اشو آف دي ڊي ماستري تي ايتري وٺ وٺان ؟ نوجوان اڳتي وڌڻ نٿا چاهين

0
168

 ماستري تي ايتري وٺ وٺان اھو ثبوت آھي ته سنڌ جو نوجوان اڄ به ڳوٺ ۽ يوسي کان ٻاھر نڪرڻ نٿو چاھي ۽ نوان چئلينج، سکڻ، اڳتي وڌڻ  ۽ گھڻي محنت کان اڄ به ڪترائي ٿو. عروج خان جي اهڙي پوسٽ سان علي گل سنڌي، عبدالستار امر، علي حسن ساند، جاويد احمد، شاهه جان جنجهي، سردار محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين اتفاق ڪيو. ڪمينٽ ڪندي بينا پنهور لکيو ته ٻيو رخ اهو به ڏسو ته وسيلن جي کوٽ، وڌندڙ عمر، بيروزگاري ۽ زميوارين جا بار جن جي ڳچي ۾ هجن انهن جي سوچ جو معيار  ڪٺور وقت جي هٿان بدلجي چڪو آهي، حسن هنڱورجو لکيو ته ان جو اهو مقصد به ناهي ته اسان جي نوجوانن کي غيرنصابي ٽيسٽ ڏياري زوري فيل ڪري نوڪريون سفارش يا ڏوڪڙن عيوض ڏجن.شهريار ميمڻ لکيو ته گهر ويٺي تجويزون نه ڏيو پهرين ٽيسٽ جا سوال ڏسو پوءِ ان تي بحث ڪريو ته بهتر ٿيندو. نقاش خاصخيلي لکيو ته اڳتي نڪرڻ لاءِ ايترا وسيلا به هجن نه نوجوانن وٽ، نوجوان فاقا ڪشي جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن ماستري ملي اها به چڱي آهي. دليپ ڪمار لکيو ته هر ڪنهن جي سوچ ۾ فرق آهي.