سوال/سروي پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيو ته غريب ماڻهو پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ويندا، عمران خان مهانگائي گهٽائي يا ڪرسي خالي ڪري: عوام

0
151
پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيو ته غريب ماڻهو پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ويندا، عمران خان مهانگائي گهٽائي يا ڪرسي خالي ڪري: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مهانگائي جو 70 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 3 سالن ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ٻيڻ تي وڌي ويا، پيٽرول وڌيڪ 8 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت جي اهڙي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نااهل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي،

تبديلي سرڪار تباهي آڻي ڇڏي آهي، تبديلي سرڪار عرف تباهي سرڪار ٻه سال وڌيڪ رهي ته سئو سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگائي ٿي ويندي. پيٽرول اڃا مهانگو ٿيو ته مهانگائي وڌڻ ڪري عوام پاڻ کي ماريندو، خان صاحب کي ڪرسي خالي ڪري ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، مهانگائي جي ڪري روز ڪيترائي ماڻھو خودڪشيون پيا ٿا ڪن، هن حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري يا ڪرسي خالي ڪري، ٻي ڪا حڪومت اچي عوام سک جو ساهه کڻي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته پي ٽي آءِ تبديلي  جي نالي ترقي نه پر اھا تباھي ڏني آھي جيڪا تباھي اسان جا نسل به ياد ڪندا، عبدالغفور سروهي لکيو ته منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي پر مونکي ايندڙ وقت ڪافي بهتر نظر اچي رهيو آهي، تمام وڏو ۽ تعميري ڪم پيو ٿئي، قوم صبر ڪري، گل حسن شر لکيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي ٽن سالن کان صرف مخالفن کي دٻائڻ جي رھي آھي عوام بک پيو مري، افغانستان لاءِ امداد جا اعلان پيا ڪن،

خادم گهراڻو لکيو ته هن حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ماڻهو مهانگائي جي ڪري ٽيڻ تي شيون وٺڻ تي مجبور آهي جيڪڏهن اڃا به تيل مهانگو ٿيو ته مهانگائي وڌندي ته ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ماريندو ٻي ڪا حڪومت اچي عوام سک جو ساهه کڻي، گلزار ملاح لکيو ته وفاقي حُڪومت غريب دشمن حڪومت ثابت ٿي آهي، مان حيران آھيان ته غريب گُذارو ڪيئن ٿو ڪري ؟ خالد ميمڻ لکيو ته پي ٽي آءِجي حڪومت انتهائي نالائق ۽ نااهل حڪومت ثابت ٿي آھي، مهانگائي جي ڪري روز ڪيترائي ماڻھو خودڪشيون پيا ٿا ڪن،

هن حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري يا ڪرسي خالي ڪري، پي ٽي آءِ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ته ناهي ڪيو پر اڃا پيٽرول اضافو ڪيو ويو ته غريب ماڻهو خودڪشيون ڪندا، خاموش خليل شر لکيو ته مهانگائي ملڪ ۾ عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هر شي جي قيمتن کي کي باھه لڳل آھي، اڃا به پيٽرول مهانگو ٿيو ته عوام روڊن تي نڪرندو پوءِ ڳالهه حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويندي،

عبدالوحيد چنا لکيو ته دراصل ھي حڪومت آءِ ايم ايف جي ڏنل قرض تي ھلي پئي ۽ مھانگائي ڪرڻ آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ شامل آھي ھن حڪومت رڪارڊ مھانگائي ڪري 74 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو غريبن جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آھي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته شين جا اگهه ٻڌي غريب ماڻهو جا هوش خطا ٿي وڃن ٿا، رائو محسن لکيو ته پيٽرول ھڪ ليٽر تي 5 کان 8 روپيو مھانگو ٿيندو آيو آهي پر روزمره استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۽ کاڌي ،پيتي جي قيمتن ۾ واپارين ،دڪاندارن طرفان ٻيڻ تي اضافو ڪيو وڃي ٿو ،غريب ۽ مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي، ڌڻي بخش ڪيهر لکيو ته الله پاڪ هن حڪومت کان جلد نجات ڏياري، منظور زرداري لکيو ته عوام خودڪشيون پيو ڪري، جاويد احمد لکيو ته حڪومت وس نه گهٽايو آهي مهانگائي وڌائڻ ۾،. الطاف کوڙ لکيو ته جيڪڏھن ھاڻي ائين ٿيو ته غريب ماڻهو خودڪشيون ڪندا . وفاقي عوام کي رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي،

عطامحمد شر لکيو ته مهنگائي صرف پاڪستان ۾ ناهي هي عالمي سطح تي آهي عمران خان جي جاءِ تي اگر ٻيو ڪو وزيراعظم هجي ڇا اهو پنهنجي کيسي مان عوام کي رليف ڏيندو؟ گڙڌاري لال لکيو ته عمران خان جي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، بلاول ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي ڪري تمام گهڻو پريشان آهيون، آسودومل لوهاڻو لکيو ته وفاقي حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي ٻڙي آھي هنن عوام کي بک بدحالي بيروزگاري مهانگائي جي باھ ۾ اڇلي ڇڏيو آهي روزانو تيل جا اگهه وڌائي رهيا آهن هنن کي غريب ماڻهن جو ڪو به احساس ناهي، طارق راڄپر لکيو ته نااهل حڪمرانن مان الله ئي جان ڇڏائي،

عبدالرحمان چانگ لکيو ته وفاقي حڪومت کان عوام بيزار ٿي چڪو آهي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته وفاق حڪومتي سان ھاڻي لڳي ٿو سوڊان وارو ڪم ٿيندو عوام ھاڻي تنگ ٿي چڪو آھي، رمضان علي لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ ۾ غريب طبقو 2 ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن، راسومل لکيو ته هاڻي ته خان صاحب کي ڪرسي خالي ڪري ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. نواب ظفر جروار لکيو ته غريب ماڻهن ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي، نورمحمد ڪنڀر لکيو ته اڃا مهانگائي ٿيندي،

ابرار حسين سرگاڻي به سروي ۾ حصو ورتو،موهن لال ۽ عامر علي تيوڻو لکيو ته عوام پريشان آهي، امير حسن گشڪوري لکيو ته وفاقي سرڪار غريب عوام کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي هر 15 ڏينهن تيل جا اگهه وڌڻ سبب کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته علائقن ۾ امن امان جي صورتحال پڻ خراب ٿي سگهي ٿي نااهل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي، لقمان رند لکيو ته بس هن حڪومت ۾ غريب مزدور ٻن ويلن جي ماني لاءِپريشان آھي، بشير ميراڻي لکيو ته تبديلي سرڪار عرف تباهي سرڪار ٻه سال وڌيڪ رهي ته سئو سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگائي ٿي ويندي.

عثمان سنڌي حڪومتي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، شفقت جروار لکيو ته عوام جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي حڪومت کي سوچڻ کپي، ساحل عالياڻي لکيو ته هاڻي عوام کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ هي تبيدلي سرڪار پاڻ مجبور پئي ڪري، مجاهد رند لکيو ته عمران خان جو بيان صحيع ثابت پيو ٿئي ته سڪون صرف قبر ۾ آھي. شبير حسين ڀوت لکيو ته خان صاحب ٻن سالن لاءِ ڪرسي منهنجي حوالي ڪري، سستائپ نه ڪريان پوءِ چئجو، اظهر علي لکيو ته جڏهن کان تبديلي سرڪار آئي آهي شين جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن،

ڪاشف ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي ذميوار سرڪار آهي، مظهر عباسي لکيو ته وفاقي حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي ايتري مھانگائي ٿيڻ جي باوجود اپوزيشن جي خاموشي سان ڪئي سوال ظاھر ٿين ٿا. ساگر علي رضا لکيو ته عمران خان کان فوري طور استعيفا وٺي ان خلاف عدالتي ڪارروائي ڪئي وڃي، عثمان پنهور لکيو ته لاقانونيت آهي، ديپڪ باغي لکيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، غلام قادر ڀنڊ لکيو ته الله هنن کي هدايت ڏيندو. عبدالسلام جان، سردار ايم اي لنجو، شاهد بلوچ، سميع الرحمان، ابراهيم مخدوم، وقار حسين، اشفاق پنهور، زاهد باجڪاڻي، سيد سرور شاهه، نياز سومرو، حبيب الله عمراڻي ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.