سوال/سروي … شهباز شريف مهانگائي وارو وزيراعظم قرار، اڳ آزمائي چڪا آهيو، هن ڀيري وڌيڪ مهانگائي ڪندو: عوام جي راءِ

0
37

  دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته شهباز شريف ٻيهر وزيراعظم ٿي ويو، عوام کي ڪو فائدو ٿيندو؟ وزيراعظم کي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته شهباز شريف کي اڳ ئي آزمائي چڪا آهيون هن مان ڪا به اميد ناهي، هي مهانگائي آڻيندڙ وزيراعظم رهيو آهي، اڳ به مهانگائي جو طوفان آندو هن ڀيري لڳي ٿو ته مهانگائي جو زلزلو آڻيندو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته شهباز شريف وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ هاڻ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، روزگار جا موقعا فراهم ڪري، عوام کي رليف ڏئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته شھباز شريف ته لڪيل رستم نڪتو نوازشريف کي گھرائي ويچاري کي سائيڊ ڪري ڇڏيو وزيراعظم نواز شريف ٿئي ھا ته بھتر ھيو شھباز شريف پنجاب کي چمڪائي ڇڏيو ھيو ان ئي طرح بطور وزيراعظم ڪم ڪندو ته ڪافي بھتري اچي سگھي ٿي، الله پاڪ سندس لاءِ آسانيون پيدا ڪري ته جيئن ملڪ صحيح ٽريڪ تي اچي سگھي، منصور علي سومرو لکيو ته وزيراعظم کي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ کپي ان سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا به فراهم ڪري ۽ امن امان جي صورتحال تي به غور ڪري. ثناءُالله مشوري لکيو ته ملڪ کي ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو پاڻ کائيندا پنھنجا گھر ڀريندا عوام اڳ کان گھڻو پريشان ٿيندو مھانگائي به ختم ڪونه ڪري سگھندا ڦرون ڌاڙا ھر روز وڌندا پيا وڃن، جي آر چانڊيو لکيو ته ساڳي ماني ساڳ سان، شھباز شريف اڳ به وزيراعظم رھي چڪو آهي شھباز شريف جو ڏيڍ سال تمام بدترين رھيو، پي ڊي ايم عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو، 150 رپين ۾ ملندڙ پيٽرول 330 تي پھتو عام وھپي جو شيون ايتريون ته مھانگيون ٿي ويون جو غريب طبقو ته بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿيو پر مڊل ڪلاس به پريشان ھيو ته ھن وڌندڙ مھانگائي کي ڪيئن منهن ڏجي، ھي وزيراعظم عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪندو صرف پنهنجي وزيرن مشيرن کي سھولتون فراھم ڪندو عام ماڻهو تياري وٺن ھاڻي مھانگائي جو طوفان نه پر زلزلو ايندو، سڄڻ ميرجت لکيو ته عوام سونامي مهانگائي، ٻوڙيندو هن وزيراعظم مان عوام کي ڪو به رليف نه ملندو، ساڳي ماني ساڳ سان پنج سال عوام ساڳيو دربدر هوندو، اي ڊي بجير لکيو ته عوام کي فائدو ٿيڻ واري ڳالھه کي وقت تي ڇڏيون ٿا..!!باقي رهي ڳالھه عوام جي ڀلائي لاءِ سو شهباز سرڪار کي گهرجي ته ملڪي معيشت کي نظر ۾ رکندي وڏن ڪاروبارن ۽ ملز/فيڪٽريز تي ٽئڪس لڳائي، عوام جي کاڌ ۾ استعمال ٿيندڙ روزمره جي شين ۽ دوائن تي رليف ڏي.. لڪي خليل احمد لکيو ته وري وزير اعظم ٿي ويو، واپسي ملڪ پوري ۾ سيلاب ايندو پيٽرول گيس کاڌي پيتي جو شيون وري مھانگيون ٿينديون عوام کي ڪنهن قسم جو رليف نه ملندو، سعيد رشيد ڏهر لکيو ته جهڙي حساب سان پنجاب حڪومت ڪم ڪري پئي ان مطابق ته هنن کي وفاق ۾ به ڪم ڪرڻ کپي پر عوام هنن کي اڳ ۾ به آمائي چڪو آهي پر ڏسجي عوام جو رد عمل ڇا آهي پر منهنجي حساب سان هي گذريل حڪومت وانگر ئي مهانگائي ڪندا، ايم حنيف سومرو لکيو ته نواز ليگ جي دور اقتدار ۾ امن جي صورتحال ۽ مهانگائي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي شهباز شريف کي گهرجي ته عوام تان مهانگائي جو بار لاهي ۽ سنڌ جي بگڙيل ماحول کي تبديل ڪرائي امن بحال ڪرائي ۽ صوبن کي برابري جي ترجيح ڏئي. فياض علي لکيو ته سڀ کان پهرين ڳالھه ته شھبازشريف کي عوام جي مٿان مڙھيو ويو آهي اھو بکين جو ٽولو صرف اقتدار جي حاصلات لاءِ ئي گڏ ٿيو آهي اليڪشن جي ورڪ دوران پ پ ۽ ن ليگ جھڙي طرح ھڪ ٻئي تي تنقيد ڪري رھيون ھيون ته انھن مان لڳي پيو ته قيامت جي ڏينهن تائين اھي پاڻ ۾ نه ٺھندا باقي رھي ڳالھه عوام جي فائدي جي ته پير پاڳارو فرمائي چڪو آهي ته اڃا وڌيڪ مھانگائي ٿيندي ته ظاھري ڳالھه آ ھي حڪومت نه گھڻو ٽائيم ھلي سگھندي نه ئي وري عوام کي نئين وزيراعظم مان ڪا اميد رکڻ گھرجي، ابراهيم مخدوم لکيو ته وزيراعظم کي پيٽرول سميت کاڌي پيتي جي شين تي ڪنٽرول ڪرائڻ گهرجي ته جئين عوام کي رليف ملي سگهي، فدا حسين لکيو ته عوام ھنن کي اڳ ئي آزمائي چڪو آھي اھي ڪم ڪونه ڪندا صرف مهانگائي ڪندا، مجيد لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، ميانداد مري لکيو ته عوام ھنن کي اڳ ئي آزمائي چڪو آهي هنن مان ڪا به اميد ناهي، خان ايم عقيل به سروي ۾ حصو ورتو، علي محمد لکيو ته چور آهي، صنم بلوچ لکيو ته ساڳئي ماني ساڳ سان هوندي، رميش ڪمار به پنهنجي راءِ جو اظهارڪيو.