لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ تعلقي جي شهر رحماني نگر جي جانوري پاڙي جي رهواسي پيرسن پورهيت مبينا اغوا ٿي ويل ڌيءَ ۽ ڏوهٽي جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت محمد حنيف چانڊيو پنهنجي ڌيءَ شازيه سان گڏجي دانهيندي چيو ته ناٺي نادر علي چانڊيو ڌيءَ کي بيگناهه معمولي ڳالهين تان تشدد جو نشانو بڻائي خرچ نه ڏيندو هو، شڪايت تي عدالت ڌيءُ کي بازياب ڪرائي اسان حوالي ڪئي، گذريل 16 مئي تي ناٺي نادر چانڊيو پنهنجي پيءُ سڄڻ، ڀاءُ ذوالفقار، سئوٽن عزيز، صدام چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي منهنجي ڌيءَ فوزيه کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا. اهڙي واقعي جو ڪيس مون رحماني نگر ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن تي پوليس سڄڻ چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڌيءَ کي بازياب ڪرائي سگهي جنهن ڪري ڌيءَ ۽ سندس معصوم پٽ جي حياتين کي جوابدارن مان خطرو آهي خدشو آهي ته کين قتل ڪيو ويندو. هن وس وارن کان ڌيءُ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو.