اهڙو قانون ٺاهيو جو پروجيڪٽ منظوري بعد ٺهي ته اهو ڊاھي نه سگھجي: چيئرمين آباد

0
178
اهڙو قانون ٺاهيو جو پروجيڪٽ منظوري بعد ٺهي ته اهو ڊاھي نه سگھجي: چيئرمين آباد
اهڙو قانون ٺاهيو جو پروجيڪٽ منظوري بعد ٺهي ته اهو ڊاھي نه سگھجي: چيئرمين آباد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعميراتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مالڪن واري تنظيم ”آباد“  جي اڳواڻ محسن شيخاني ٻين چيو آهي ته ڪنسٽرڪشن انڊسٽري بند ڪئي وئي هئي، اڄ وڏي وزير کي سڀئي مطالبا ٻڌائي ڇڏياآهن ڪالهه گورنر سان به ملاقات ڪري خدشن کان آگاهه ڪيو هو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  وڏي وزير مراد علي شاهه اسان جي ڳالهه  ٻڌي ۽ خاطري ڪرائي ته هو گڏ ويهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آھي

هن چيو آهي ته پنجاب جهڙي پاليسي جوڙي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ سي ايم اهو ڪابينا مان منظور ڪرائي گورنر ڏانهن موڪلڻ گهرجي، اهڙي قانونسازي ڪرائي وڃي ته جيڪو پروجيڪٽ منظوري بعد ٺهي ته اهو ڊاهي نه سگهجي

هن چيو ته پرامن احتجاج تي جيئن پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي اهو هنن کي ڪنهن حڪم ڏنو هو، ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي، جنهن هي به وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي

هن چيو ته ماسٽر پلان جوڙي جائز طريقي سان ڪم ڪندڙ کي تحفظ ۽ ناجائز ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اڱاري تي ٻيهر وڏي وزير سان گڏجاڻي رکي آهي جتي ٽيڪنيڪل عملو ويهندو،

هن چيو ته مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته هي مسئلا حل ڪيا وڃن، اسين قانون سازي چاهيون ٿا، جيئن قانوني حساب سان ڪاروبار هلندو رهي، انڊسٽري روڪڻ سان بيروزگاري وڌي پئي، ڪاميٽي جيڪا جوڙي وڃي ان ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران ڪراچي سميت سنڌ جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، گورنر عمران اسماعل چيو آهي ته ايف آءِ جا نوٽيس اسان کي ڏيو ۽ ائين اينٽي ڪرپشن بابت سي ايم چيو آهي ته اسان کي ڏيو

هن چيو ته حيدرآباد ۽ سکر سميت سنڌ ۾ مسئلا حل ٿين،  انهن تي قانونسازي ٿئي ته هي اهو شهر آهي جو هتان ٻيڻي آمدني ٿيندي ۽ روزگار ۾ فائدو ٿيندو، ڪراچي ۾ 300 پروجيڪٽ هلندڙ آهينجنهن سان روزاني 2.3 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا، هي ڪو اين آراو ناهي، جج جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ ڪميشن جوڙي وئي آهي، ايئن هتي به ٿيڻ گهرجي