انيل ڪپور طرفان پنهنجي زال کي ڇڏي ڪنگنا سان شادي جي خواهش

0
311

ڪراچي: بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور نه رڳو بهترين اداڪاري جي صلاحيتن جو مالڪ آهي پر ان سان گڏ مزاح  سان به مالا مال آهي، ڪرن جوهر جي شو ڪا ڪيفي وٿ ڪرن ۾ انيل ڪپور ساٿي اداڪار سنجي دت ۽ ڪنگنا رناوت سان گڏ شرڪت ڪئي، جنهن بابت ڀارتي ميڊيا تي هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي ته ان ۾ انيل ڪپور جي شادي جو ذڪر ٿيو

رپورٽ موجب شو ۾ ڳالهائيندي انيل ڪپور ڪنگنا رناوت سان شادي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، ڪرن جوهر انيل ڪپور کان پڇيو ته اها عورت ڪهڙي آهي جنهن لاءِ انيل ڪپور پنهنجي زال سنيتا ڪپور کي ڇڏي ڏيندو؟

انيل ڪپور فوري طور ڪنگنا ڏانهن اشارو ڪيو ۽ سندس نالو ٻڌايو ۽ چيو ته ڇا هي حيران ڪندڙ نه آهي؟ اداڪار جو جواب ٻڌڻ کان پوءِ ڪرن جوهر ڪنگنا کي صلاح ڏني ته يقيناً ڪنگنا کي اهو جواب ٻڌڻ کان پوءِ پريشان ٿيڻ گهرجي