ملڪاڻي شريف (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو سيد نثار علي شاهه علائقي جي پاڻي جي صورتحال ۽ آبادگارن  جون شڪايتون ٻڌڻ لا  سنڌ آبادگار تنظيم جي آفيس تي  پهتو ، جتي سنڌ آبادگار تنظيم جي اڳواڻ پيرفياض شاهه راشدي طارق محمود آرائين سيد امان الله شاهه لطف ملڪاڻي ۽ ٻين اسسٽنٽ ڪمشنر کي پاڻي جون شڪايتون ڪيون ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين سان آبپاشي عملدارن پاران پاڻي بند نه ڪرڻ جي ڪيل واعدي ۽ لکت ۾ نه بيهڻ واعدو وفا نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر آئلپور باگومائينر جرڪس کوسڪي جي پوڇڙي جي پوڇڙي ۾ پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو. جتي به ماڻهن پاڻي کوٽ جون دانهون ڪيون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته پوڇڙ جي علائقن ۾ پاڻي جو وڏو ڏڪار آهي هتان جي ماڻهن سان وڏو ظلم آهي اها رپورٽ ٺاهي مان ڊپٽي ڪمشنر بدين کي ڏيندس. آبادگارن چيو ته اسان ٻيهر پنهنجي چوري ٿيل پاڻي جي جدوجهد جاري ڪري تحريڪ هلائينداسين جيڪا ڪنهن به ڪوڙي واعدي تي اعتبار نه ڪندا ۽ اسان پنهنجي چوري ٿيل پاڻي جي واپسي تائين ماٺ ڪري نه ويهنداسين