سوال/سروي … سردار ماءِ فٽ: وڏيرا، ڀوتار ۽ بااثر ماڻهو نصرالله گڏاڻي جي قتل جا ذميوار آهن، سنڌ حڪومت ۽ پوليس جو ڪردار به هاڪاري ناهي: عوام

0
28

 سنڌ جي صحافين، سول سوسائٽي ۽ عوام شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ملوث قرار ڏيندي چيو آهي ته سڌي طرح وڏيرڪو نظام ئي شھيد صحافي جو قاتل آهي، وڏيرن کان صحافين جو لکيل سچ برداشت ناھي ٿيندو نصرالله گڏاڻي گھر جي غربت واري حالت ڏسي منھنجي اکين مان لڙڪ لڙي پيا جيڪڏھن نصرالله چاھي ھا ته ٻين جيان ڪرپٽ نظام جو ساٿاري ٿي ڪروڙ پتي بڻجي وڃي ھا. هنن قتل جو ذميوار سنڌ حڪومت کي به قرار ڏنو ۽ پوليس جي ڪردار جي به نندا ڪئي. هنن جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو. جڏهن ته سردار ماءِ فوٽ جو نعرو به لڳايو جيڪو سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ به بڻجي ويو. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا صفحي جي سلسلي سوال سروي ۾ عوام کان سوال ڪيو ويو ته ميرپورماٿيلي جو صحافي نصرالله گڏاڻي شھيد ٿي ويو آهي توهان سندس قتل جو ذميوار ڪنھن کي سمجھو ٿا؟ صاحب خان ڪلمتي ميرپورساڪري کان لکيو ته شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ اتان جا مقامي ڀوتار ملوث آهن. ڪيريو آفتاب لکيو ته سردار ۽ ڀوتارڪو نظام ان جو ذميوار آهي. عبدالرحمان چانگ لکيو ته شهيد صحافي جي قتل جا ذميوار مقامي با اثر وڏيرا ۽ انتظاميه آهي. ممتاز راهمون لکيو ته گهوٽڪي جي مافيا، لنڊ سردار، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڪمدار  ذميوار آهن. شفقت علي لکيو ته قبيلائي نظام سنڌ جو سڀ کان وڏو قاتل آهي. وحيد بروهي لکيو ته انھن سردار، ڀوتار ۽ وڏيرن کي ذميوار سمجھون ٿا جن جي ظلمن ۽ ڪيل ڪرپشن خلاف نصرالله گڏاڻي ڳالھائيندو رھيو آھي. ظهور گل ڏهر لکيو ته شهيد صحافي نصر الله جو خون لڙهي ويندو، پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري پئي، اصل قاتلن کي بچائڻ لاءِ اسڪرپٽ تيار آهي. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ ھفتي دوران جن وڏيرن بيوروڪريٽن خلاف پوسٽون رکيل آهن انهن کي تفتيش ۾شامل ڪيو وڃي ۽ انهن وڏيرن جي واٽس اپ، فون جي ڊيٽا چيڪ ڪئي وڃي. محمد عمر لنڊ شادي لارج کان لکيو ته اسان جي نظر ۾ سڌي طرح وڏيرڪو نظام ئي شھيد صحافي جو قاتل آهي، وڏيرن کان صحافين جو لکيل سچ برداشت ناھي ٿيندو، وڏيرن جا چمچا وري وڃي پنھنجي ڀوتارن چوندا آھن ته فلاڻو صحافي اوھان جي خلاف لکي پيو، ته وڏيرو وراڻيندو ته اھو صحافي ڪير ٿيندو آھي. اسان وڏيرن کي ٻڌائڻ چاھيون ته اوھان وڏيرا ڀوتار ڪير ٿيندا آھيو اسان کي سچ لکڻ کان روڪڻ وارا. نصرالله گڏاڻي ته سچ لکندي لکندي شھادت جو جام پي ويو، انشاء الله نصرالله گڏاڻي جي نقش قدم تي ھلڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين. منظور ڪنڀر لکيو ته طاقتور قوتون ذميوار آهن. زبير احمد ڪلوڙ لکيو ته تر جا سردار ۽ وڏيرا شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث آهن. جرنلسٽ شاهد بلوچ به سردارن کي ذميوار قرار ڏنو. عمر سنڌي لکيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ھر ظلم جي ذميوار رياست آهي . لطف ملڪ تنگواڻي مان لکيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ سڌو سئون هٿ آهي انهن ظالمن جا جن خلاف شهيد نصرالله گڏاڻي جهاد جو اعلان ڪيو، اسان مجاهد صحافت شهيد صحافت نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ذميوار ان سمورن ڌرين کي سمجهون ٿا جيڪي ڀوتارڪي ذهنيت رکن ٿا سازش ۾ ملوث سهولتڪارن،سرپرستن ۽ قاتلن جي گرفتاري ۽ کين سخت قانوني سزا جي گهر ڪيون ٿا. جاويد جان ڪيريو لکيو ته نصرالله گڏاڻي گھر جي غربت واري حالت ڏسي منھنجي اکين مان لڙڪ لڙي پيا جيڪڏھن نصرالله چاھي ھا ته ٻين جيان ڪرپٽ نظام جو ساٿاري ٿي ڪروڙ پتي بڻجي وڃي ھا پر ھي سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت ھو جنھن ھن عارضي زندگي بجاءِ حقيقي زندگي کي فوقيت ڏني. نياز احمد ڳاهو لکيو ته ھڪ سچو ۽ ماڻھن جي ڀلي جو سوچيندڙ باشعور صحافي جنھن جي قتل جو ذميوار ھي سڄو نظام وڏيراشاھي آھي. مقامي اثر رسوخ رکندڙ وڏيرا به آھن جنھن جي ڪاڻ نصر الله نه ڪڍندو ھو اتي جو موجودا ايس ايس پي ۽ انتظاميا به آھي جيڪو امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام آھي. ھڪ باصلاحيت ۽ سچي صحافي کي تحفظ نه ڏئي سگھي جيڪو شھيد پوليس آفيسرن لاءِ آواز اٿاريندو ھو باقي عام ماڻھو کي تحفظ ڇا ملندو. عبدالستار ڪي لکيو ته جيستائين سرداري نظام چمچا گيريءَ آھي اھڙا ڪئي ويچارا بھادر دلير جوان شهيد پيا ٿيندا. صدرالدين گرگيج لکيو ته سردار ۽ ڀوتار ذميوار آهن. عرفان علي سنجراڻي لکيو ته سردار ۽ بدبودار سرداري نظام کي ذميوار سمجهون ٿا. جوڻيجو عمران لکيو ته اهي ئي قاتل آهن جن جي خلاف هن سچ لکيو ۽ هنن جا پول پڌرا ڪيا عوام آڏو ۔دلير صحافي ۽ غريب جو همدرد انسان الله پاڪ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين. سميع الله لاکو لکيو ته ڪنهن سچ چيو آ ته ڪردار جي خبر جنازي مان پوندي آهي شھيد نصرالله گڏاڻي جي عظمت کي سلام. سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو کان لکيو ته نصير ﷲ هڪ بهترين انسان ۽ صحافي هو. نصر ﷲ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.  رسول بخش لکيو ته ان جا ذميوار سنڌ حڪومت۽ سردار آهن. عرفان علي ملاح لکيو ته سردار ۽ رياست قتل ۾ ملوث آهن. عبدالوحين بلوچ لکيو ته سردار ۽ ڀوتار ذميوار آهن. بلوچ بلوچ به راءِ جو اظهار ڪيو. اسرار علي لکيو ته ذميوار ڀوتار ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير چنو آهي. عاشق شر به سردار ڀوتار ذميوار قرار ڏنا. يحيٰ جتوئي آفيشل لکيو ته اسان ظالم سردارن وڏيرن ۽ سرڪاري ڪرپٽ مافيه کي ذميوار سمجھون ٿا جن جي نڙي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي اٽڪيل ھو. جي آر چانڊيو منڍ جمڙائو سانگھڙ مان لکيو ته نصرالله جو قتل پوري صحافت جو قتل آھي. صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ڪجهه وقت اڳ گھوٽڪي جي لنڊ سردارن موت مار حملو ڪرايو ھو جنهن حملي جي ويڊيو اڄ به سوشل ميڊيا تي موجود آھي اسان جو مطالبو آھي پھريان لنڊ سردارن کي گرفتار ڪري واقعي جي چڱي طرح جاچ ڪرڻ لاءِ سٺا آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سيف الله پتافي ۽ علي عباس جمالي چيو ته قتل جو ذميوار ڀوتارڪو نظام آهي. ذوالفقار علي جمالي لکيو ته ذميوار رياست ۽ سياست آهي. شبيرعلي جعفري ڪرمپور مان لکيو ته نصرالله گڏاڻي جا قاتل علائقي جا ڀوتار سردار مير پير ئي آهن جيڪي نه پيا چاهن ته اسان جي خلاف ڪو آواز اٿاري اسان جيئن ڪيون نه ڪيون اسان جي پنهنجي مرضي هلي پر شهيد نصرالله گڏاڻي ائين ڪرڻ هرگز نه ٿيڻ ڏيندو هو نصرالله گڏاڻي هڪ دلير بهادر صحافي هو ان جي قتل ڪرائڻ ۾ ڀوتار ئي ملوث آهن. آدم پتافي لکيو ته بيباڪ صحافيءَ جو قاتل ھي بدبودار ڀوتارڪو سماج آھي. صحافت ڀوائتو خواب ٿيندي وڃي پئي پر حوصلا ھيڻا نه پر ٻيڻا آھن. محمد عثمان شر لکيو ته ٻن ٽڪن تي وڪامندڙ سردار ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي ذميوار آهي. عبدالجبار چانگ/ھنڱورجا مان لکيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي سرخ سلام ۽ اسين جڏھن ان جو فيسبوڪ ۾ سرچ ڪري ڏٺو ته ان آخري پوسٽون رکيون ميرپور ماٿيلو ۾ ڪا لائيبريري ھئي اھا غير فعال ھئي ۽ سردارن ۽ ڀوتارن جي چنبي ۾ ھئي ۽ اتان جي پوليس جا سڀ ڪم پڌرا پيو ڪري جيڪا پوليس ايراني تيل جو ڀتو وٺندي ھئي ان جي يوٽيوب تي سڀ سوبوت پيا آھن انھن وڊيوز ۾ به اھو سڌو سئون گھوٽڪي جي ضلعي جي سردارن کي للڪاري ٿو ۽ سڄي سسٽم سان اعلان جنگ ڪري ٿو اھو سڀ مواد پيو آھي فيسبوڪ ۽ يوٽيوب تي ۽ ھڪ وڊيوز ۾ ھو نالا به کڻي ٿو گھوٽڪي ۾ ھڪ روڊ به منظور ٿيو جيڪو 2 ڪروڙ جو ٺيڪو آھي ۽ ان جو ٺيڪيدار آھي محمد اڪرم پٺاڻ جيڪو سکر جو آھي شھيد نصرالله جو چوڻ جو مطلب انھن سڀني گڏجي شھيد نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪرايو آھي. عبدالحئي مير لکيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جا ذميوار علائقي جا سردار، ڀوتار، پوليس، سرڪاري مشينري، رياستي ادارا ۽ طاقتور ڌريون آھن تڏهن ته هن مهل تائين پوليس ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍي، سرڪار جي مجرماڻي خاموشي ٻڌائي ٿي ته اقتداري ايوان ۾ ويٺل مڙني ڌرين نصرالله شهيد جو گڏجي شڪار ڪيو. مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سچ جنهن کي ناهي راس حقيقت ۾اهي ئي آهن نصر الله گڏاڻي جا قاتل سهولتڪار؟ ايس ايس پي گهوٽڪي کي سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ته صحافين کي سيڪورٽي ڏيڻ جي ذميواري پوليس جي آهي جيڪا صحافين کي تحفظ ڏيڻ واري بل پاس هجڻ باوجود نٿي ڏني وڃي. عبدالمجيد ۽ فقرا عرفان سنڌي سردارن کي ذميوار قرار ڏنو. بيوس اربيلو ڏاهاڻي ڪنڌڪوٽ مان لکيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي ناحق خون جو سنڌ حڪومت ۽ گھوٽڪي جو سردار ۽ سندس پٽ ذميوار آهن. فيض احمد لکيو ته مان انهي معاشري انهي شعور جي قاتل سنڌي قوم کي سمجهان ٿو! ڇو جو پهرين ڏينهن ماتم ڪري ٻيو ڏينهن صبر ڪري ٽيون ڏينهن سڀ ڪجهه وساري چپ ڪري گهر ويهي رهندا آهيون، تڏهن اسان جي شعور اسان جي حق سچ جي آواز کي ماريو وڃي ٿو! سردار ڀوتار چند هوندا عوام لکين ڪروڙن جي تعداد ۾ آهي ڀوتار جاگيرداري اسان رام رام نه ڪيون ته اسان صحافين جي پاڇي جي به ويجهو ڪير ڪونه ايندو!عبدالباسط جلباڻي لکيو ته سنڌ گورمينٽ ذميوار آھيڇو جو گھوٽڪي جي ڪچي جا ڌاڙيل ۽ پڪي جا ڌاڙيل ھنن جا پنھنجا پاليل آھن اگر ائين ناھي ته پوءِ ڌاڙيلن کي ايترا اختيار ڪنھن ڏنا آھن جو جڏھن دل ڪرين ته ڪنھن کي ماري ڇڏين جنھن کي دل ڪرين اغوا ڪيو وڃن ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو يا ته سنڌ حڪومت جا پنھنجا ماڻھو آھن يا ته سنڌ حڪومت کان ڏاڍا آهن تڏھن انھن جي خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي نه پئي ٿئي. ابرار علي، اعجاز احمد ڪوش، عبدالستار چانگ، جاويد احمد، عامر مصطفيٰ سومرو، ساگر علي شاهه، علي شير شر ۽ علم الدين به راءِ جو اظها رڪيو. وقار حسين لکيو ته ان جي وال تي ويڊيو موجود آهن باقي جيڪو ڪجهه توھان صحافي برادري کي ڪرڻو آهي اوھو ڪيو ڪون ٿا ـ ڪيس جي باري ۾ مالڪن کان رايو وٺي ڪيس داخل ڪرايو جيترو ليٽ ايترو ڪيس خراب پيو ٿئي. مخدوم بلاول، سجاد احمد سجا، مصباح الرحمان چاچڙ، حافظ عبدالوهاب ڪلهوڙو، عبدالمالڪ به سروي ۾ حصو ورتو. نصير پنهور لکيو ته اسان شھيد نصرالله جي قتل جي شفاف جاچ جي گھر ڪريون ٿا جيئن حقيقي قاتل گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي سگھجي. باقي قاتل سندس سچي صحافت آھي جيڪا شھيد نصرالله ايمانداريءَ سان ڪئي. ھن قتل جا ذميوار ان علائقي جا ڀوتار ۽ پ پ پ جي حڪومت آھن.  سانول خان، ذوالفقار جان بلوچ، خالد قاضي به راءِ جو اظهار ڪيو. فيض هاشمي لکيو ته شھيد صحافي جو قتل سندس لائيو تي ڏيکاريل وڏيرو شھباز ۽ پروٽوڪول ڏيندڙ پوليس ئي آھي. هزار خان گهوٽڪي کان لکيو ته نصر الله گڏاڻي ھر چور لٽيري ۽ بدمعاش جو مخالف ھوشھيد جي قتل ۾ سڌي اڻسڌي طرح اھي ڀوتار مير ملوث سمجھون ٿا پوليس بھ ھن مھل تائين سواءِ دلاسن ۽ آسرن جي ڪجهه نه ڪيو آ.  عاشق علي به راءِ ڏني. شوق شهزادو اوڏ لکيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل سندس ئي تڪ جا چونڊيل نمائندا آهن جن جون نصرالله گڏاڻي ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. محمد عمران، محبوب ڪريم،  رئيس ميرل خان مگسي، شهباز شر، عرفان علي چانڊيو چانڊيو، شڪيل احمد پنهور، باغي ڪاڪا سنڌي، آفتاب حسين بوزدار، اصغر حسين، شان علي پنهور، محمد شاهد علي، نياز محمد لنڊ به سروي ۾ حصو ورتو. صدام سومرو اوٻاوڙو مان لکيو ته شھيد صحافي نصراللھ گڏاڻي جي قتل جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گھرجي ھن کي حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي سنڌ ۾ حق سچ لکندڙ دلير صحافين ۾ ھي به ھڪ ھو سندس قاتل ۽ قتل ڪرائيندڙن جي في الفور گرفتاري جو مطالبو ڪيون ٿا. پٺاڻ بلاول لکيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي هڪ سچ لکندڙ ۽ بيباڪ صحافي هو. هن سدائين عوام جي مسئلن توڙي ڌرتي جي بقا لاءِ لکيو. نصرالله گڏاڻي جي قتل جا ذميوار مقامي وڏيرا، ڀوتار ۽ اتي جي انتظاميا آهي. اعجاز عاجز منگي لکيو ته نصر الله سنڌ جو ارڏو ۽ دلير صحافي هو. سندس قتل سنڌ جي صحافت جو قتل آهي. سندس قتل صحافت ڪري ئي ٿيو آهي کيس سچ ڳالهائڻ، مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ، ڀوتارڪي نظام کي للڪارڻ ۽ سندس آواز کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ قتل ڪيو ويو. ياسر خان لکيو ته سندس قتل جو ذميوار مان اتان جي مافيا کي سمجهان ٿو جيڪي گهوٽڪي کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا جيڪي مظلومن سان هر نئين ڏينهن نئون ظلم ڪن ٿا جيڪي سرڪار جي سرپرستي هيٺ اڇي ڪاري جا مالڪ لڳا پيا آهن جيڪي قبائلي جهيڙا ڪرائي انساني جانين جو نقصان ڪرائن ٿا جيڪي هڪ گريڊ جي آفيسر کان ويندي ايس ايس پي ڊي سي کي پنهنجو ڪمدار سمجهن ٿا اهي سڀ نصرالله گڏاڻي جا قاتل آهن. ثناءُ الله مشوري لکيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل سنڌ جو قتل آھي سنڌ جي شعور جو قتل آھيسردارن کي وائکو ڪندڙ نصرالله گڏاڻي اڄ ھن دنيا ۾ ته ناھي رھيو پر انھن جي منھن تي دانگي ملي ويو آ باقي ھن قتل جي جانچ ٿيڻ گھرجي جيڪي ملوث آھن انھن کي سخت سزا ڏني وڃي. علي محمد کوسو لکيو ته صاف ظاھر آھي قاتل گھوٽڪي جا سردار وڏيرا آھن اھا راءِ رڳو سنڌ واسين جي نه بلڪه وارثن پاڻ ان شي جي تصديق ڪئي آھي. شھيد نصر الله گڏاڻي جي سندس امڙ جو بيان پڻ آھي ان ۾ ھو امڙ چئي رھي آھي ته منھنجي پٽ جا قاتل سردار آھن. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته پوليس ڇا ٿي ڪري. اياز حيدر پتافي لکيو ته نصرالله جي قتل ذميوار اهي آھن جيڪي پھرين به ماڻھو قتل ۽ کليل دھشتگردي ڪندا آھن شھيد گھوٽڪي جي مظلومن جو آواز ھو سندن جلد کان جلد قاتلن کي گرفتاري جو مطالبو ڪيون ٿا. نقاض پيرزادو چيو ته رياست جو اھو ھر هن ظالم جنھن کي سچ ٻڌڻ جي طاقت ناھي اھو نصرالله گڏاڻي جي شھادت ۾ ملوث آھي چاھي اھي ڀوتار ھجن سردار ھجن يا اسيمبلي ۾ ويٺل نمائنده ھجن. نصرالله گڏاڻي جي وڃڻ سان گھڻن نصرالله گڏاڻي جنم ورتو آھي متان ظالم سمجھن نصرالله گڏاڻي جي ھثائي ڇڏيو رستي تان. علي قربان ميراڻي لکيو ته جن جي ڪردار کي شھيد نصرالله گڏاڻي وائکو پيو ڪري ڪرپٽ نظام آ لاقانونيت جي انتھا آھي ڏاڍو سو گابو جيڪو حق سچ چوندو سنڌ جي وسيلن تي قابض قوتون برداشت نه ڪنديون ائين نصرالله گڏاڻي وانگر ان جي آواز کي دٻايو ويندو! سردار راشد خان جمالي،  برڪت خان لغاري، محبتي مڪيش ڪمار جئپال، عبدالحميد مگسي، علي بخش ڀنگوار، محمد خان بلوچ، علي حسن علي حسن، غلام حيدر، جنيد احمد سنڌي، حبيب الرحمان صوفي، عبدالمالڪ پتافي، ساجد محمود سومرو، فضل سبزوئي، نادر علي، ايس ايم وي جي ٽي، وقار ميمڻ، واجد علي، ساجد حسين منگي، غوث لغاري، سڪندر علي شر، ثناءُ الله چنا، لطيف اوٺو، مير ايم سنجراڻي، ممتاز علي سميجو، سيف الله پنهور، حاڪم علي بوزدار، عطاءُ الله سومرو، ظهير احمد، ياسين جوڻيجو، مسرور شر، عبدالجبار عبدالجبار، عبدالغفور جمالي، سنڌي ظفر، احمد سرتاج چانڊيو، صوفي اياز،  محمد حفيظ سومرو، صوفي امن شر، آصف علي، سينگار علي، راجا يامين علي ڪالرو، ڪامل پنهور، آصف علي نندواڻي، جمشيد علي مشوري، محمد حفيظ حسيني، عبدالحميد، علي حسن مهر، لعل محمد لنڊ، رياض سولنگي، فرزند علي بلوچ، بخت علي عباسي، فرقان عرفان سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو.