ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت کي ڪي فور جا 12 ارب نه مليا، وڏي وزير طرفان وزيراعظم کي حلف کڻڻ شرط خط لکڻ جو اعلان، مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم کي واعدا ياد ڏياريندس، وڏي وزير جو ايم ڪيو ايم ۽ نوازليگ وچ ۾ بلدياتي ترميم واري معاهدي تي طنزيه تبصرو، سندس چوڻ هو ته شايد اهو معاهدو پنجاب لاءِ آهي، سنڌ ۾ ترميم جا اختيار سنڌ اسيمبلي وٽ آهن. هن چيو ته جي ڊي اي ميمبر پيرپاڳاري جي ڳالهه به نٿا مڃين، ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو آڻبو، بلاول ڀٽو جي 10 نڪاتي منشور تي عمل لاءِ پرعزم آهيان، ٻوڏ زده علائقن کان ٻاهر به گھر ٺاهي ڏينداسين. ڪالهه  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايم پي ايز سان گڏجي اليڪشن ڪميشن آفيس پهتو، اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ سينيٽ اليڪشن لاءِ ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ اسلم ابڙو جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، ڪورنگ لاءِ نثار کهڙو ۽ ڄام مھتاب ڏهر به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته  2 سينيٽر نثار کهڙو ۽ ڄام مھتاب ڏهر ايم پي اي ٿيا آهن، ٻنهي خالي سيٽن تي اليڪشن لاءِ پ پ ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ اسلم ابڙو کي نامزد ڪيو آهي، ٻنهي جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن، ٻئي سينيٽر چونڊجي ويندا کين اڳواٽ مبارڪون ڏيان ٿو، ٻنهي اميدوارن لاءِ 108 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي، اسان جا 114 ميمبر آهن. هن چيو ته آصف علي زرداري به صدر چونڊجي ويندو، ان کي به اڳواٽ مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ بااختيار مڪاني ادارا موجود آهن، ميئر ڪراچي مرتضي وهاب فعال طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هو ڪراچي کي دنيا جو جديد شهر بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مڪمل بااختيار الله پاڪ جي ذات آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ۾ مڪاني نظام ۾ ترميم بابت معاهدو ڪيو آهي پر نواز ليگ جو سنڌ ۾ ڪو ميمبر ئي ناهي شايد سنڌ جي بلدياتي نظام کان متاثر ٿي ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ پنجاب لاءِ اهو معاهدو ڪيو آهي. هن چيو ته ترميم جا اختيار صرف سنڌ اسيمبلي وٽ آهن، جيڪڏهن وڌيڪ بهتري جي ضرورت هوندي به اسان پاڻ ڪنداسين، اسان کي ڪنهن معاهدي جي ضرورت ناهي، بلدياتي ترميم نواز ليگ نه ڪندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ اسٽيڪ رکي ٿي، ان سان به ڳالهائيندا سين. هن چيو ته سياست ۾ هر ووٽر وٽ ويندا آهيون، ايم ڪيو ايم قيادت اسلام آباد ۾ آهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ به ايم ڪيو ايم سان رابطو ڪيو هو. هن چيو ته وفاقي ڪابينه جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته صوبائي ڪابينه وڏو وزير پارٽي قيادت سان مشاورت ڪري ٺاهيندو آهي. وڏي وزير چيو ته هر حڪومت ۾ امن امان جو مسئلو هوندو آهي، امن امان صوبائي مسئلو آهي، حڪومت جو ڪم امان امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ هجي ٿو. پوليس ۽ رينجرز کي خاص هدايتون ڏنيون آهن، ڪچي جي ڌاڙيلن جو جلد خاتمو آڻينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ بلال ڀٽو 10 نڪاتي منشور ڏنو، مان ڪنهن سان به موازنو نٿو چاهيان، سنڌ ۾ مسلسل پ پ چوٿون ڀيرو حڪومت ٺاهي، سنڌ جي عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکنداسين، سنڌ وارن پ پ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ هنن پهريون ڀيرو 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ڏياري. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جو مسئلو هو، ان لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون، قائم علي شاهه جي دور ۾ اسان ڪم شروع ڪيو، ڪلڪ پروجيڪٽ تحت اسان اسٽيڊيم ٺاهيا، ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪراچي واٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ تي ورلڊ بينڪ سان ڪم ڪريون پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي کي جنهن خراب ڪيو، ان کان سوال ڪريو، نالن ۽ فوٽ پاٿن تي قبضا ڪنهن ڪيا؟ دڪان ڪنهن ٺاهيا؟ آئون ڪجهه چوندس ته دوست ناراض ٿي ويندا. هن چيو ته ڪي فور تي وزيراعظم سان منهنجي آفيس ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم چيو فنڊ ڏيندس، 16 ارب رکيا ويا، صرف 4 ارب ڏنا ويا، آئون وزيراعظم کي واعدو ياد ڏياريندس، خط لکي ڇڏيو آهي، ان خط تي صرف وزيراعظم جو نالو لکيل ناهي، وزيراعظم جي حلف کڻڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جيئن حلف کڻندو ته خط تي نالو لکي ۽ صحي ڪري موڪليندس. هن چيو ته فنڊ نه مليا ته منصوبي ۾ دير ٿي سگھي ٿي. هن چيو ته حڪومتن جي دل وڏي هوندي آهي، ڪير حڪومت سان ڳالهائڻ چاهي ته ڳالهيون ڪنداسين، جي ڊي اي جو احتجاج سمجهه ۾ نٿو اچي، جي ڊي اي اميدوار ڪيترن سيٽن تي بيٺا هئا؟ انهن وٽ اميداور ئي نه هئا، انهن تڪن تي کين هميشهه وانگر شڪست ملي آهي. هن چيو ته  جي ڊي اي ميمبر پير پاڳاري جي ڳالهه به نٿا مڃين، پيرپاڳاري چيو ته اسان جا ميمبر حلف نه کڻدا پر هنن ٻئي ڏينهن تي ئي گوشوارا جمع ڪرائي پاڻ کي نوٽيفائي ڪرائي ڇڏيو، هينئر به انتظار پيا ڪن ته دروازو کلي ته اندر گھڙي وڃون. وڏي وزير چيو ته اسان چاهينداسين ته هو حلف کڻن. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جو پهريون ڪم معيشت کي ڏسڻو آهي، مهانگائي جو ٻوجهه عوام تان هٽائڻو آهي، اشرافيه کان سبسڊي واپس ورتي وڃي. هن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪوشش هوندي ته انتظاميا قيمتن تي عمل ڪرائي، مهانگائي چئلينج آهي، عوام تڪليف ۾ آهي، سڄي دنيا ۾ تهوار تي شيون سستيون ٿينديون آهن، بدقسمتي سان رمضان ۾ اسان وٽ قيمتون وڌي وينديون آهن، دڪاندار ماڻهن سان زيادتي نه ڪن. هن چيو ته بلاول ڀٽو جيڪو طئي ڪندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي، ٻوڏون پهرين به آيون، ڪڏهن گھر ٺهيا؟ پ پ چيئرمين چيو ته مون کي گھر ٺاهي ڏيڻا آهن، الله جو ڪرم آهي ته گھر ٺاهڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اسان هاڻي سوچيون ٿا ته ٻوڏ زده علائقن کان ٻاهر به گھر ٺاهي ڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تمام جلد ٻنھي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف پڻ گڏيل قدم کنيا ويندا. اھڙو اتفاق وزيراعليٰ ھائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نون چونڊيل وڏن وزيرن سيد مراد علي شاھھ ۽ مير سرفراز احمد بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي اسمبلي جا چونڊيل ميمبر، علي مدد جتڪ، ظھور علي بليدي ۽ عبداللھ گرگيج شامل ھئا؛ جڏھن تھ سنڌ جي وڏي وزير  سان سيد ناصر حسين شاھھ، شرجيل انعام ميمن، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ضياءُ الحسن لنجار ملاقات ۾ گڏ ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سرفراز احمد بگٽي کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي واڌيون ڏنيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ گوادر ۾ فلاحي ڪمن بابت پنھنجي ھم منصب سان ڳالھائيندي چيو تھ پي ڊي ايم اي سنڌ گوادر ۾ ست پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون موڪليو آھن ۽ پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ پي ڊي ايم اي بلوچستان رابطي ۾ آھن جيڪڏھن ڪنھن بھ مشينريءَ جي گھرج ھوندي تھ فراھم ڪئي ويندي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو تھ گوادر ۾ پاڻي جي نيڪالي ۽ ٻين بحاليءَ وارا ڪم تيزيءَ سان جاري آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٻنھي وڏن وزيرن 9 مارچ تي صدارتي چونڊن بابت ڳالھائيندي دعويٰ ڪئي تھ آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان ٻيھر ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو. ٻنھي وڏن وزيرن امن امان جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اتفاق ڪيو تھ تمام جلد ٻنھي جي سرحدن تي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف پڻ گڏيل قدم کنيا ويندا.