واشنگٽن/ڪابل (م ڊ) آمريڪا طرفان ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد پنهنجن شهرين کي امڪاني خطري کان خبردار ڪيو ويو آهي. افغانستان چيو آهي ته ايمن الظواهري تي ڊرون حملي ۾ آمريڪا جي مدد ڪندڙن کي پڌرو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي القاعدا جي سربراهه الظواهري جي آمريڪي حملي ۾ مارجڻ کانپوءِ پنهنجي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايمن الظواهري جي مرڻ کانپوءِ آمريڪي ملڪيتن ۽ شهرين تي حملو ٿي سگهي ٿو. آمريڪي مخالف جذبا وڌي سگهن ٿا جنهن کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ موجود آمريڪي هوشيار رهن، تازن اطلاعن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگرد تنظيمون خطي سميت سڄي دنيا ۾ آمريڪي مفادن تي حملي جون مسلسل رٿابندي ڪري رهيون آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا حملا آپگهاتي ڌماڪا، قتل، بم ڌماڪا، هاءِ جيڪنگ ۽ اغوا جي صورت ۾ ٿي سگهن ٿا

تنهنڪري آمريڪي شهري پرڏيهي سفر دوران انتهائي محتاط رويو اختيار ڪندي صورتحال کان مڪمل باخبر رهن. ٻئي طرف افغان حڪومت چيو آهي ته آمريڪا کي ڊرون حملي لاءِ جن جن ملڪن پنهنجون حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني انهن بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي چيو ته آمريڪا ڊرون حملو ڪري دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، طالبان حڪومت پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندي.