اشو آف دي ڊي نيوزيلينڊ وارن رضوان ۽ بابر جي تياري ڪئي پر پيپر ۾ آصف ۽ شعيب جا سوال ڏنا ويا

0
187
اشو آف دي ڊي نيوزيلينڊ وارن رضوان ۽ بابر جي تياري ڪئي پر پيپر ۾ آصف ۽ شعيب جا سوال ڏنا ويا

 ٽي 20ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح جو سلسلو جاري آهي پاڪستان نيوزيلينڊ کي خلاف فتح حاصل ڪئي ته پاڪ ڀارت ميچ وانگر هن ميچ تي به دلچسپ تبصرا ٿيندا رهيا ۽ سوشل ميڊيا تي صارفين نيوزيلينڊ ٽيم کي سيڪيورٽي ياد ڏياريندا رهيا، اتي وري مهانگائي وسارڻ جي ڳالهه به ڪندا رهيا.

سيڪيورٽي ٽاپ ٽرينڊ رهيو، شبير ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوام کي صرف ڪرڪيٽ ميچ ڏيکاري بيوقوف بڻايو پيو وڃي پهرين نومبر کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ مهانگائي جو بدترين باب شروع ٿيندو، ذوهيب اعواڻ ايس ٽي ايس آءِ بي آءِ ٽيسٽنگ گروپ ۾ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ وري نيوزيلينڊ وارن رضوان ۽ بابر جي تياري ڪئي پر پيپر ۾ وري آصف علي ۽ شعيب ملڪ جا سوال ڏنا ويا،

زارو روئندڙ عورت جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيوزيلينڊ جي ڪال آئي هئي سيڪيورٽي اشو ناهي رهي، ريحان خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ويجهو آهي، عمران خان کي نا اهل قرار ڏئي بابر اعظم کي وزيراعظم ڪرڻ جون تياريون پيون هلن. مقبول احمد لکيو ته ڪرڪيٽ زنده آباد، مهانگائي زنده آباد، عوام مرده آباد، شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان زنده آباد، پيٽرول، سبزيون ۽ ٻيون سڀ شيون مهانگيون، رپيو بنگلاديشي ٽڪي کان به سستو، انڊيا نيوزيلينڊ کان ميچ ته کٽي وياسين، تاڙيون، جنهن تي اياز کوسو لکيو ته ۽ تاج به پارايون پيا،

مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته پهرين نومبر تي خبر پوندي، عرفان علي لکيو ته عوام به ان ۾ ئي خوش آهي ميچ جي بهاني پهرين تاريخ تي پيٽرول به مهانگو ڪندا، عوام ويچارو تاڙيون وڄائي ميچ ڏسي، رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪرڪيٽ راند هاڻ ڪو نه ڏسان پر نيوز تي خبر ٻڌم ته پاڪستان نيوزيلينڊ کان کٽي ويو، خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته اها ٽيم ايئن بناجواز هلي وئي هئي پاڪستاني رانديگرن پلاند ورتن، اميت گيمناڻي نيوزيلينڊ ٽيم جي پليئر جي رن آئوٽ واري تصوير شيئر ڪئي جنهن تي لکيو هو ته چيو هو نه ته ٻاهر نه نڪرجان،

سيڪيورٽي گهڻي سخت آهي. گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏھن دُبئيءَ ۾ سيڪيورٽيء جو مسئلو نه هو ته آصف علي کي بيٽ ڏئي ڇالاءِ موڪليو ويو، سيڪيورٽي رسڪ ڄاڻائي دُبئي ڇڏيون، يا آءِ سي سي کي اپيل ڪريون ته آصف علي جي ڏاڍ مڙسي جو نوٽيس وٺي، ڪيوي ٽيم ٻُڏتڙ جو شڪار. جويو ساجد علي لکيو ته سيڪيورٽي جو مسئلو حل ٿي ويو، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪئي ته کٽي ويا کٽي ويا جهمر هڻو،

پيٽرول سستو ٿو ٿئي ان خوشي ۾، روميصه ملڪ لکيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ڀائي، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته جيستائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کٽندي رهندي تيستائين مهانگائي کي ياد نه ڪندس. ساديه ڀارتي ۽ ڪيوي ڪپتان جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڀارتي ڪپتان ڪيوي ڪپتان کان پڇي ٿو ته ڪيترا ماڻهو هئا، جنهن تي ڪيوي ڪپتان چوي ٿو ته 7، ڀارتي ڪپتان چوي ٿو ته اسان ڀيري ته 2 هئا، ڪيوي ڪپتان جواب ڏئي ٿو ته اسان جو ٿورو سڪييورٽي جو مسئلو هو. حمنه سليم لکيو ته هو بابر، رضوان ۽ شاهين جي تياري ڪري آيا پر شعيب، آصف ۽ حارث رئوف آئوٽ آف سليبس اچي ويا.