Criminal Appeal 51 of 2018

تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي!

 

منهنجي ڪيس ۾ هڪ مُشير حبيب الرحمٰن ڇلگري يا حبيب الله ڇلگري جنهن ڪورٽ کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته آئون ڪوڙو بيان نه ڏيندس، پر افسوس حبيب ڇلگري کي ٻڌو ئي نه ويو، اُن کي سُرخ سلام پيش ڪريان ٿو. مرحوم هاڻ هن دنيا ۾ ناهي پر منهنجي دل جي دنيا ۾ هميشه ياد رهندو. ان کان سواءِ عرفان ڪهيري نالي هڪ مشير به ڪوڙ ڳالهائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جي جواب ۾ مدعي چيو هو ته عرفان آصف ڇلگريءَ جي ڊپ کان بيان کان ڦري ويو آهي، عرفان نالي جي اُن مشير سان منهنجي ڪڏهن به ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، بس هُن عدالت جي ڪمري جي ٻاهر مون کي چيو هو ته آصف تون ته تون ماشاءُالله هنڊسم نوجوان آهي، جنهن تي مون هن کي چيو هو ته اهو توهان کي اکين جو ڪمال آهي. پر ڪاش اهي اکيو سچ کي ڏسي سگھن ۽ حق جو ساٿ ڏين، هُن حق جو ساٿ ڏنو ان لاءِ ان کي به سلام. آئون توهان کي ٻي ڳالهه ٻڌايان ته پهريان 2001ع واري دور ۾ جڏهن ڪو جج فيصلو ٻڌائيندو هو ته ان کي اها خبر هوندي هئي ته اهو فيصلو اڄ ئي هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بئنچ به پڙهندي ان لاءِ هو سوچي سمجھي فيصلو ڏيندا هئا، ڇو جو انهن کان پڇا به ٿيندي هئي، پر هاڻ ايئن ناهي، هاڻ معزز ججن کان مٿين ڪورٽ ان صورت ۾ پڇندي آهي جڏهن جوابدار پٽيشن داخل ڪري. آئون انهن ئي خيالن ۾ ويٺو هئس ته ماڙي تي ملاقات جي پرچي اچي وئي. ميرپور بٺورو مان ڏاڏو اسماعيل شورو صاحب ۽ پيارو ڀاءُ صحافي مختيار علي زنئور صاحب ڪجھه مهمانن سان گڏ نظر اچن ٿا جن کي ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ڪريان ٿو. هو مون کان سواءِ سائين اسلم خيرپوري صاحٻ کي به گھرائين ٿا. هڪ سيد زادو مون کان پڇي ٿو ته اديب صاحب ڇا توهان تي جيڪو ڪيس آهي اهو سچو آهي؟(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان!

 

(حصو پنجون)

آئون جڏهن به هُن سان ملڻ ڦاهي گھاٽ ويندو آهيان يا انهن جي کولين وٽان لنگھندو آهيان ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنهن قبرستان جي وچان گذري رهيو آهيان. هر طرف خاموشي ڇانيل رهندي آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اتان جي گلن ۾ اها خوشبو ناهي رهي، جنهن گلن جي خوشبو تنهن وقت پري پري تائين محسوس ٿيندي هئي. هاڻي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهي ٻوٽا ئي سُڪي ويا هجن، جيڪي خوشبو ڏيندا هئا. جن ٻُٽن ۾ گل ٿيندا هئا، جن گلن وچ ۾ منهنجي دوست امام الدين قمبراڻي به ڦاهي گھاٽ ۾ رهيو، جنهن کي 2019ع ۾  جسٽس ارشاد علي شاهه جي عدالت کيس ڦاهي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري هن کي ڦاهي گھاٽ تان لاٿو. امام الدين کان سواءِ ٻيا به ڪافي قيدين جي ڦاهيءَ جي سزا عمر قيدي ۾ تبديل ٿي جن ۾ دوڙ شهر جو نياز ڀٽي کي پوليس 23/6-2012 ۾ بي گناهه گرفتار ڪري 19.07.2016ع ۾ نوابشاهه هاءِ ڪورٽ مان ڪوڙن شاهدين عيوض ڦاهي جي سزا ڏياري نوابشاهه کان حيدرآباد سينٽرل جيل  موڪليو ويو هو. جيڪو 8 سال ڦاهي گھاٽ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ سندس سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿي.اهڙيءَ ريت فيض محمد بروهي کي ڄامشورو پوليس 15.03.2008ع ۾ قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري بعد ۾ هن کي ڪوٽري ڪورٽ مان ڪوڙين شاهدين عيوض 29.07.2011 تي ڦاهي جي سزا ڏياري سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو. فيض بروهي ڄامشورو شهر جي ڳوٺ لاکو فقير سان تعلق رکي ٿو. سندس رهائش سينڊوز ڪمپنيءَ جي لڳ ڀڳ آهي. ڦاهي گھاٽ ۾ رهندڙ دوستن مون کي ٻڌايو ته جڏهن جهاز هاءِ جيڪر شاهه سوار ۽ سندس ساٿين کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ موت جي سزا ڏني وئي ته اهي پنهنجي کوليءَ کان وٺي تختئه دار تائين نعره تڪبير جي صدا بلندا ويا. هنن سڀني دوستن کان سواءِ به ڪافي قيدي اڃا ڦاهي گھاٽ ۾ موجود آهن.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

سنڌ ۾ غريب جو ٻار ڪنهن جي سهاري جيئي؟

 

غريب جو ٻار مٽي کائيندو ته چوندا بُک بڇڙيو ڪيو اٿس، بک کان ٿو کائي، غريب ۾ سَو عيب هجن پر غريب جا عيبَ جلد ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اميرن جا عيب دولت ۾ ڍڪجي ويندا آهن، اسان جي معاشري ۾ غربت هڪ وڏي لعنت سمجهي ويندي آهي، جڏهن ته اسان جي رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي جنهن جو مفهوم آهي ته يارب مون کي غريبن ۾ رهاءِ ۽ ڏينهن قيامت جي غريبن منجهه اٿارجان، پر هت ته غريب کي تمام حقير نظر سان ڏٺو ويندو آهي، اسان جي معاشري ۾ موجوده دور ۾ ته غريب جي ته نه عزت رهي آهي، نه مانُ ۽ اهميت. ڪنهن به ماڻهو جي سٺي ۽ خراب جو معيار به پئسو ٿي ويو آهي، اسان جي معاشري جو ته اهو حال آهي جو ايئن چوڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃون ته غريب نه ڃمي نه مري، هن دور ۾ غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير امير ترين ٿيندو ٿو وڃي، جنهن جو اهم سبب معاشرتي ناانصافي آهي، ٻئي جو احساس نه آهي، ٻئي پاڙيسري ماڻهو جي تڪليف کي محسوس نٿو ڪيو وڃي، امير ماڻهو دعوتون ڪرڻ ۾ پورا آهن ته جيئن پنهنجا لاڳاپا ٺاهي سگهجن ۽ انهن لاڳاپن کي استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪيا وڃن. اچوڪو امير ماڻهو صرف پنهنجي مفادن جو کاٽو آهي باقي غريب ۽ مسڪين جو هتي ڪير به ڪونهي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ڪاڇي ۾ برسات رحمت بدران زحمت بڻجي وئي!

 

برسات قدرت جي مليل تحفن مان هڪ آهي، جتي برساتي موسم ۾ مقامي توڙي ٻاهران ايندڙ سياح خدا جي خوبصورت منظرن مان تفريح جو ڀرپور مزو ماڻيندا آهن، جنهن سان اسان جي علائقي جي ماڻهن جو روزگار ٿيندو آهي، بيروزگاري ختم ٿيندي آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ برساتي موسم ۾ وري سمورا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن. آمدرفت جا سمورا روڊ رستا بند ٿيو وڃن، اهڙي صورتحال ۾ ڪو سياح ڪاڇو کيرٿر يا گورک تي گهمڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. مقامي ماڻهو پڻ ايمرجنسي يا عام حالتن توڙي عام واهپي جي شين جي اگهمن ۾ اضافي سبب سخت پريشاني جي ور چڙهيو وڃن، ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي جا سمورا روڊ رستا صرف هڪ ڀيرو هڪ سال جي بجيث مان پوري ايمانداريءَ سان مرمت يا نئين سر تعمير ڪرائي علائقي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪا منصوبابندي جوڙي وڃي، جنهن سان اسان جي اقتدار ڌڻين جو پنهنجو فائدو ۽ پنهنجي پڻ نيڪي ٿيندي، گڏوگڏ واپار توڙي روزگار سبب علائقي ۾ خوشحالي ايندي. سرڪار ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته واهي پانڌي ۾ روڊ ۽ پلون تعمير ڪرائين.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

مزدور طبقي جون پگھارون وڌايو!

 

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، حڪمران طبقي جي زندگي جو گذر سفر ته بھتر گذري ٿو پر غريب مسڪين ماڻھو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي، جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ملڪ جي اندر اڻ کٽ وسيلا موجود آھن پر پوءِ به بدنصيبي اھا آھي ته سنڌ جو مزدور ھاري اھڙي ڪيفيت مان گذري رھيو آھي جو ان جو درد ڪھڙي ريت بيان ڪجي؟ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرمائيدار طبقو مزدورن تي ڏاڍ ۽ جبر ڪري رھيو آھي، ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ لڳ ڀڳ ھزارين ننڍا وڏا ڪارخانا موجود آھن، جتي ملڪ جي صوبن مان پنجاب، خيبرپختون خواھ، بلوچستان ۽ سنڌ جو پيڙيل طبقو اتي مزدوري ڪرڻ جي لاءِ اچي ٿو پر افسوس جھڙي ڳالھ آھي جو ان صوبي ۾ موجود ڪارخانن ۾ ڌرتي ڌڻين کي روزگار نٿو ملي، ٻئي طرف ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آھي، انهن حالتن ۾ مزدورن جي پگھار گھٽ ۾ گھٽ 25000 ھزار هجڻ گھرجي، جتي پورھيت طبقي جو جيئن ٿورو گھر جو گذر سفر بھتر ٿي سگھي. ڪجھ وقت پھريان ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ دوران عوان ۾ پنھنجي تقريب ۾ واضح لفظن ۾ چيو ھيو ته آئون مزدورن جي پگھار 25000 ھزار ڪندس پر افسوس آھي جو ان بيان تي عمل نه ٿي سگھيو نه وري وفاقي بجيٽ ۾ مزدورن جي لاءِ ڪو به اھڙو اعلان نه ٿي سگھيو، سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو ٿيو پر ڪارخانن ۾ پگھر وهائي محنت ڪندڙ مزدور ٻن ويلن لاءِ به پريشان آھن، سرمائيدار طبقو ھر سال ھڪ نئون ڪارخانو ٺاھي ٿو پر انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پورھيت کي ڪڏھن به عيد جون خوشيون ناھن ڏنيون، اميرن لاءِ ته ھر دم عيد واريون خوشيون ھونديون آھن، ھاڻي حڪمرانن کي گھرجي ته مزدورن جي پگھار وڌائي انھن جي چھري تي ھڪ پل لاءِ مرڪ آندي وڃي.

 

روي ڪمار/ڪراچي

 

آءِ جي سنڌ کي فوٽا ڪوٽا لاءِ عرض!‎‎

 

آءِ جي صاحب مان ھڪ مسڪين انٽرپاس پوليس ڪانسيٽيبل جو پٽ آھيان، منھنجو تعلق ضلعي ڄامشورو تعلقي سيوھڻ سان آھي. منھنجو بابا سائين بيماري ۾ مبتلا  ھوندي به پيٽ پالڻ خاطر ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو. جڏھن ته آئون فوتي ڪوٽا تحت آيل سنه 2016ع ۾ خالي جاين تي اپلا ڪري سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪري ڊي آر سي کان امتحان ڪليئر پڻ ڪري چڪو آھيان, ھن وقت آفيشل سطح تي ڪي قانوني گھرجون نوٽيفڪيشنس جاري نه ٿيڻ سبب نوڪري نه ملڻ سبب بيروزگاري جي حالت ۾ انتهائي ڏکئي وقت مان گذري رھيو آھيان, آءِ جي سنڌ صاحب منهنجو خاص طور تي اوهان کي عرض آهي ته جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪريو ته جيئن مون سميت  فوتي ڪوٽا تحت پاس ٿيندڙ نوجوان ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ سان گڏ انهن جي ڪٽنبن مان بيچيني ختم ٿئي ۽ هو پنھنجي گھر جو چلھو ٻاري سگھن.

 

عاشق علي ھاليپوٽو/ سيوھڻ شريف

 

سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش!

 

مانوارا سائين، سنڌ جا وڏا وزير، جيئن ته پوري سنڌ ۾ ڪيترن ئي تعلقن کي هارڊ ايريا قرار ڏنو ويو آهي پر سجاول تعلقي کي نظراناز ڪري سجاول تعلقي جي اميدوارن کي مايوس ڪيو ويو آهي، سجاول تعلقو 2010ع جي سيلاب کان پوءِ پٺتي پيل علائقو بڻجي ويو آهي ۽ سجاول تعلقي ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽِ جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن پر افسوس جو سجاول تعلي کي هارڊ ايريا قرار نه ڏيڻ سبب ڪيتريون جايون خالي رهجي وينديون. اسن کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته سجاول تعلقي کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي. خدارا سجاول تعلقي کي هارڊ ايريا قرار ڏئي هتان جي اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن ڪيترن ئي اسڪولن ۾ خالي پيل استادن جون جايون پُر ٿي سگھجن. آئون توهان کي هڪ نماڻي گذارش ٿو ڪريان ته سجاول تعلق کي هارد ايريا قرار ڏئي هتان جي اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏنو وڃي.

 

عبدالله ميرانخور/ٻيلو، سجاول

 

ڇا سنڌ جي نياڻين جي مقدر ۾ رڳو پنڻ لکيل آهي؟

 

باکَ ڦٽيءَ کان پوءِ زندگي جي سمورين روشناين کي کڻي ايندڙ انھي اڀرندڙ آفتاب جا زمين تي ٽم ٽم ڪندڙ ڪرڻان به يقينن سنڌ مٿان خوشحاليءَ جي خوابن کي سانڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ به آتا ضرور ھوندا آھن پر وقت جي واڳ ڌڻين جي رحم تي ڇڏيل ھي سنڌ واسي جتي زندگي جي شروعات ٿيندي آھي، اتي خاص طور تي ھن ديس جون نياڻيون ٻه ھزار رپين جي لاءِ ڊگھي قطار ۽ نٽهڻ اس ۾ صبح کان شام تائين دربدرَ ٿيندي بيٺل نظر اينديون آهن. سڌريل ملڪن ۾ جتي برابري جي بنياد تي امير، غريب جو اولاد صبح ويل اسڪولن، مڪتبن طرف روانو ٿيندو آھي اتي ھن سنڌ ۾ صبح ٿيڻ سان ئي غريب طبقو فقيريءَ جو روپ ڌاري خيرات لاءِ نڪري ويندو آهي. جن ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙن کان ويندي وڏي عمر وارا بزرگ، اڌڙوٽ ۽ نوجوان ناريون به شامل ھجن ٿيون. ھن ڳالھ تي ڪنھن کي يقين نه به کڻي اچي پر سچ اھو آھي جو رات جو فڪس ٻارنھن وڳي جڏھن گھر ۾ پڙهائي ڪري رھي ھئس ته ٻاھر دروازي جو آواز آيو، جڏھن گھر جي ڪنھن ڀاتي دروازو کوليو ته ھڪ نوجوان ناري جيڪا روئيندي، ٿاٻڙجندي اچي اسان جي گھر ۾ ڪري! بقول تنھن نيگريءَ جي ته گھر ۾ ڪجھ نه ھئڻ ۽ بکن ۾ پاھ ٿيل ڏٻرن جسمن کي ماني ڳَڀو مھيا ڪرڻ خاطر مائٽن پاران تنھن نوجوان نينگريءَ کي ڪاري رات ۾ خيرات لاءِ گھرن جي گھٽين ڀيڙو ڪري ڇڏيو ھو، پنھنجي وس آھر انھيءَ ڇوڪريءَ جي ڪجھ مدد ڪرڻ کان پوءِ ذھن ۾ انيڪ سوال جنم وٺڻ لڳا ته آخر اسان ڪھڙي ملڪ ۾ رھون پيا؟ جتي سواءِ ڏکن، پيڙائن، ارمانن جي خون جي باقي ھن ديس جي غريبن لاءِ ڄڻ سڀ ڪجھ دفن ٿي ويو آھي، سچ اھو آھي جو اسين پاڪستان جي ھڪ اھڙي صوبي ۾ رھون ٿا جيڪو پوري ملڪ کي پالي ٿو پر پوءِ به ھن ديس جا حقيقي وطن واسي جن ۾ خوشيون، خوبصورتيون صرف اميرن لاءِ ھجن ٿيون پر سنڌ جو غريب اڄ به محروميءَ کي ساڻ ڪري بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ سبب فقيري جي روپ ۾ چند پئسن جي ڪري سامھون قطار ۾ نظر ايندو آھي يا وري مجبور نياڻيون ٻچن جي بک اجھائڻ لاءِ کين طرحين طرحين جا طعنا ۽ معاشري جون خراب نظرون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ڇو ته انھن ۾ اڪثريت نوجوان نينگرين جي ھجي ٿي.

 

شمائلا راند/ٽنڊو محمد خان

 

سيوهڻ اسپتال جي انتظاميان کي هڪ گذارش!

 

هونئن ته اسان جي سيوهڻ اسپتال جديد سهولتن سا ليس آهي، سيوهڻ توڙي پوري سنڌ جي مريضن کي سٺو علاج مهيا ڪري رهي آهي پر ڪجھ اسپتال انتظاميا جي ڪوتاهين جي ڪري اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسپتال ۾ ١٠٠ کان مٿي سيڪوڙٽي گارڊز هوندي به سيڪوڙٽي جو انتظام نه هجڻ برابر آهي، هن اسپتال ۾ چاٻي چور سرگرم آهن، هزارين موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ باوجود اڃا تائين انتظاميا طرفان ڪو جديد سيڪوڙٽي پلان ناھي جوڙيو ويو. ٻيو اهم مسئلو سيوهڻ جي اسپتال ۾ 500 کان مٿي بيد هوندي به عورتن جي علاج لاءِ ڪو خاص بندوبست ناهي ڪيو ويو، جي چئن بيڊن تي مردن جو علاج ٿئي ٿو ته پو پنجين بيڊ تي ڪنهن نياڻي جو علاج ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ جي ڪنهن عورت کي ٻن ڪلاڪن واري درپ لڳرائڻي هجي ت پوءِ اها نياڻي مردن جي وچ ۾ ليٽي ٻن ڪلاڪن واري ڊرپ ڪيئن ٿي لڳرائي سگهي. اسان جي اسپتال انتظاميا کي گذارش آهي ته مھرباني ڪري عورتن لاءِ ڪو خاص وارڊ ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ ليڊي اسٽاف رکيو وڃي ته جيئن عورتون پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي علاج ڪرائي سگهن، جي يڪدم عورتن لاءِ وارڊ ٺاهڻ انتظاميا لاءِ ڏکيو آهي ته پوءِ بيڊن جي چوڌاري پردا هڻي به ڪجھ حد تائين بهتري آڻي سگهجي ٿي. رڳو اولهه جي ملڪن جي اصولن تي عمل نه ڪيو.

 

فياض حسين منگواڻو/ سيوهڻ شريف

پيپلز پارٽي کي عوام جو ووٽ کپي، عوام لاءِ پاڻي نه!

 

لاڙڪاڻي رائيس ڪئنال لاهوري پُل تي زرعي پاڻي جو وهڪرو پير ٻوڙ نظر اچي ٿو، وڏو الميو اهو آهي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪيئن آباد ٿينديون؟ پاڻي هن وقت تائين گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، وارھ، شهدادڪوٽ، ڏوڪري سميت ٻنهي ضلعن جي ننڍن وڏن تعلقن تائين نه پهچي سگھيو آهي. سڀني علائقن جي حالت ڪهري ٿيندي اهو ته هڪ الڳ سواليا نشان آهي، جڏهن ته سنڌ جا حڪمران، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڪامورا خاموش تماشائي بڻيل هجن ته پوءِ عوام جو آخر ڇا ٿيندو؟ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو کٽرائڻ جي چڪر ۾ مصروف آهي ته اُهي خاڪ عوام جي پرگهور لهندا ۽ علائقن ۾ بدامني، بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ روز به روز اضافو ٿيندو پيو وڃي. حالتون خراب ٿيندو پيو وڃن. زرعي پاڻي اڄ تائين رائيس ڪئنال تائين ئي نه پهتو آهي ته پوءِ پڇڙي جي شاخن ۽ زمينن تائين ڪيئن پهچندو؟

 

بادشاھ جان/ گاجي کهاوڙ

 

۽ جڏهن آئون به جھومڻ تي مجبور ٿي پيس!

 

(حصو پهريون)

سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جو وڏو چھچٽو متل، آھي سنڌ جي جنھن به شھر ڳوٺ ۾ ڏسندئو ته مختلف پارٽين جا اميدوار وڏن وڏن قافلن سان گاڏين ۾ ڊيگ رکي پنھنجي ۽ پنھنجي پارٽي جي نالن سان ڳارايل شاعري وڏي آواز سان ھلائي سڄو سڄو ڏينھن ورڪ ڪري رهيا آهن، ھر طرف سياسي ماحول گرما گرم آھي. ماڻھو ماضيءَ جي صوبائي وفاقي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي چونڊيل نمائندن جي سورن کي وساري سياستدانن پاران ڏنل ڪوڙن واعدن ۽ نعرن وسيلي جذباتي ٿي مختلف پارٽين جي اميدوارن جي پويان لڳي ويا آھن، بس ھر ھنڌ رڳو جيئي فلاڻو خان، جيئي فلاڻو خان، زنده آباد جا زوردار نعرا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. سياستدانن جي سياست کي  پڻ سلام آھي، جيڪي پنجن سالن کان پوءِ ماڻھن جي سالن کان ٿيل شادين جي دعوتن ۽ عذرخواھين لاءِ سندن دروازن تي اچن ٿا، وڏن ماڻھن جو غريبن جي درن تي اچڻ شرط معصوم ذھن رکندڙ مظلوم محڪوم ماڻھو ماضيءَ جي چونڊيل نمائندن جا ڏنل سڀ سور ستم وساريو ڇڏين ٿا، ڪالھ آئون ۽ منھنجو دوست مجو موالي ڪنھن ڪم سانگي شھر وياسين، شھر ۾ ھر طرف کان گاڏيون ئي گاڏيون ھيون، اميدوارن جا ورڪ لاءِ ڪارڪنن جا وڏا ڪٽڪ لٿل ھئا، ھر ڪنھن اميدوار پٺيان لڳل ڪرائيدار ماڻھن جون وڏيون رڙيون ۽ رنڀون ھيون، جيئي فلاڻو خان، زنده آباد جا زوردار نعرا لڳائي رھيا ھئا ۽ شھر جي مختلف پاڙن ۾ اميدوارن جون ڪارنر گڏجاڻيون ۽ ميٽنگون ھيون، مون کي مون واري يار مجو موالي چيو ته يار اڄ ھڙئي اميدوارن جي چونڊ جي ورڪ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻو آھي، سو چونڊ ڪارنر گڏجاڻين جي ھنڌن ڏانھن روانا ٿياسين. ھڪ پاڙي ۾ وياسين جتي وڏي آواز سان ميان شريف صاحبان جي شان ۾ وڏي آواز سان گانو ھلي رھيو ھو، آيا آيا ڪير آيا، شير آيا شير آيا (جاري)

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي