اشو آف دي ڊي … ماما او ماما…!!! ڊائلاگ سان کلائيندڙ ٽڪ ٽاڪر علي حيدر شيدي پنهنجي مداحن کي روئاري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي ڏک

0
42

 ماما او ماما جي ڊائلاگ سان سوشل ميڊيا تي شهرت ماڻيندڙ ٽڪ ٽاڪر علي حيدر عرف شهمير شيدي جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا تي ڏک واري صورتحال رهي، ان حوالي سان حميد راجستاني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماما او ماما ٽپڙ ٻڌيو وڃين ڇا ڊائلاگ سان مشھوري ماڻيندڙ ٽڪ ٽاڪر علي حيدر عرف شهمير شيدي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، زاهد فقير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته او ماما او ماما ٽپڙ ٻَڌيو وڃين پيو ڇا.؟ ٽڪ ٽاڪر علي حيدر شيدي به روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ هي فاني دنيا ڇڏي ويو. هن جو تعلق اسان جي ضلعي ٽنڊوالهيار جي قديم شهر بڪيرا شريف سان هو. ايڊووڪيٽ راءِ هريجن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس ، ھميشه کلائڻ وارو روئاري ويو هليو، علي حيدر قمبراڻي روڊ حادثي سبب لاڏاڻو ڪري ويو، گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غَريب جي گهر خوشيون اچن ٿيون، پَر چند لمحن لاءِ! حيدر علي شيديءَ جي گهر ۾ ڪڏھن به خوشي نه آئي، پَر نظرو ۽ ماما جبار جي مائيءَ جي مارَ واري وڊيو کيس ايترو مشهور ضَرور ڪيو جو ماڻهو کيس محبت ۽ پيار ڏيڻ لڳا، اهو پياربه هو گهڻو وقت نه ڏسي سگهيو، سوشل ميڊيا تي سندس روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر تيزيءَ سان وائرل ٿي آھي جيڪي ڏاڍي ڏُکوئيندڙ آھي، اها خبر ناهي ته روڊ حادثو ڪيئن پيش آيو، پر سول اسپتال جي بيڊ واري سندس تصوير فيس بوڪ تي هلي پئي، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هو پنج جوان ڀينرن جو اڪيلو ۽ سڀني کان ننڍو ڀاءُ هو… سندس ماءُ بيواهه هئي جيڪو مزاحيا گفتا ٻڌائي خلق کي کلائيندو هو ماڻهو کيس خرچي ڏيندا هئا جنهن مان سندس گهر جو گاڏو هلندو هو، روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو، پوءِ زندگيءَ وڃائي ويٺو.علي حيدر شيدي جنهن جي گودڙيءَ ۾ گل هئا سندس ڪل ملڪيت کيسي ۾ پيل 290 رپيا هئي. طالب دل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس، سماج کي کلائيندڙ اڄ پاڻ ھي دنيا ڇڏي ھليو ويو علي حيدر شيدي زخمن جا سور نه سھندي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منھنجو نالو علي حيدر آھي. مان ھتي ميلو گھمڻ آيو ھيس، سقراط چيو ھيو ته مون انسان کي ڏنل نعمتن ۾ سڀ کان وڏي نعمت آھي، شايد سقراط صحيح ھيو ان ڪري جو موت کان پوءِ انسان سڀني دنياوي تڪليفن، دردن سورن کان آجو ٿي ويندو آھي ۽ ھميشه لاءِ ابدي ننڊ سمھي پوندو آھي. پر ڪجھه شخصيتن جو موت انھن جي مداحن لاءِ وڏي تڪليف جو سبب بڻجي ويندو آھي، خاص ته جڏھن شخصيت ماڻھن جي منھن تي مرڪون ورھائڻ واري علي حيدر جھڙي شخصيت ھجي. مان پنھنجي دوست راحب راڌڻ سان ڄامشوري ھوٽل تي چانھن پيئڻ لاءِ ويٺو ھئس ته ھن موبائل جي اسڪرين مون طرف ڪري چيو تو وارو يار علي حيدر گزاري ويو، پوسٽ ڏسي مون به سرچ ڪيو مون سوچيو شايد اھو ڪوڙ ھجي پر جڏھن سرچ ڪيو ته اھا حقيقت ھئي، ڏاڍو افسوس ٿيو، سوچيم يار اڪثر اھڙيون خوبصورت، دلربا شخصيتون اڪثر اسان کان جلدي ڇو وڇڙي وينديون آھن؟  علي حيدر پنھنجي مداحن کي ڏکارو ڪري ويو. سندس امڙ سان اظھار تعزيت ڪجي ٿي. خالده منير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته سوشل ميڊيا جا رشتا بس ڪاغذي هوندا آهن، انهن جو هجڻ نه هجڻ هڪ جهڙو هوندو آهي پر ايئن ناھي. سوشل ميڊيا تي جيئن هن ننڍڙي ٽڪ ٽاڪر جي حادثي جي خبر ڏٺي آھي، من اداس آھي. ساڻس ذاتي طور تي سڃاڻپ يا ملاقات ٿيل ناھي، پوءِ به دل اداس آهي. سڄو ڏينهن ڪو به ڪم ڪري نه سگهيس، سڄو ڌيان هن ٻار ۾ رهيو. ڪير ٿو چوي ته فيس بوڪ فرينڊز صرف فيس بوڪ تائين محدود آهن؟ فيس بڪ دوست ته ايترا ويجھا آهن جون هنن جي خوشين تي مسرت، هنن جي ڏک تي تڪليف ۽ هنن جي وڇوڙي تي جيءُ جھڄيو پوي، جنهن تي عبدالشڪور ڀرڳڙي لکيو ته فيس بوڪ اها واحد دنيا آ جتي صرف احساس جذبات محبت جا رشتا ھوندا آھن انهي ۾ دولت جو پري پري تائين ڪو رشتو ناهي هوندو، ممتاز ساقي لکيو ته سچ پڇو ته ھن خبر بيحد ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. بابر رستماڻي لکيو ته اسانجي شھر جو ھو، مان ھڪ حقيقت ٿو ٻڌايان توھانکي شروعاتي طور ھي غريب ھو ۽ ملاکڙن ۾ ويندو ھو خرچي پاڻي لاءِ ۽ ڪجھه ٽائيم بعد ٽڪ ٽاڪ تي ماما مير واري ڊائيلاگ سان مشھور ٿيو ڪير ٽڪ ٽاڪ ٺھرائيندو ھو ته ان کان خرچو وٺندو ھو مگر گھڻا ماڻھو ھن سان وڙھندا به ھئا ماريندا به ھئا ھن کي….علي محمد مهيسر لکيو ته جسم ۾ ساھه ناهي رهيو اڄ صفا مان ته مايوس ٿي ويو آھيان هڪ هن ننڍڙي جي حادثي جو ڏک ٻيو ميھڙ واري واقعي اسان جي دوست راجا مھيسر 19 سالن جي عمر ۾ گھرو ڳالھه تان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، آزاد ايسراڻي لکيو ته حيدر جي امڙ جي سار لھجي ڪفن دفن سميت خرچ ۾ مدد ڪرائي، پير عثمان شاهه لکيو ته بيشڪ سنڌ جي هر ننڍي وڏي جي اک آلي آهي علي حيدر بي وقائتي موت جي جهوري ڇڏيو آهي،بيواهه ماءُ جو سهارو هو الله پاڪ اهو به هن کان کسي ورتو بيشڪ الله پاڪ بي نياز آهي، ايڊووڪيٽ زينت لغاري لکيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪي ادا اديون ايڊ آھن اھي جڏھن پنھنجي خوشي غمي ونڊ ڪندا آھن ته انھن جي خوشي ۾ چھري تي مسڪراھٽ اچيو وڃي ۽ سندن ڏکن ۾ اکيون ڀرجيو اچن پر علي حيدر شيدي جي وڇوڙي تي شديد تڪليف پھتي آھي، خادم خاصخيلي لکيو ته سنڌي قوم ۾ ھمدردي قدرتي طور سمايل آهي اسين احساس رکندڙ قوم آھيون، زبير سومرو لکيو ته ظاهري ڪوجهائپ ۽ گهٽ هوشياري توهان جي سادگي ۽ خلوص سان سڀني چمڪ دمڪ ۽ هٿرادو شين کي ڪيئن مات ڏيندي آ اهو هن معصوم سمجهايو، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪجي ٿو بنا دير جي مرحوم علي حيدر شيدي جي متاثر خاندان جي مالي مدد جو اعلان ڪيو وڃي،جنهن تي فيض درس لکيو ته آئون هنن جو ذاتي طور واقف آهيان تمام مسڪين غريب ۽ بيوس آهن هن جي والد کي به ڪجھه سال پهرين قتل ڪيو ويو هو هنن جي ماءُ محنت پورهيو ڪري هن جو پيٽ پاليندي هئي سنڌ گورنمينٽ وس پارا هن ڏکئي حالتن ۾ مالي سهڪار ڪن،