اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف هڪ نئون يوٽرن استعيفائن جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ بدران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ استعيفائن جي منظوري لاءِ اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ قيادت پاران اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي استعيفائن جي منظوري لاءِ اسپيڪر آڏو پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائن لاءِ اڄوڪي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي، هن چيو ته حڪومت جلد بازي ۾ اجلاس گهرائي سازشي ذهن جو مظاهرو ڪيو آهي، هڪ ڏينهن اجلاس ملتوي ڪرائي ٻئي ڏينهن تي تڪڙ ۾ اجلاس طلب ڪيو ويو، اهو حڪومت جي سازشي ذهن جي عڪاسي ڪري ٿو، هوڏانهن ذريعن موجب پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو خيبر پخوپختونخوا هائوس اسلام آباد ۾ اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ استيعفائن بابت حڪمت عملي کي حتمي صورت ڏني ويندي.