ڪراچي(م ڊ) القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد تنظيم جو ايندڙ سربراهه ڪير ٿيندو ان باري ۾ مختلف ماڻهن جا نالا گردش ڪري رهيا آهن. سڀ کان پهريون نالو مصري اسپيشل فورسز جو اڳوڻو آفيسر سيف العادل جو ورتو پيو وڃي. سندس سر تي آمريڪا هڪ ڪروڙ ڊالر انعام رکيو آهي هو 1981ع ۾ انور سادات جي قتل ۾ به ملوث هو. هو ويڙهاڪن جو ٽرينر هو. ٻيو نالو يزيد مبارڪ جو آهي جيڪو ابوعبيده يوسف النبي جي نالي سان به مشهور آهي.

ٽيون اميدوار عبدالرحمان مغربي آهي. جيڪو مراڪش جو رهواسي آهي ۽ ايمن الظواهري جو ناٺي ۽ القاعده جو سينئر ڪمانڊر آهي. سندس نالو آمريڪا جي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ به شامل آهي. آمريڪا کي گهربل ماڻهن جي لسٽ مان ايمن الظواهري جو نالو خارج ڪيو ويو آهي. جنهن بعد ساجد مير به انهن جي فهرست ۾ شامل آهي، هن جو واسطو پابندي پيل لشڪر طيبه سان به ٻڌايو وڃي ٿو. ٻين اڳواڻن ۾ اسماعيل مسلم علي، محمد احمد المنور، جابر اي البانيا، محمد علي حمادي به شامل آهن جيڪي آمريڪا کي گهربل آهن.