ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم جي پويان سڄو ڪم ڪامران مظفر جو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اڳوڻي سليڪشن ڪاميٽي ظاهري طور ون مين شو هئي پر ان جي پويان ڪيترائي ماڻهو هئا. هن چيو ته اڄ سليڪشن ڪاميٽي جو ميمبر حسن چيما جنهن جاءِ تي ڪم ڪري رهيو آهي ان جاءِ تي ڪامران مظفر هو پر کيس سامهون اچڻ نه ڏنو ويو. سليڪشن جي حوالي سان وسيم جينئس هو، سندس ڪاميٽي جي چونڊيل ڪافي ڪامياب رهي.