هاڻي قرآن پاڪ جي آن لائين قرآن تعليم حاصل ڪريو!
اسان جي هن بُري معاشري ۾ ديني تعليم ختم ٿي چڪي آهي، اهو فقط ۽ فقط دنيا جي ريتن رواجن، جديد دور جي ڪري، تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو ديني تعليم ڏئي ته اهو ڪنهن ملائڪ کان گهٽ ناهي، اهو صحيح معنيٰ ۾ انسان ۽ مسلمان چئبو، اسان فقط دين کي پڙهيو آهي پر ان کي سمجهيو ناهي ته دين اسان کي ڪهڙي سکيا ٿو ڏي، فقط ثواب لاءِ نمازون ۽ قرآن پڙهون ٿا پر انسانيت جي خبر ناهي. اهڙي سماج ۾ ديني تعليم سان واڳيل ڇوڪري ستارا ڀٽي جيڪا ڪراچي سان تعلق ٿي رکي ۽ پاڻ قرآن پاڪ جي قاري به آهي، قرآن پاڪ جي قاري ٿيڻ کان پوءِ هن آن لائن قرآن پاڪ پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو تمام سٺو عمل آهي ۽ آئون اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جن کي به قرآن پاڪ سکڻو آهي ته آن لائين توهان کي سيکايو ويندو ۽ سمجهايو پڻ ويندو. ستارا ڀٽي تمام ذهين بااخلاق ڇوڪري آهي، ان جو فيس بڪ پيج پڻ آهي. القرآن اڪيڊمي نالي سان، توهان اهو پيج لائيڪ ڪريو ۽ هن تان سکو. قرآن پاڪ فقط مسلمان نه پر غير مسلم لاءِ به تمام گھڻو فائديمند آهي، جنهن جي مدد سان غير مسلم وڏا سائنسدان ٿي ويا. قرآن پاڪ ۾ ايتري طاقت آهي جو رب فرمايو ته جيڪڏهن آئون جبل تي لاهيا ها ته جبل سرمون ٿي وڃي ها، ذرا ذرا ٿي وڃي ها، جيڪڏهن آئون سمنڊ تي لاهيا ها ته سمنڊ سڪي برپٽ ٿي وڃي ها، ان ڪري رب سائين مٺڙي نبي ﷺ جي دل مبارڪ تي لاٿو. ان ڪري توهان وڌ کان دين کي سمجهو ۽ قرآن پاڪ سکو، پڙهو سمجهو ان لاءِ توهان کي مفت سکيا ڏني پئي وڃي، آن لائين. بيشڪ قرآن کان وڌيڪ ٻيو ڪو مقدس ۽ طاقتور ڪتاب ناهي.
يوسف غفور کٽي/ چوهڙ جمالي‎‎
سنڌ ۾ بيروزگاريءَ ۽ بيحسي جو ذميوار ڪير آهي؟
هونئن ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ بيحسي سڄي پاڪستان ۾ تمام گھڻي آهي پر ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ بيحسي جو وڏو عمل دخل نظر ايندو. سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري، مهانگائي تي ظابطو نه هجڻ، انصاف نه هجڻ ۽ رشوت خوري خوري هجڻ جهڙا موذي مرض به تمام گھڻا وڌي ويا آهن. اڄ ڪلهه ملڪ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن ۾ مايوسي، پريشاني، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گهڻي نظر اچي رهي آهي. حالت اها وڃي بيٺي آهي ته نوجوان مرد توڙي عورتون آپگھات ڪرڻ جهڙا سنگين فيصلا ڪرڻ تي به مجبور ٿي وڃن ٿا. مزدور طبقو پنهنجا ٻچا پالڻ لاءِ به پريشان آهي. هن مهانگائي جهڙي عالم ۾ جتي ملڪ جي وزيراعظم جي به لکن رپين ۾ پورت نٿي ٿئي اتي هڪ ڏيهاڙيدار مزدور جيڪو 4 کان 5 سئو رپيا انتهائي ڏکيائيءَ سان ٿو ڪمائي، ان جي پورت ڪٿان ٿيندي؟ اڄ جو پڙهيل لکيل نوجوان به بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙي موذي مرض جو شڪار بڻيل آهي. جنهن ملڪ ۾ نوڪريون پئسن عيوض ڏنيون وڃن، جتي ڌرتي ڌڻين سان غيرن کان به خراب سلوڪ ڪيو وڃي، جتي پئسي ۽ پاور جي پوڄا ڪئي وڃي، اتي يقينا ماڻهو بک، بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو ئي شڪار هوندا آهن. ڇا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت مهانگائي، بيروزگاري، ناانصافي ۽ بدحالي جهڙن موذي مرضن مان عوام کي ٻاهر ڪڍي سگهندي؟
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
سنڌ جي قبرستانن کي بچايو!
قبرستان جو مطلب آهي اها جڳهه جتي قبرون هجن، قبرن کي اسان سنڌي ۾ بُٺي چوندا آهيون، قبرستان اها جاءِ آهي جيڪا دنيا ۾ اسان جو آخري گھر آهي، دنيا ۾ اسين محلن ۽ ماڙين ۾ رهون پر جڏهن ساهه نڪرندو آهي ته اسان جو گھر اهوئي هوندو آهي، امير، غريب، فقير اتي ئي مٽي ماءُ حوالي ٿيندا آهن، چاهي مٿان عاليشان بنگلا جوڙائجن پر هيٺ ته مٽي ۾ هوندو. هن وقت اسان جا قبرستان سم ۽ ڪلر جي ڪري تباهه ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف قبضا مافيا انهن تي قبضو ڪري رهي آهي، هتي هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته هاڻي حالت اها آهي جو ماڻهن قبرستانن جي جاين کي ڪوٽ ڏياري پنهنجي مرضي سان پنهنجي حد جي والار مقرر ڪري ڇڏي آهي، ته هتي صرف اسان جا ماڻهو دفن ٿيندا، منهنجي نظر ۾ اهو صحيح ناهي، هيءَ ڌرتي هر ڪنهن جي آهي، جيڪا حد مقرر ڪن ٿا اتي ٻئي کي دفن ڪرڻ به نٿا ڏين. هاڻي ماڻهو ميت کي دفنائي ته ڪٿي دفنائي؟ مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته جتي به قبر کوٽجي ٿي هيٺيان ٻي قبر نڪري ٿي، ان ڪري ڪيترن ئي جاين تي قبرون کوٽجن ٿيون پوءِ مس ٿي ڪا خالي جاءِ ملي، جنهن جي ڪري هاڻي قبر جي جڳهه به ملڻ ڏکي ٿي پئي آهي. تازو قبرستانن تان قبضا هٽرائڻ جو حڪم ٿيو پر اڃا اهي نه هٽيا آهن، جيڪي روينيو وٽ نقشا هوندا انهن ۾ قبرستانن جون حدون هونديون، آبادي وڌڻ جي ڪري ماڻهن گھر ٺاهيا اهي گھر ڇڏي باقي جن پنهنجي مفادن ۾ قبضا ڪيا انهن جي ماپ ڪرائي وڃي. آبادي ته هر روز وڌي رهي آهي، آبادي کي روڪڻ ڏکيو آهي.. اسان کي به ان مٽي ماءُ جي حوالي ٿيڻو آهي، جيڪڏهن قبر جي جاءِ نه ملي ته پوءِ مائٽ ڪٿي دفن ڪندا؟ تنهن ڪري جيڪي غيرقانوني قبضا ڪري زراعت جي لائق يا صنعت جي لائق بڻايا ويا آهن اهي حدون واپس قبرستانن ۾ شامل ڪيون وڃن، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ميت ڪيڏانهن ڪبو؟ اسان وٽ به مختلف تنظيمون مظاهرا احتجاج ڪري رهيون آهن ته قبرستانن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن.
خادم گھراڻو/نصرپور
ڪاڇي واسي جديد دور ۾ به پٿر جي
دور واري زندگي گذاري رهيا آهن!‎‎
ڪاڇو هڪ اهڙو علائقو آهي جيڪو هر بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهي، ڪاڇي واسي هن جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڪاڇي واسين آخر تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪڏهن انسان سمجهندا؟ ڪاڇي ۾ڪڏهن ترقياتي ڪم ڪرائيندا؟ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڪاڇي ۾ لاڳيتو برساتن ٻوڏ دوران تڪ جا چونڊيل نمائندا ايف پي بند جوهي اچي ڦوٽو ڪڍرائي هليا ويا، هن وقت ڪاڇي ۾ بوڏ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي رهيو، آخر سنڌ سرڪار تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ڇا چئون؟ واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ، ڊرگهه بالا، حاجي خان ڳوٺ، غلام محمد لاشاري، ڳوٺ مراد جمالي سميت ڪيترن ئي علائقن جو جوهي دادو سان زميني رابطو ڪٽيل آهي. علائقي ۾ کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڪاڇي ۾ تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪاڇي ۾ تڏهن ايندا آهن جڏهن اليڪشن ويجھي هوندي آهي، ان وقت هنن بي وڙن کي ڪاڇو ياد ايندو آهي. هن ڏکئي وقت ۾ تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن. آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪاڇي واهي پانڌي واسين جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
سنڌ حڪومت ۽ اسان جا سياحتي ماڳ!
سڌريل ملڪن جي روينيو جو گھڻو تَڻو حصو نه پر گھڻي ڪمائي سياحت مان ايندي آهي، اتي سياحتي ماڳن تي حڪومتون باقاعدي روڊ رستا، ماڳن جي خوبصورتي، ٺاهه ٺوهه ۽ سياحن لاءِ دلچسپ شين تي خرچ ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو گھڻو خرچ ڪري اتي گھمڻ ۽ موڪلون گذارڻ ويندا آهن. پاڪستان ۾ سياحتي مرڪز ڪي پي ڪي صوبو ۽ پنجاب صوبو آهن ۽ اسان جي سونهاري سنڌ ۾ سياحتي ماڳ ته جام آهن پر انهن تي ڪاغذن ۾ اربين رپيا خرچ ٿيل آهن پر جڏهن اتي توهان ويندئو ته لکين رپيا خرچ ٿيل نه هوندا. موئن جو دڙو ۽ گورک هِل اسٽيشن جيڪڏهن پنجاب ۽ سرحد صوبي ۾ هجن ها ته اتي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جا ميڙ نظر اچن ها پر سنڌ حڪومت جي انهن ماڳن تي ڪا دلچسپي نه هجڻ ڪري لوڪل ماڻهو به اوڏانهن گھٽ ٿا وڃن. اسان جي سنڌ جي ڀوتار طبقو سنڌ حڪومت ۾ ڇانيل آهي ۽ انهن کي سياحت سان ايتري دلچسپي آهي جو فنڊ اچڻ وقت اهي سڀ پنهنجو حصو پتي وٺڻ کان پوءِ ٻاهرين ملڪن جي سياحت ڪرڻ ويندا آهن ۽ باقي سنڌ جي عوام جي سنڀال صرف اليڪشن وقت ڪندا آهن. سنڌ جي ڪوهه مري گورک هل اسٽيشن کي جيڪڏهن خوبصورت بڻايو وڃي ته اسان جا سنڌي ڪوهه مري نه وڃن، گورک ڏانهن ويندڙ روڊ رستا کنڊر بڻيل آهم، ڪلاڪ جو سفر ڪيترائي ڪلال وٺي وڃي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش آهي ته سياحتي ماڳ خاص ڪري گورک هل اسٽيشن ۽ موئن جي دڙي تي ڌيان خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن ٻاهرين ملڪن جا سياح هتي اچن ۽ حڪومت کي سٺو پرڏيهي ناڻو ملي.
عابد پنهل بليدي/لاڙڪاڻو
اجھي اٽي ۽ لَٽي جا دعويدارئو ڪٿي آھيو؟‎‎
بيچين اکين ۾ وھندڙ آب لڪائي ٽڪر جي ڳولا ڪندي ڪندي وڃي پرديس وسايائين، پر ڇا ڪجي اھو پرديس به پاڪستان جو ئي حصو ھو، جتي به ڪافي ڳولا ڪندي ڪندي روزگار نه ملڻ ڪري اڌارا ورتل پئسا به ڳچيءَ ۾ پئجي ويس، واپس وڃي گھر وسايائين، گھر ۾ ٻچا ٻار سڀ بک ۾ پاھ ٿيل ۽ چھري تي اداسي جا گھاوَ ڏسندي ۽ معصوم ٻارن جي ڪيفيت کي برداشت نه ڪندي آپگھات جو پختو ارادو ڪري ڇڏيائين، بدقسمتيءِ سان ملڪ ۾ ھن وقت  غريب ويتر غريب ۽ امير ويتر امير ٿيندو ٿو پيو وڃي، جنھن جو کائجي تنھن جو ڳائجي نه، کائين ھڪڙي جو ڳائين پنھنجو پاڻ جو، انڌير نگري چرٻٽ راجا جا جي حڪومت ۾ گھر ۾ 30 ڀاتي، ڪمائيندڙ هڪ به نه! سبب انھن کي رئيس سڃاڻن ڪو نه، واسطو، سفارش انھن جي آھي ئي ڪو نه، ڳوهه کي کڻي کُٽي جو ڳولي شڪارين جا گھر، سو غريب کي ڪھڙو لاچار جو رئيس جي خلاف بغاوت ڪري! سوچڻ جھڙي ڳالھ اھا آھي ته ھن وقت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جيڪي کير ۽ ماکي جون نديون وھايون آھن سو سڀني جي سامھون آھن پر وڏو ڪمال ته پي ٽي آءِ سرڪار ڪيو آھي جو پاڪستان ۾ رھندڙ غريب ماڻھن جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي اٿائين ۽ ھي ھمراھ رڳو ٽي وي ۽ اخباري بيانن تائين محدود آھن، اهڙا شيخ چِليءَ وارا سبز باغ ڏيکاريندو جو محسوس ٿيندو بس اجھو ٿو ملڪ ۾ پئسن جو مينهن وَسي! وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ عمران خان جون ڳالھيون ٻڌي محسوس ٿيندو ھو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال وارو پاڪستان ٻيھر موٽندو پر خان صاحب جي اچڻ کان پوءِ ھاڻي ته ٻه ويلا ماني به وڏو مسئلو بڻجي وئي آھي ۽ ترقي ته وڃي ڌوڙ پائي ھڪ ته روزگار ڪونهي، ڪاروبارين جا ھن حڪومت جي اچڻ بعد ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آھن، ڏينهون ڏينهن نوان ٽئڪس، شين جا نوان وڌندڙ اگھه، بھرحال پياري اسلامي جمھوريه پاڪستان جو مزدور طبقو ھن وقت مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙجندي بک ۽ مفلسي وارا آخري پساهه پيو کڻي ۽ اسان جون حڪومتون ھڪ ٻئي جي خلاف سياسي بيانن ۾ رڌل آھن. ان ڪري خدارا جيڪڏھن وڌيڪ ڪجھ نٿا ڪري سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ  مھانگائي تي ته ڪنٽرول ڪيو!
رياض امر ٻجورو/سجاول
هڪ چٺي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ آءِ جي سنڌ ڏانهن!
ڪلوئي ٿاڻي جي حد چيڪ پوسٽ جوڳي موڙ تي پوليس اهلڪار جمعون ڀيل علائقي واسين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، نئون ڪوٽ شهر مان ايندڙ ويندڙ غريب ماڻهو سيڌو سامان وٺڻ لاءِ رات توڙي ڏينهن زوري رشوت وٺڻ لڳو آهي، نه ڏيندڙ غريب ماڻهو کي چرس آفيم شراب جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي، ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ هميرياٻھ ساهڙ جو غريب پورهيت ڍڳين جو ڌنار محمد سليم نهڙيو نئون ڪوٽ شهر کان سيڌو سامان وٺي ڳوٺ اچي رهيو هو ته چيڪ پوسٽ جوڳي موڙ تي پوليس اهلڪار جمعون ڀيل عيد خرچي گهري، ڌنار خرچي پاران نه ڏيڻ تي اهلڪار جمعو ڀيل مٿس نارڪوٽيڪس ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڪلوئي ٿاڻي تي پهچائي ڇڏيو، جڏهن ڌنار جا وارث ڪلوئي ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايڇ او ڪلوئي کانئن رشوت جو چي، ڳوٺاڻن جي نه ڏيڻ تي ڌنار کي ڏيپلو ٿاڻي تي مٿس بيرحماڻو تشدد جيل موڪليو ويو. ياد رهي ته ڪلوئي جو بدنام ايس ايڇ او سڃي موري، ستون ميل، ونگو پتڻ، بلوچ آباد، ڪاجهر، سڃي موري، نئي موري ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ڪچو شراب، سفينا، چرس آفيم، ايس ايڇ او ڪلوئي ۽ جمعون ڀيل جي سرپرستي هيٺ منشيات سرعام هلي رهيو آهي. ڪلوئي پوليس کي هن وقت ايس پي پي ٿرپارڪر پاران منشيات هلائڻ جي کلي ڇوٽ مليل آهي. غريب ماڻهن جو ڪلوئي پوليس جيئڻ جنجال ڪري کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لڳي آهي. اسان پنهنجي اخبار جي چٺي ذريعي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، آءِ جي سنڌ کان پر زور اپيل ٿا ڪريون ته ڪلوئي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪار جمعون ڀيل کي بدلي ڪري ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي ۽ غريبن ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎
سنڌ سرڪار طرفان سياسي
ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جون تياريون!
سنڌ سرڪار مڪاني ادارن ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مخالف ڌر طرفان سياسي ايڊمنسٽريشن مقرر ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار طرفان سياسي ماڻهن کي مڪاني ادارن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هميشه اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته حڪومتن طرفان سياسي ماڻهو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويندا آهن ته اهي سياسي پارٽين جا اڳواڻ بااثر ڌرين جا ماڻهو، سردار، جاگيردار ۽ سرمائيدار آندا ويندا آهن، جنهن سان عام ماڻهو ۽ سياسي ڪارڪنن جا سمورا گس بند ڪيا ويندا آهن. مڪاني ادارن جي اهميت ۽ انهن کي ملندڙ حد کان وڌيڪ فنڊ وغيره جي ڪري معاشري جا بااثر طبقا اهڙين سڻڀين سياسي ڪرسين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائيندا رهيا آهن ۽ ڪامياب به ٿيندا آيا آهن پر افسوس ڪرسي حاصل ڪرڻ ڪرڻ کان پوءِ اُهي عوام دوست ۽ ايماندار ثابت ناهن ٿيندا. بهتر ايئن ٿيندو ته جڏهن به مڪاني کاتي ۾ اهڙين ايڊمنسٽريٽن جي ڪرسين تي ماڻهو آندا وڃن ته اهي ايماندار، سچي جذبي سان خدمت ڪندڙ ۽ فنڊن کي جائز طريقي سان استعمال ڪرڻ وارا ماڻهو آندا وڃن، نه ڪي فنڊن ۾ گھوٻيون هڻندڙ ۽ فنڊ پاڻ هضم ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني کاتي ۾ اچڻ کپن، جيڪي ماڻهن جي اميدن تي پورا لهن. نه ڪي ايئن ٿئي جو ساڳيا ماڻهو اچي بيهن، جيڪي پهريان کان عوام جا آزمايل هوندا آهن، جيڪي ٽڪي جو ڪم به نه ڪرائيندا آهن. اهڙا ماڻهو اچڻ کپن جيڪي پنهنجي علائقي جي ترقي لاءِ جذبي سان ڪم ڪري ڏيکارين ۽ عوام جي خدمت ڪن.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

نفرتون نه پر محبتون ونڊيو!‎‎
ٻه ٽي ڏينهن اڳ مسلمان ڀائرن جو مذھبي ڏھاڙو عيد ملهائي وئي، هتي ٿر ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي مذھبي ڏھاڙن جو شدت سان انتظار هوندو آھي ته اسين گڏجي خوشيون ملهايون ۽ ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيون. اهو ٿر جي ڪنهن مخصوص هنڌ تي نه پر تقريبن سموري ٿر ۾ صدين کان اهو سلسلو هلندو اچي. هتي چيلهار ۾ اسان جا مسلمان ڀائر مشتاق قاسماڻي، حمزو عمراڻي، علي خان عمراڻي، ڀورو خان بجير اهي اسپيشلي پنهنجن هندو دوستن کي گهرائي انهن کي خوشين ۾ شامل ڪندا آھن. ان کان سواءِ جنهن جو به جنهن سان واسطو هوندو آھي تن کي خوشين ۾ شامل ڪندا آھن ۽ اسين به پنهنجن تهوارن تي هڪ ٻئي کي سڏي گڏجي خوشيون ملهائيندا آھيون، هن جو تازو مثال مٺي جي شھر ۾ سائين حاجي محمد دل پاران پنهنجن پيارن دوستن جن ۾ اڪثريت هندو برادري جي هئي تن کي سڏي خوشين ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان سواءِ محرم جي مهيني ۾ گڏجي سبيلون لڳائڻ، لنگر نياز جو بندوبست ڪرڻ، اهي روٽين جو حصو رهيا آھن پر جڏھن کان اسان وٽ ٿر ۾ ٻاهريان ماڻھو آيا آهن انهن کي اسان جي رواداري الائي ڇو نٿي وڻي؟ اهي موقعي جي ڳولا ۾ ھوندا آھن ته ڪو اهڙو موقعو هٿ اچي جو اسين انهن جي رواداري ۽ محبتن کي ڇيهو رسايون. اسان جي ٿر جا ماڻھو هر ٻاهران آيل ماڻھن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آھن پوءِ به الائي ڇو انهن مان ڪي ماڻھو اسان جي ڏنل محبتن جي موٽ ۾ نفرتون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. جيتوڻيڪ ٿر جي محبتن کي ڏسندي انهن کي به محبتي ٿيڻ کپي. تازو اڄ ھڪ وڊيو ڏسي دل پريشان ٿي وئي، اهو ان ڪري جو هتي جيڪي اسان جا مسلمان ڀائر، دوست آھن اهي چوندا آھن ته وڏائي صرف خدا جي ذات کي جڳائي، ٻيو اهو ته اسلام برابري ۽ سلامتي وارو دين آھي، ۽ چوندا آھن ته پاڙو نبين کي به پيارو آھي، اسان وٽ رواداري جو سبب به اهوئي آھي جو اسان جا ٿري مسلمان ڀائر انهن ڳالهين تي عمل ڪن ٿا پر هن وڊيو ۾ پڙھيل لکيل هڪ انجنيئر جي ٻولي ۽ انداز مان محسوس ٿيو ته اهو يا ته تعليم يافتا ئي ناهي يا هن جي صحيع تربيت ٿيل ناهي. هو شايد سمجهي ٿو ته ٿر ۾ جيڪي هندو ويٺا آھن اهي پاڪستاني ناهن پر هن کي خبر هجڻ کپي ته ملڪ ٺھڻ کي اڃا 80 سال به ناهن ٿيا، ٿر ۾ رهندڙ اسين ٿري ته ان وقت کان ويٺل آھيون جو اسان جي تڙ ڏاڏن کي به پيڙھيون ياد ڪونهن. سو خدارا خدا زندگي هڪ ڀيرو ڏني آھي ۽ اها نفرتون ڪرڻ نه پر محبتون ونڊڻ لاءِ ڏني آھي. هن جهان ۾ سڀ مسافر آھيون، ان ڪري محبتون ونڊيون، جيڪو اڳئين جهان ۾ ڪم ڏينديون.
شنڪر باغي/ چيلهار
اوھان جون خصلتون ڏسندي اسان جو روح روئي ٿو!
ٿرڪول ڪمپني جو غير سنڌي ڌاريون آفيسر وارو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ڏسي منھنجو روح روئي پيو. ٿر ڪول ڪمپني جو غير سنڌي آفيسر جيڪو غريب هندو ٿرين جو ڪالر پڪڙي زبردستي هندو مذهب وارن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏياري رھيو ھو، سنڌ صوفين درويشن جي ڌرتيءَ تي مذھبي انتھا پسندي کي ھٿي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي پرامن ڌرتي تي مذهبي نفرت جو ٻڄ ڇٽي مذھبي انتھا پسندي کي ڦھلايو پيو وڃي. سنڌ سڀني مذھبن جو احترام ڪندڙ ديس رھيو آھي، ھتي مذھبي متڀيد ۽ رنگ نسل، فرقي واريت جو فرق ناھي ھوندو. مذھبي انتھاپسندي جو بج ڇٽيو پيو وڃي، جيڪا اسان کي قطعي منظور ناھي. اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا، ڪو به مذھب ڪو به دين انسان جي تذليل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. مذھب انسان کي ڀائيچاري ۽ ٻڌي جو درس ڏئي ٿو، جڏھن به مذھبن کي پنھنجي ادنيٰ مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي ته مذھب انسانيت جا ويري بڻجي ويندا آھن، مذھب نه پر اھي مذھبي ڌريون ھونديون آھن ۽ انسان جي وجود لاءِ خطرا پيدا ٿيندا آھن. ڀيل ۽ ڀاڳڙي ٿر جا مقامي رهاڪو آھن، ڌرڻيءَ ڌڻي آھن، ٻاھران ڌاريون اچي ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪالر مان پڪري تذليل ڪري، ان مٿان تشدد ڪري مذھبي ڏڦيڙ ڦھلائيندڙ ڌارئين خلاف سنڌ جا باشعور سراپا احتجاج آھن، سوشل ميڊيا تي سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري رھيا آھن، ھڪ ڌارئين کي اھو اختيار ڪنھن ڏنو آھي ته هو مقامي ماڻھن کي ڳچيءَ مان وٺي انهن جي تذليل ڪري، ان جي مذھب کي گاريون  ڏياري، مٿس تشدد ڪري؟ اسين سنڌ اندر بدمعاشي ۽ لاقانونيت جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏينداسين، مذھبي انتھاپسندي نه ڪڏهنن سنڌين منظور ڪئي آهي نه اڳتي برداشت ڪئي ويندي. اسان مذھبي معاملن واري وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور