طلاق کانپوءِ ٻيهر شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو: جويريه عباسي

0
633

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪاره جويريه عباسي بطور سنگل مدر پنهنجو تجربو شيئر ڪري ڇڏيو، هڪ ويب شو ۾ پنهنجي طلاق ۽ ٻارڙيءَ جي پرورش جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو ڇو چوندا آهن ته سنگل مدر ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر منهنجي لاءِ هي هڪ پرجوش ڳالهه آهي، جويريه عباسي جو چوڻ هو ته اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي هي تصور ڪيو ٿو وڃي ته مڙس هجڻ ضروري آهي ۽ ٻار مرد ئي پاليندا، جڏهن ته مان هڪ اداڪاره آهيان، سٺو ڪمايان ٿي، منهنجو رهڻ جو انداز به سٺو آهي، مان ايترو ڪمايان ٿي جو پنهنجي اولاد کي سٺي طريقي سان پالي سگهان ٿي ۽ طلاق کانپوءِ ٻيهر شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.