جهلم (م ڊ) وزيراعظم عمران خان نالو کڻڻ بنا اڳوڻي وزيراعظم نواشريف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لاهور ۾ ججن جي سيمينار ۾ سپريم ڪورٽ کان سزا آيل شخص کي مهمان خاص بڻائڻ سا پيغام ويو ته ڌاڙو هڻڻو آهي ته وڏو ڌاڙو هڻو، پاڪستان ۾ رڳو ننڍا چور پڪڙيا ويندا آهن، چورن کي خراب ناهي سمجهو ويندو. جهلم ۾ القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪلونيل ازم سبب مسلمان دنيا ۾ ذهني غلام آهن ۽ اسان جي تعليمي نظام ۾ فرق ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيو. هن اولهه ڪلچر کي تباهي جو وڏو سبب قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي هن وقت يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت آهي، آئون پرائم منسٽر يونيورسٽي ٺاهي رهيو آهيان، جيڪا دنيا جي اعليٰ يونيورسٽي هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سياست ۾ جيترا به ماڻهو پهرين آيا، انهن کي ڪير نه سڃاڻيندو هو پر مونکي ماڻهو سياست ۾ اچڻ کان اڳ سڃاڻيندا هئا، ايماندار شخص گهڻين پابندين کان آزاد هوندو آهي، خود غرض ۽ ڊڄڻو انسان ڪڏهن به ليڊر نٿو بڻجي سگهي، سچو ۽ انصاف ڪندڙ ئي وڏو ليڊر بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن کي خراب نه سمجهندڙ معاشرو ڪڏهن نٿو هلي سگهي، جڏهن ليڊر ملڪ جو پيسو چوري ڪندو آهي ته ان تي الله جو عذاب ايندو آهي. عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي حوالي سان عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن بابت هڪ سيمينار لاهور ۾ ٿيو، ان ۾ سزا آيل شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو، جنهن ان کي سپريم ڪورٽ سزا ڏني، لاهور ۾ ججن جي موجودگي ۾ سيمينار ۾ سزا آيل شخص کي خصوصي مهمان طور گهرائڻ سان پيغام ويو ته ڌاڙو هڻڻو آهي ته وڏو هڻو، ڇاڪاڻ پاڪستان ۾ رڳو ننڍا چور پڪڙبا آهن‏، وڏا چور نه پڪڙيا ويندا آهن. هن چيو ته جنهن معاشري ۾ اخلاقيات نه هجي اهو تباهه ٿي ويندو آهي، نوجوانن جي سيرت النبي صلعم ذريعي اخلاقي تربيت ڪرڻي آهي.

اسلام آباد (م ڊ) عاصمه جهانگير فائونڊيشن لاهور سيمينار ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير تي حڪومتي تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو. عاصمه جهانگير فائونڊيشن پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته ڪانفرنس ۾ ڪنهن هڪ جماعت جو ساٿ يا جانبداري جو الزام رد ڪيون ٿا، ڪانفرنس جي روايت آهي ته پڄاڻيءَ جي سيشن ۾ اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن کي خطاب لاءِ گهرايو ويندو آهي. پڌرائيءَ موجب پهرين ڪانفرنس ۾ شيرين مزاري ۽ بلاول ڀٽو، جڏهن ته ٻي ۾ يوسف رضا گيلاني تقرير ڪئي، انهن تي ڪو اعتراض نه اٿيو، جڏهن ته نواز شريف جي تقرير کي بليڪ آئوٽ ڪرڻ موجوده دور ۾ اظهار جي آزادي تي سوال اٿاري ٿو، موجوده حڪومت اسحاق ڊار ۽ پرويز مشرف جون تقريرون نشر ٿيڻ ڏنيون، کين عدالت اشتهاري ڏئي چڪي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪانفرنس کي ٽارگيٽ ڪري حڪومت عدليا کي پيش اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عاصمه جهانگير ڪانفرنس عوام جي اسيمبلي آهي، ان کي سياسي رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي. عاصمه جهانگير فائونڊيشن چيو ته وڪيلن جو وڏو رنگ سمجهي ٿو ته نوازشريف کي مليل سزا سياسي نوعيت جي آهي. واضح رهي ته عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ نواز شريف جو خطاب رکڻ تي نه رڳو حڪومتي وزيرن پر وزيراعظم عمران خان پڻ تنقيد ڪئي آهي.