ مختلف ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا. سوين ڳوٺاڻن موقعي تي پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن اقبال رند، اياز رند ۽ ٻين دانھيندي چيو ته آبپاشي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان واھ جي مٽي وڪرو ٿيڻ سبب ڏهر واھ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، جنھن ڪري واھ کي گھارو پئجي ويو آهي. اطلاع باوجود ايريگيشن عملو نه پھتو. فصل پاڻي ھيٺ اچڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن نقصان جو ازالو نه ٿيو  ته آبپاشي عملدارن خلاف عدالت جو دروازو کڙڪائيندا سون.