ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) افغانستان جو اسٽار ڪرڪيٽر راشد خان آءِ پي ايل ۾ فٽ هو پر سري لنڪا خلاف قومي ٽيم کي جوائن ڪندي ئي انفٽ ٿي ويو آهي ابتدائي ٻن ون ڊي ميچن کان ٻاهر ٿي ويو آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب راشد خان کي چيلهه جي هيٺين حصي ۾ تڪليف آهي اميد آهي ته 7 جون تي آخري ون ڊي ۾ شرڪت ڪندو. آءِ پي ايل ۾ راشد خان سڀ کان وڌيڪ 27 وڪيٽون ورتيون هيون.