اشو آف دي ڊي مٺي ويجهو نينگر جي تذليل ۽ مذهب جي توهين واري واقعي تي سخت ردعمل ظاهر، جوابدار کي سزا جو مطالبو

0
205

مٺي ويجهو نينگر جي تذليل ڪرڻ ۽ مذهب جي توهين ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، نينگر جي تذليل ۽ مذهب جي توهين جي مذمت ڪندي جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ اهڙي قسم جا واقعا برداشت نٿا ڪري سگهجن ان سلسلي ۾ حسين بخش ٿيٻو جوابدار جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ھن ھڪ معصوم ھندو ڇوڪري تي سندس پنھنجي ڀڳوان خلاف ڳالھائڻ لاءِ مارڪٽ ڪندو رھيو، وڊيو ذريعي معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ چون ٿا ته پوليس ھن کي گرفتار ڪيو آھي، تصوير ۾ ته ايئن ٿو لڳي ته پوليس وارو جوابدار کي عزت سان وٺيو پيو وڃي. ڪنھن ھندوءَ کي توھين جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس ايئن گرفتارڪندي آھي ڇا؟ جنهن تي زاهد گل لکيو ته سازش تحت سنڌ ۾ مذهبي بنيادن تي نفرتن جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، محمد ابراهيم ميمڻ لکيو ته ان جوابدار کي هٿڪڙي به ناهي هنئي وئي. جامي چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هن غنڊاگردي جي مذمت ڪجي ٿي، هن شخص خلاف سخت قانوني قدم کڻڻ گهرجي، سارنگ جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ امن، محبت ۽ رواداريءَ جي امين ڌرتي آھي، جنھن کي سازش تحت مذھبي جنونيت جي ور چاڙھڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڌرتي ڌڻي ڀيل ڇوڪري جي ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ عبدالسلام ابو دائود پاران ڪيل تذليل ۽ توهين مذهب جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اعليٰ عدليا کان مطالبو ٿا ڪيون ته ان شخص کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪيش ڀيل جي تذليل ڪندڙ ٿرڪول جي ٺيڪيدار عبدالسلام کي پوليس کوسڪي مان گرفتار ڪري ورتو آهي، ستار زنگيجو لکيو ته ان جو ٿرڪول سان نه سڌو واسطو نه ئي کيس ٿرڪول ۾ نوڪري هئي پرائيويٽ ٺيڪيدار جو ڊرائيور هو انهن حرڪتن سبب کيس نيڪالي ملي هئي، ظهير لغاري لکيو ته وڊيو ۾ ڪو ٻيو شخص نظر اچي ٿو ۽ پڪڙيل شخص ٻيو ٿو لڳي، اسد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انسانيت ۽ سنڌيت کي سنڌ ۾ ئي شرمسار ڪندڙ ابو سلام ابودائود بابت مليل شروعاتي ڄاڻ موجب اهو پنجابي ۽ رحيم يار خان جو آهي سندس تعلق هڪ مذهبي گروپ سان آهي، منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر ۾ ڪنهن ٻاهرين کي نوڪري ڏيڻ کان اڳ ان جي دماغي ڪيفيت، مذهبي رواداري ۽ طبقاتي سوچ جي معلومات ڪئي وڃي، بشير آريسر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته نٽهڻ اس ۾ پاڻي جون بوتلون وڪڻي پيٽ پاليندڙ ڌرتي ڌڻي آهي ۽ رحيم يار خان مان اچي وڏين گاڏين ۾ چڙهي آفيسري ڪندڙ ڌاريو آهي. اڃان چون ٿا ته ڪوئلو ٿر جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خدا جا بندئو توهان ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ آيا آهيو ته ڪوئلو ڪڍو پر ٿر ۾ موجود مذهبي هم آهنگي سهپ رواداري ته نه ڪڍو، سيد منير حيدر شاهه تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي اهو ئي ماڻهو آهي جنهن جي وڊيو هلي ٿي، جنهن ۾ هو هڪ غريب ٿري هندو جي تذليل ڪري رهيو آهي، پنهنجي وڪيل دوستن کي اپيل ڪندس ته هن معاملي کي ڪورٽ ۾ آڻين ۽ هن تي قانوني ڪارروائي ڪرائن. هاشم کوسو به لکيو ته قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سيما شيخ لکيو ته هن شخص خلاف به توهين مذهب جو قانون استعمال ٿيڻ گهرجي، اشرف عمران علي شاهه لکيو ته اسان جو مذهب اسلام امن رواداري پيار جو سبق ڏئي ٿو ايتري قدر جو ڪنهن جي مذهب خلاف ڳالهائڻ کان به منع ٿيل آهي، هن شخص خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي. ظهور لغاري لکيو ته ڪنهن به عقيدي مذهب خلاف ڳالهائڻ توهين آهي توهين جو ڪيس هلڻ گهرجي، قاضي زاهد قريشي لکيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش ناهي، ٿر ۾ معصوم ڀيل تي ذهني تشدد ڪندي مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙ شخص محمد سليمان ابو دائود کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. رخسانه هاليپوٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سنڌ مذهبي انتهاپسندي کي رد ڪري ٿي، فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ مذهبي انتهاپسندي ۽ مذهب جي نالي تي بدمعاشي کي رد ڪري ٿي. عصمه جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سرڪار نوٽيس وٺندي نفرت پکيڙيندڙ شخص خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي،نثار کوکر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي ٿر ڪول آهي يا ايسٽ انڊيا ڪمپني، هاڻي ٿرين جا مذهب تبديل ڪرائڻ شروع ڪيا ويا آهن، خدا جا بندئو توهان ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ آيا آهيو ته ڪوئلو ڪڍو پر ٿر ۾ موجود مذهبي هم آهنگي سهپ رواداري ته نه ڪڍو، جنهن بدمعاشي واري انداز ۾ رستي ويندڙ هندو نوجوانن کي پڪڙي توهان ڀڳوان کي گاريون پيا ڏياريو ان جي رد عمل ۾ سڀ ٿري هڪ ٿي پرامن نموني احتجاج لاءِ نڪتا ته توهان کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي، هوش کان ڪم وٺو، جنهن تي سعيد گوپانگ لکيو ته هن فسادي کي سزا ڏني وڃي، پنهل لاڙڪ، عطا ميمڻ، امداد سومرو، شڪيل آريسر، شير محمد سومرو، رفيق شيخ، ايوب کوسو، ماڻڪ ڪنگراڻي، الطاف پيرزادو، لالا منگي، ذاڪر لغاري، امير گاهي، ڌرتي جويو، دهشيلا جوڻيجو ۽ ٻين پڻ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ نوجوان جي تذليل ۽ مذهب جي توهين ڪندڙ شخص کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.