اشو آف دي ڊي مڪاني چونڊ سنڌ جي سياسي انفرا اسٽرڪچر کي لوڏي ڇڏيو، پ پ قيادت هاڻ سوچڻ تي مجبور ٿيندي: عوام جو ردعمل

0
190
اشو آف دي ڊي مڪاني چونڊ سنڌ جي سياسي انفرا اسٽرڪچر کي لوڏي ڇڏيو، پ پ قيادت هاڻ سوچڻ تي مجبور ٿيندي: عوام جو ردعمل

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪالهه به سوشل ميڊيا تي تبصرا جاري رهيا، ان حوالي سان الطاف خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيپلز پارٽي جو المناڪ زوال ته ڏسو، ڪو زمانو ھو جو پ پ ڪنھن پٿر جي بت کي بيھاري ته اھو به کٽي ويندو هو، ھاڻ دھشتگردي، اغوا، پئسو، ماڻھن جو قتل ڪرڻو پوي ٿو، گلشير احمد بجاراڻي لکيو ته شهدادپور ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ڪوڙا ٺپا هنيا ويا، هنن کي جيڪو خوف هو اهو ڏسڻ وٽان هو، هاڻ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هنن کي مڪمل طور ناڪام ڪنداسين، آزاد ارباب لکيو ته اسان وٽ ته بيلٽ باڪس ئي کڻي ويا مس مس وڃي بچاياسين. شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪالھه واري بلدياتي چونڊ سنڌ جي سياسي انفرا اسٽرڪچر کي لوڏي ڇڏيو آهي. جنهن تي صدام ڪنڀر لکيو ته بلڪل ڪالهه پ پ اندر خوف ڏٺو، منيش ڌراڻي لکيو ته ڪٿي لڏيو هو، علي ڪامران لکيو ته پ پ سڀني مان هوا ڪڍي ڇڏي سڀ پارٽيون هڪ پاسي پ پ هڪ پاسي آهي، عرفان گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آغا سراج دراني شڪارپور ۾ گهر جي پولنگ هارائي، جميل سومرو لاڙڪاڻي مان گهر جي پولنگ هارائي، منظور وساڻ ڪوٽ ڏيجي مان پولنگ هارائي، ان جاءِ تي گڏھ گاڏي وارو ۽ بريانيءَ وارو کٽي ته ان کي تبديلي چئبو آهي. جنهن تي برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلڪل صحيح، تبديلي جو عمل شروع ٿيو آهي پر نتيجا آهستي آهستي ظاهر ٿيندا، هاڻ وقت گهڻو پري ناهي.

عامر عباس جتوئي لکيو ته خوشفهمي آهي في الحال، سرمد علي لکيو ته جميل سومرو پهريان ڪڏهن کٽيو آهي، جميل سومرو پنهنجا لفظ ياد ڪري جيڪي عوام لاءِ اُن ڳالهايا هئا هنن پنهنجي ڪردار ۽ لفظن جي ڪري مار کاڌي آهي. هاڻي اسان جو سنڌي عوام جاڳيو آهي اسان کي پنهنجي سنڌ جي جوانن تي فخر آهي. محمد علي لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ائين ئي ٿيڻ گهرجي ها، رفيق ملاح مانجهند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شايد ڪو وقت هو جو اليڪشن پارٽي ليول تي ٿيندي هئي هاڻ ته جيڪو ڏاڍو سو گابو واري طرز تي اليڪشن ٿئي ٿي، شعور سجاڳي هجي ها ته عاصمه ابڙو فوزيه سينگار حسن عباس اڪثريت سان کٽين ها، جنهن تي نديم مگسي لکيو ته وڏا اپ سيٽ ٿيا آهن ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جو ڀاءُ  محمد خان جوڻيجو جو چاچو مرتضيٰ جوڻيجو پنھنجي گھر ٽنڊو آدم مان پ پ جي ٽڪيٽ تي بري طرح ھارائي ويو، وڏا بت ڪريا آھن پ پ جي قيادت ھاڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي، وڏو انقلاب آيو آهي ھاڻ ماڻھن وڏيرن جي اڳيان ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي. سي آر سنڌي لکيو ته هن ڀيري وڏيرن جا پگهر نڪتا آهن، اها به شعور جي فتح آهي،

فوزيه سينگار ۽ عاصمه ابڙو وٽ سرڪاري مشينري نه هئي نه ئي ووٽ خريد ڪرڻ جيترا پئسا هئا پوءِ به مقابلو ڪيو اٿن، ايس تنها ساجد لکيو ته حڪومت به انھن جي پوليس به انھن جي عمران خان چئي چڪو آهي صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي ته پ پ ھڪ سيٽ به نه کڻي سگھندي پر افسوس ڏاڍ ۽ جبر سان اليڪشن کٽڻ  کي فتح جو لقب نٿا ڏئي سگھون، افروز ڪٽپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيئي پورهيت، نواب ولي محمد يونين ڪائونسل احمد ٻگهيو ۾ برياني وڪرو ڪندڙ عمران ڪامياب ٿيو آهي، شاهد ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته “سنڌ ڪروَٽ مٽائي پئي” ڀوتار پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ضياءُ کان وٺي مشرف، ۽ پ پ کان وٺي پي ٽي آءِ تائين سڀني پارٽين جي اسٽيج جو مزو وٺن ٿا، پر عوام کي وري ابن، ڏاڏن کان ذاتي جاگير سمجهي پنهنجي بنگلن سان جوڙي رکن ٿا، اسان کي هاڻي وڏيرا، نه آزاد حيثيت ۾ قبول آهن، نه وري کين پ پ ۾ شامل ٿيڻ سان ووٽ ڏبو.  سنڌ جي عورتن به پ پ جي لٺ سردارن ۽ بندوق بردار ڀوتارن سامهون اکيون ملائي جيڪا مهم هلائي آهي اها اتساهه کان گهٽ ناهي.

ثاقب علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  گھوٽڪي ۾ ناٺي ساجد ڪولاچي پاران سُھري عبدالغني کي شڪست ڏني آهي جنهن تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن.لياقت علي پوسٽ شيئر ڪئي ته سراج دراني پنهنجي شهر جي پولنگ هارائي ويو، گلشن لغاري ۽ خليل ڀرڳڙي پوسٽ شيئر ڪئي ته اڄ هٿين خالي ماڻهن وڏي ويڙهه ڪئي آهي، هي سبق اٿوَ ٻي مرحلي جي اليڪشن لاءِ، نور رمضان راڄپر پوسٽ شيئر ڪئي ته ٺاروشاهه ۾ پ پ کي شڪست، 5 ئي وارڊن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا ٻن وارڊن تي پ پ ڪاميابي ماڻي. نظام ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪئي ته باڊھ مان پ پ جي تڏا ويڙھ ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ ووٽرن کي جھولي ڀريل واڌايون، جنهن تي اختر علي چنا لکيو ته نون چونڊجي آيل سڀني دوستن کي واڌايون هجن. گڏوگڏ اها به گذارش آهي ته وڌ کان وڌ شهر جي ترقيءَ تي ڌيان ڏيندا. رفيق ثمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ فيوريٽ اميدوارن جا ابتڙ نتيجا سامهون آيا. شھدادڪوٽ ۾ جدوجهد جي علامت بڻيل پ پ (شھيد ڀٽو) اڳواڻ منير بروھي ,ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ حيات تنيو,ايس يو پي اڳواڻ راجا رميز تنيو، پ پ( شھيد ڀٽو ) اڳواڻ وزير کوسو ۽ ايڊوڪيٽ فضيلا خاراني دلچسپ مقابلي بعد ھارائي ويا. رزاق عاصي ۽ سيف جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته او اٽل آدمي،

ڪنڌ پڪڙي ته ڏس شينهن ٻڪري اٿئي،

لٺ ڦيري ته ڏس نانگ نوڙي اٿئي،

سور سختيون ڏسي دل شڪستو نه ٿي

پير ٻوڙي ته ڏس باھ پاڻي اٿئي..(اياز) خيرپور ۾ گڏھه گاڏو هلائيندڙ پورهيت گلشن شيخ جي نياڻي پروين شيخ پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي ڇڏي، سنڌ تبديل ٿي پئي. فاروق اعظم ميرجت ۽ ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پوسٽ شيئر ڪئي ته اها فتح ناهي ته ٻيو ڇا آهي، قاضي احمد ڀرسان نواب ولي محمد جي علائقي مان ايس يو پي جو اميدوار جيڪو پورهيت آهي ۽ برياني کپائيندو آهي ان پ پ جي اميدوار کي شڪست ڏئي ثابت ڪيو آهي ته توهان حقيقي محنت ڪريو پنهنجي اصولن تي بيٺل رهو فتح توهان جي آهي،  ٻيو هڪڙي خوشي اها به ٿي ته بحريه ٽائون واري ڪيس ۾ سلڇڻو نوجوان رضوان انصاري لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي، stp اڳواڻ ڄام فتاح سميجو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ سرتاج چانڊيو سميت ڪيترائي قومي سوچ رکندڙ هن اليڪشنن ۾ ڪامياب ٿيا آهن، تمام گهڻين ڌانڌلين باوجود ڪافي سيٽن تي پيپلزپارٽي کي شڪست آئي آهي، اهو ڏک آهي فوزيه نوناري، عاصمه ابڙو جي هارائڻ جو پر انهن کي سلام جن للڪار ته ڪئي، يونس ٽالپر کي به شابس هجي جنهن تمام بهترين اليڪشن وڙهي، هارائڻ کٽڻ ڪو مسئلو ناهي پر للڪارڻ تي سڀني کي سلام هجي. مجيد زرداري پوسٽ شيئر ڪئي ته اليڪشن کٽي اچڻ کانپوءِ ماڻھن جا جائز مسئلا حل ڪري دليون به کٽيو ته واھ واهه ٿي وڃي.