جيڪب آباد: ريلوي ٿاڻي تان مڇريل ماڻهو بنا ٽڪيٽ واري نوجوان کي ڇڏائي ويا، اهلڪار زخمي

0
296
ڪرمپور ۾ جعفري-جتوئي

جيڪب آباد: جيڪب آباد ريلوي ٿاڻي  تي 50 کان 60 نامعلوم ماڻهن ريلوي ٿاڻي تي حملو ڪري اھلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد بنا ٽڪيٽ جي گرفتار نوجوان مير لاشاري کي ڇڏائي ورتو

 تشدد ۾ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو، ريلوي پوليس اسٽيشن تان نوجوان مير لاشاري کي پليٽ فارم ٽڪيٽ نه ھئڻ تي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو

 ريلوي ٿاڻي جي ايس ايڇ او آصف مغل موجب مير لاشاري کي پليٽ فارم ٽڪيٽ نه ھئڻ تي اسٽيشن تان گرفتار ڪري مٿس 36 سئو روپيا ڏنڊ ھنيو ويو ھو . 50 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهو ٿاڻي تي اچي نوجوان مير لاشاري کي ڇڏائي ويا، اعليٰ اختيارين کي واقعي بابت اطلاع ڏنو ويو آهي