اعظم سواتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان رياستي ادارن خلاف مهم هلائي:عدالت

0
279
اعظم سواتي ٽوئيٽر اڪائونٽ

تڪراري ٽويٽ ڪيس ۾ گرفتار اعظم سواتي کي وڌ کان وڌ عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، اسپيشل سينٽرل جج اسلام آباد جي عدالت اعظم سواتي جي ضمانت رد ٿيڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي پنهنجي ٽويٽر اڪائونٽ تان رياستي ادارن خلاف مهم هلائي، هن پاڪ فوج جي آفيسرز خلاف بغاوت ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي

عدالت جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي رياستي ادارن خلاف بغاوت تي ٻڌل ٽويٽس ڪيترائي ڀيرا جاري ڪيا، هن عوام کي ادارن جي خلاف ڀڙڪايو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي تي لڳل قلمن تحت کيس گهٽ ۾ گهٽ 7 سال ۽ وڌ کان وڌ عمر قيد جي سزا ملي سگهي ٿي، اعظم سواتي هڪڙو ئي ڏوهه بار  بار ورجايو، تنهن ڪري سندس ضمانت واري درخواست خارج ڪئي وڃي ٿي

هي به پڙهندا

اعظم سواتي هڪ ڏوهه ٻه ڀيرا ڪيو، سزا جو حقدار آهي: عدالت