جھنگو وساڻ کي ھن ڀيري گئس ۽ لائبريري ڏيڻ نه وساريندا!‎

 

اسان جو ڳوٺ جھنگو وساڻ تاريخي ڳوٺ آھي، جنھن جي آبادي لڳ ڀڳ ڏھ ھزار کان مٿي آھي، ھن ڳوٺ کي ھر دور ۾ بنيادي انساني سهولت گئس ۽ لائبريريءَ جي سھولت کان محروم رکيو آھي. گئس جي نه ھجڻ جي ڪري ڪاٺيون، ڇيڻا ۽ ٻين شين تي رڌ پچاءُ ڪرڻ جي ڪري هتان جي ڳوٺاڻڻ کي دم ۽  کنگهه جي بيمارين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ھي ڳوٺ تعلقي ڪوٽڏجي ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آھي. ھن ڳوٺ جا شاگرد قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد کان گريجوئيٽ آھن ۽ ڪافي شاگرد ھن وقت به قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. ھن ڳوٺ مان سي ايس ايس به پاس ڪري ڊاڪٽر منصور دوست ڏھ بيڊ اسپتال ان جي سهڪار ۽ اسپتال ڏيارڻ ۾ سھڪار ڪري رھيو آھي. لائبريريون علم جا خزانا ھوندا آھن، ھن ڳوٺ کي لائبريري جي سخت ضرورت آهي. اتان جا شاگرد اُن علمي تحفي کان محروم آھن. ان جون ڳوٺ جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ھن وقت اسان ڊاڪٽر نفيسا شاهه صاحبه، ايم اين اي جي سيٽ تي عام چونڊن ۾ کٽي ايم اين اي ٿي وئي آھي، ان ڳوٺ جھنگو وساڻ جي ڳوٺاڻن سان واعدو ڪيو ھو ۽ چيو ھو ته جيڪڏھن مان ايم اين اي ٿي ويس ته توھان جي ڳوٺ جھنگو وساڻ کي ضرور گئس ڏينديس. ھن وقت ڊاڪٽر نفيسا شاهه صاحبه کي اسان جي ڳوٺ کي نه وسارڻ گھرجي. اسان جيڪي به نمائيندا تعلقي ڪوٽڏجي ۽ خيرپور مان اليڪشن کٽي ويا آھن، انھن کي گذارش آھي ته ھن تاريخي ڳوٺ جھنگو وساڻ کي گئس ۽ لائبريري جي سھولت ڏني وڃي ته جيئن شاگرد لائبريري مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

معصوم شاگرد لاءِ به سوچيو!

 

ٻار سماج جو ھڪ اھم حصو هوندا آھن، مون کي جڏهن به سيکارڻ جو موقعو ملندو آھي ته ھتي مان بنا ڪنهن لالچ جي معصوم ٻارڙن کي سيکارڻ شروع ٿي ويندو آھيان، مان ٻارن کي پڙھائڻ نه پر سيکاريندو آھيان ۽ شاگرد به ڏاڍي چاھ سان سکندا آھن، ٻارن کي غلطي ڪرڻ ڏيو ۽ ھو غلطين مان سکندا آهن، جيئن “ايڊورڊ جي فلپس” چيو آھي ته  “جيڪو ماڻهو غلطي نٿو ڪري، حقيقت ۾ اهو ڪو ڪم به نٿو ڪري سگهي.” خدارا ٻارن جي پسنديده شين کي ڳولڻ جي مدد ڪريو. ھو ڪھڙين شين ۾ مھارت رکندا آھن ۽ پوءِ ان مطابق انهن کي تعليم ڏيو ۽ ڏياريو. مون اڪثر ڳوٺن جا ٻار ڏٺا آھن ته بس اھي اسڪول ايندا ته آھن، استاد محترمن کان سبق وٺي موڪل جو انتظار پيا ڪندا آهن، توهان کي ڪا اھڙي مشق/ سرگرمي ڪرائڻ گھرجي جنهن ۾ شاگرد مصروف به ھجن ۽ ڪجهه نئون سکڻ لاءِ به ملين.

 

زاھد حسين زرداري/ڳوٺ گھنور خان زرداري

مخصوص ٽولي جي حڪومت!

 

دنيا ۾ جمهوريت ان کي چيو ويندو آهي جتي آزاديءَ سان عوام پنهنجا نمائندا چونڊي سگھي، پاڪستان ۾ عوامي چونڊن کي هر ڀيري هڪ خاص طبقي پاران رد ڪيو ويندو آهي، هتي سرمائيداري نظام ادارن جي هٿ ڳنڊ سان جمهوريت کي ختم ڪري ٽولن کي اڳيان آندو آهي پر پاڪستان ۾ سرمائيدار ئي حاڪم ٿيندا رهيا آهن، هٿ ٺوڪين حاڪمن صرف ذاتي مفادن کي اڳيان رکيو آهي ۽ انهن ٽولن هن ملڪ کي هميشه ذاتي ملڪيت طور ئي استعمال ڪيو آهي. هن ملڪ ۾ حق ۽ سچ کي سولي به نصيب ناهي ٿيندي، هن ملڪ ۾ رهندڙ قومن مان ٻن قومن سنڌي ۽ بلوچ کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن جا حق ماريا ۽ کسيا ويا، تعليمي سرگرمين ۾ ڪاپي ڪلچر جهڙا نظام ۽ منشات فروشي جهڙن ڪڌن ڪمن ۾ آڻڻ به انهن ادارن جو خاص ڪردار آھي، حق گهرڻ تي قومي نسل پرستي جي نالي تي انهن ئي قومن جي فردن کي قتل ڪرڻ به انهن ئي ادارن جو ٺيڪو آهي، هٿ وٺي قومن کي تباھ ڪري ۽ انهن ئي قومن کي دهشتگرد ڪوٺيندڙ ادارن کي اهو مقصد مليل آهي ته توهان دل کولي بدمست ٿيو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڌٻ ڌٻي ۾ رکو جيئن ته ڪو عوامي نمائيدن کان سوال نه ڪري سگهي، ڪڏھن ڪنهن ظلم تي عملي ڪم نه ڪري سگهي.

 

شهزاد علي زئور/ ميرپوربٺورو

 

حضرت لال شھباز قلندر رحمت الله جو 772 ھون عرس مبارڪ!

 

مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي عليه الرحمه جو اصل نالو عثمان آھي، سندن والد بزرگوار جو نالو  ڪبير الدين آھي، شجره نسب ڪجهه هن ريت ملي ٿو: سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه، ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله. ولادت باسعادت: حضرت لعل شهباز قلندر عليه الرحمه جي ولادت باسعادت 538هه 1143ع تي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿي. بعد ۾ سيوهڻ تشريف کڻي آيا. تعليم و تربيت: پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر عظيم شاعر ۽ مصنف هئا. سفرنامو: قلندر شهباز عليه الرحمه ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا، عراق انڊيا، ايران کان ٿيندا آخري ڏهاڙن ۾ سيوهڻ شريف ۾ رهيا. وصال شريف: سندن وفات 650هه 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي، اڄ به مزار شريف عام و خاص جي زيارت گاهه بڻيل آھي. الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي صالحن جي رستي تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي آمين. حضرت لعل شھباز قلندر جي ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لعل شھباز قلندر رحه جي عرس مبارڪ تي سندس پيغام آھي ته سنڌ ڌرتي صوفين، درويشن ۽ عظيم بزرگ ھستين جي ڌرتي آھي ۽ حضرت لعل شھباز قلندر جي تعليمات ۽ سندس فلسفو انسانيت جو درس ڏيندو آھي، حضرت لعل شھباز قلندر جو پيغام ڀائيچارو، محبت ۽ امن آھي. وڏي وزير چيو ته ھر سال حضرت لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ پر دنيا جي ٻين ملڪن کان لکن جي انگ ۾ زائرين حاضري ڀريندا آھن، ھن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي، سيوھڻ جي سرزمين تي جيڪو قدم رکندو آھي اھو قلندري رنگ ۾ رنگجي ويندو آھي. حضرت لعل شھباز قلندر جي پيغام ۽ فلسفي کي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آھي. تاريخ ثابت ڪيو آھي ته صوفي ڌمال نفرت ۽ انسانيت دشمنيءَ خلاف سبق آهي. اسان اڄوڪي ڏينھن تي پڪو پھ ڪريون ته معاشري مان انتهاپسندي، دھشتگردي ۽ نفرتن جو خاتمو ڪيو ويندو، ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، جيڪي هميشه ٻين ڪاڻ جيئن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن خوبصورت ڪائنات جو خالق رب پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته: “زندگي ته سڀ ڪو گذاريندو آهي پر ڀلارا انسان اهي آهن، جيڪي پنهنجن ماروئڙن، جهانگيئڙن جي درد، تڪليفن، اهنجن، ايذائن ۽ مصيبتن کي پنهنجو درد سمجهي انهن جي درد جو درمان بڻجندا آهن، ۽ منجهيل ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن بنا ڪنهن فرق ۽ بغير لالچ جي پنهنجي جستجو جاري رکندا آهن.” اهڙن سٺن ماڻهن مان سيوهڻ شهر جي نگري جا ٻه اهم ۽ خاص خاندان سان تعلق رکندڙ سڄي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل لڪياري سيد جا جانشين لال لجپال قبلا حضرت عثمان مروندي رح المعروف حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله جا گادي نشين سيد الله بخش شاھ لڪياري المعروف (بودلو) سيد گل محمد شاھ لڪياري المعروف سائين راجا سائين لڪياري خاندان جا چشم چراغ سيوهڻ شھر جي سرسبز سرزمين جي مٽي مان جنم وٺندڙ پڻ هڪ آهن، جنهن هميشه مسڪينن ۽ غريبن جي ڪم اچڻ ۾ زندگي گذاري آهي.

 

وفا ولي محمد ڦل/سيوهڻ

 

جيءُ جهوريندڙ واقعو!‎

 

يا خدا ھي ڪھڙا حيوان آھن، جن انساني پوش پھري انسان لفظ جي لڄالٽ ڪئي آھي، ھي ڪير آھن؟ ڇا ھي ڪنھن انسان جو اولاد آھن؟ نه نه نه، انسان جو اولاد وري اھو جيڪو ڪنھن معصوم گل کي چيڀاٽي سندس سر جسم کان ڌار ڪري اڇلائي ڇڏين، ڪنھن جيجل جي جھولي مان ستن سالن جو گل کسي ڇڏين، پيءُ کان پيريءَ جو پنڌ کسي ڇڏين، اھي اھڙا حيوان آھن جن جي نالي وٺڻ سان اسان جي زبان ناپاڪ بڻجي ٿي، آخري ڏوھ ھو ننڍڙي ستن سالن جي علي رضا ھاجاڻي جو جنھن کي ظالمن اغوا ڪري قتل ڪري سندس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، اڙي حيوانئو! ھي معصوم ھو پکين سان پيار ڪندڙ ھو، پکين جيان ٻاتڙيون ٻوليون ٻوليندو ھو. اسان ھن ڪريل عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا ۽ ڏوھارين کي پڪڙي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، آخر اھڙي وحشت ڇو؟ ھي ته معصوم نينگر ھو جيڪڏهن ظالمن جي ھن نينگر جي وارثن سان ڪا دشمني ھئي ته اھي ھن جي وارثن کان وھنوار وٺن ھا، قانون کان گھر ڪن ھا نه ئي اھڙو وحشت وارو ڪم ڪن ھا اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ھنن معاملي ۾ ملوث جوابدارن کي ڳولڻ ۾ ڪنھن به قسم جي گھٽتائي نه ڪن ۽ کين پڪڙي عبرتناڪ سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي جيئن ڪو وري اھڙي ڪڌي عمل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.

 

محمد بخش ٿھيم ڳوٽ سيٺ اسلام ٿھيم

استاد مراد علي ڀنگوار جي قاتلن کي گرفتار ڪريو!

 

سنڌ ۾ استادن سان ٿيندڙ ناانصافين ۾ ڏينهون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي، چوري ڦرلٽ دوران ڊيوٽي تي ويندڙ استادن سان جھيڙا روز جو معمول بڻجي پيا آھن، جنھن جي خبر اسان کي روز خبر رسان ادارن وٺان پئي ٿي پر ھاڻ ته ڳالھ استادن جي قتل تائين وڃي پھتي آھي، پھريان سائين ھدايت لوھار ۽ ھاڻ وري ڪشمور سان تعلق رکندڙ ھڪ فرض شناس استاد سائين مراد علي ڀنگوار کي ڊيوٽي تي ويندي ڪجھ شر پسندن فائرنگ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ اھا ڌرتي آھي جو جيڪڏهن اسان ٿورو ماضي ڏي نھارينداسين ته سنڌ ۾ استادن سان دشمن به ڪڏھن ايئن ڪونه ڪندا ھئا، چور توڙي ڌاڙيل به استادن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا ھئا ۽ کين بغير ڪجھ چئي وڃڻ ڏيندا ھئا پر ھاڻ ڪجھ شرپسندن شايد سنڌ جي عظيم روايتن کي پٺتي ڪري ڇڏيو آھي جو ھر روز سنڌ مان ڪنھن نه ڪنھن ھنڌان استادن سان ٿيندڙ زيادتين جون خبرون رپورٽ پيون ٿين. خدارا پنھنجي قوم جي محسنن کي سڃاڻو ۽ کين تحفظ فراھم ڪيو، ڇو ته اھي استاد ئي آھن جيڪي اوھان کي اھڙي جھالت مان ڪڍي علم جي روشني سان روشناس ڪرائين ٿا. اھي استاد ئي اوهان جي ٻچن جي روشن مستقبل جا ضامن آھن، اھي استاد ئي اوهان کي زندگي جي ھر مسئلي جي بھترين حل جي ڳولا ۽ حل لاءِ رھنمائي ڪندا آھن. خدارا پنھنجي قوم جي محسنن استاد شھيد اجمل ساوند، شھيد  ھدايت لوھار ۽ شھيد  علي مراد ڀنگوار جھڙا استاد قوم کان کسي اوھان قوم کي تباھي طرف ڌڪي رھيا آھيو. خدارا پنھنجي ٻچن ۽ قوم تي رحم ڪريو، استادن سان ناانصافيون بند ڪيو ته جيئن استاد جھر جھنگ ۾ بنا ڊپ جي اچي قوم جي ٻچن کي علم جھڙي زيور سان آراسته ڪري سگھن. اسان ڪشمور ضلعي جي ايس ايس پي پوليس سميت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عرض ٿا ڪريون ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي استاد جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌ جي استادن ۾ پکڙيل غم ۽ بيچيني ۾ ڪجھ گھٽتائي اچي سگھي.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڪوٽڏيجي، خيرپور

 

شيخ اياز صدين جو سرجڻهار!

 

اهو سچ آهي ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ شيخ اياز سڀني کان وڏو شاعر تسليم ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي دور جو عظيم ۽ ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ئي دور جي ناليوارن اديبن ۽ نقادن جڏهن سندس شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ته اعتراف ڪيائون ته “اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي، هو پنهنجي همعصر نسل ۽ ايندر نسلن جو معمار ۽ محسنن ۾ شمار ٿيندو ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي.” واقعي شيخ اياز جي ڪرشماتي شاعريءَ جو اثر ڪالهه ته ڇا پر اڄ جي نوجوانن به قبول ڪيو آهي، پنهنجي هن محسن جي سخن مان معنيٰ جا موتي هٿ ڪرڻ ۾ شاگرد ڪامياب ويا آهن. نوجوان طبقو دل سان سندس احترام ڪري ٿو ۽ سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪري ان مان پنهنجي رواجي ڳالهائڻ يا تقرير ۽ مضمونن ۾ مثال پيش ڪري کيس ياد ڪري ٿو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ نااميدي کي ٿڏي آٿت سان گڏ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ديس اندر خوشحالي آڻڻ جو عزم ۽ ديس جي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو نظر اچي رهيو آهي. اها به وري هڪ حقيقت آهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو محور صرف ۽ صرف سنڌ ناهي. هو دنيا ۾ امن، شعور، پيار ۽ پنهنجائپ کي قائم ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ٿورڙي عرصي ۾ شيخ اياز جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ مترجم اڳيان آيا آهن ۽ انهن مختلف ٻولين ۾ معياري ترجما ڪري شيخ اياز جي محنت کي محبت سان ڌارين اڳيان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ ۾ ته اياز ترقي پسند جي روشني آڻي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. سندس دور ۾ جيڪو به جابر آيو سو سندس شاعريءَ سان ئي زير ٿيو. شيخ اياز پنهنجي دور ۾ شاعريءَ وسيلي احساس ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. محبت کان وطن دوستيءَ تائين، انسانيت کان زندگي پرستيءِ تائين هن جي واٽ شاعريءَ کي عروج بخشي پنهنجي ديس اندر شعوري انقلاب آڻڻ هو. ان ڪوشش ۾ هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو، ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو ها پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته اڄوڪي دور ۾ جيڪڏهن ٿورو ڪي گهڻو شعور آيو آهي ۽ عام ماڻهو به بيدار ٿيو آهي ته ان ۾ هن ڪوي جي ڪلام جو ڪمال به آهي، سندس ڪلام يا نثري تحريرن امرتا ماڻي ورتي آهي، هو اسان جي ترقي يافتا دور ۾ به ترقي پسند شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو، شيخ اياز جي ادبي خدمتن جي اها روشني صدين تائين جاري رهندي.

 

حسيب ناياب منگي/ شڪارپور

 

واهي پانڌي کان مراد جمالي روڊ جي مرمت ڪرايو!‎

 

واهي پانڌي کان ڳوٺ مراد جمالي هليلي طرف ويندڙ روڊ جي مرمتي ڪم جو سست رفتاري ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال جو آخر نوٽيس ڪير وٺندو؟ هي روڊ علائقي واسين جي لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. هي روڊ اهو ننڌڻڪو روڊ آهي جنهن کي اسان سڄي زندگي ايئن ئي ٺهندي ۽ اهڙي ئي ڊٿل حالت ۾ ڏٺو آهي پر ڪڏهن به اهو روڊ مڪمل ٿيندي نه ڏٺو آهي. روڊ جي ڪم ۾ سست رفتاري ۽ ناقص مٽيريل ئي اهم ۽ مک سبب آهي، جو روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿو ٿئي. روڊ ٺهڻ کان اڳ ٿوري برسات ۽ پاڻي اچڻ سان هنڌان هنڌان ڊهيو وڃي. اهڙي طريقي سان ٺيڪيدار پئسا هڙپ ڪيو وڃي، هن وقت به روڊ جي ڪم ۾ غير معياري مٽيريل استعمال پيو ڪيو وڃي ۽ ڪم انتهائي سست رفتاريءَ سان ڪيو پيو وڃي، ڪجھ مهينن جي اندر جڏهن برساتون پونديون يا هاڻوڪين ٻڌايل برساتن ۾ ته هي روڊ وري به مڪمل طور تباھ ٿي ويندو! وري نوان پئسا منظور ڪيا ويندا، ان سان ته وري به ٺيڪيدارن جو ئي ڀلو ٿيندو، هي روڊ سان روزانون سوين ماڻهن جي اچ وڃ آهي، جيڪي ٺيڪيدار جي نااهلي سبب عذاب ۾ ورتل آهن. ايمرجنسيءَ توڙي عام حالتن ۾ علائقي واسين کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. هن ملڪ جي نيب ۽ ٻين اعليٰ ادارن کي هن روڊ جي ٺهڻ جي ڏس ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل ڪم توڙي حال ۾ ٿيندڙ  ڪم ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، گڏوگڏ تڪ جي ڇونڊيل نمائندن کي به اک پٽڻ گهرجي ۽ اهڙن ٺيڪيدارن کان سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي جيئن جلد هن روڊ جو ڪم مڪمل ٿي سگهي، علائقي واسين جون تڪليفون دور ٿي سگهن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

ڪڻڪ خريداري، گھوٻيون ۽ اسٽيٽ ٽريڊنگ!

 

(حصو پهريون)

 

اسان جي حڪمرانن جي ناقص انتظامي پاليسين جي ڪري ٿيندڙ ڪرپشن جي ڪري ڪڻڪ جي موجوده پوکائيءَ ۾ مارڪيٽ ۾ غير معياري ٻج ۽ يوريا توڙي ڊي اي پي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري فصل جي پوکائي وڏي متاثر ٿي ھئي. بليڪ مارڪيٽنگ جي ڪري مھانگو ملڻ پڻ ٿي پيو، جنھن جي ڪري ڪڻڪ ڪافي بي پھچ ھارين جي پوکائي جوڳي نه ٿي سگھي آهي. ان بنياد تي به ڪڻڪ جو فصل تمام بھتر لھڻ جي اميد پڻ آھي. اهڙي نموني جڏهن خوراڪ کاتي جي گذريل جي ڪڻڪ خريداريءَ جي انگن اکرن کي سامهون رکيو وڃي ته سنڌ حڪومت گذريل سال خوراڪ کاتي جي ضلعي زميوارن کي مجموعي طور سمور سنڌ لاءِ 1,4000000 اکرين هڪ ڪروڙ چاليھ لک ٻوڙين جي خريداريءَ جو ٽاگيٽ ڏنو ويو هو. جڏهن ته ان ٽارگيٽ نه پوري ڪرڻ سبب هڪ ته پئسا بچي پيا ۽ ٽوٽل 7000000 ستر لک ٻوري خريد پڻ ڪرڻ جا انگ اکر سامهون آيا آھن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ستر لک ٻوريءَ جي رقم جنهن کي ٽارگيٽ ۾رکي بجيٽ رکي  وئي هئي سو به سواليه نشان بڻيل آھي. ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي جي اندروني ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڪڻڪ اسٽاڪ جي کوٽ محسوس ڪندي سنڌ حڪومت بجاءِ پنهنجي ڪڻڪ کپائڻ جي امپورٽ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي جنهن ڪري پنهنجي ذاتي خريد ڪيل ڪڻڪ اڃا گهڻن ئي ضلعن ۾ پئي آھي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، خيرپور تائين رهجي ويا ۽ سکر گهوٽڪي پڻ ڪليئر ٿي ويا. اهڙي نموني هن وقت سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪڻڪ خريداريءَ جي لاءِ بجيٽ ته مختص ڪئي آھي پر ضلعي سطح تي ٽارگيٽ ناهي فڪس ڪيو ويو. ان ڪري ممڪن آھي ته ڪڻڪ جو پرائيويٽ ريٽ وڌڻ جا ڪي به امڪان هن وقت تائين نذر ڪو نه ٿا اچن. باقي فوڊ کاتي پاران مليل بارداني تي لٺ لڳڻ جا امڪان آھن ۽ ممڪن آھي ته پرائيويٽ ڪاروباري حلقن جون ان نئين بارداني تي اکيون هجن. قصو خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ چوريءَ ۽ اربين رپين جي گهوٻين جو اتي نٿو کٽي. بارداني جو بازار ۾ وڪري کان ويندي فوڊ انسپيڪٽرز ۽ ضلعي سطح جي آفيسرز جون ٽرانسفر پوسٽون پڻ وڏي اگھ تي ٿيڻ جا امڪان رد نٿا ڪري سگهجن.(جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي