نيب جو نواز شريف جون ملڪيتون کپائڻ جو حڪم، ڊي سيز کي خط

0
316
نيب جو نواز شريف جون

ڪراچي(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) سپريم ڪورٽ طرفان نااهل قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف جون ملڪيتون فوري طور تي کپائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڊي سيز کي خط لکيا ويا آهن.

نيب لاهور جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرون ڪنهن اڳوڻي وزيراعظم کان ڏنڊ وصولي تي عملدرآمد ڪرايو پيو وڃي.

نيب پاران جاري ڪيل خطن ۾ چيو ويو آهي ته ايون فيلڊ اپارٽمنٽس ڪيس ۾ نواز شريف کان 8 ملين پائونڊ جي برآمدگي لاءِ ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو آهي، هن ڪيس ۾ نواز کي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

جڏهن ته شرفڪ جوابدار مريم نواز کي 7 سال قيد، 2 ملين پائونڊ ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، نواز شريف تي ڏنڊ جي رقم هڪ ارب 85 ڪروڙو روپين جي برابر آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرز کي نواز شريف جي وڪرو ٿيڻ وارين ملڪيتن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو، نواز شريف جي نالي موجود ملڪيتن ۾ موضع مانڪ ۾ 940 ڪئنال زرعي زمين، موضع بڌوڪي ثاهني 299 ڪئنال، موضع مل 103 ڪئنال ۽ موضع سلطان ۾ 312 ڪئنال زمين شامل آهي.

موضع منڊيالي شيخوپوره ۾ 14 ڪئنال زرعي زمين ۽ اپر مال لاهور ۾ قيمتي رهائشي بنگلو نمبر 135 براءِ فروخت پراپرٽي شامل آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فروخت ٿيل جائيدادن مان حاصل ٿيندڙ رقم ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ استعمال ٿيندي، ڏنڊ جي مڪمل رقم ريڪور نه ٿيڻ جي صورت ۾ جوابدار جا وڌيڪ اثاثا تلاش ڪيا ويندا.