افغان صدر اشرف غني جي طالبان کي اقتدار ۾ ڀائيواري جي آڇ

0
609

ڪابل (ڊيسڪ رپورٽ) افغان صدر اشرف غني طالبان کي اقتدار ۾ ڀائيواري جي آڇ ڪري ڇڏي، پرڏيهي ميڊيا موجب صدر اشرف غني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪوئي به شخص جنگ ۽ تشدد جي ذريعي ماڻهن تي پنهجي خواهش نٿو مڙهي سگهي، هي ئي وقت آهي ته طالبان جنگ ڇڏي ڏين، هن چيو آهي ته طالبان پاور شيئرنگ جي لاءِ جهموري عمل ۾ اچن، افغانستان کي هڪ ڀيرو وري سنگين صورتحال جو مقابلو آهي، واضح رهي ته امريڪي صدر جوبائيڊن هلندڙ سال مئي کان افغانستان مان امريڪي فوج کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.