سوال/سروي استادن واري ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ جا اميدوار پاڻ ذميوار آهن، تعليمي نظام تباهه آهي پوءِ به سرڪار ۽ آءِ بي اي ڏکيو پيپر ٺاهيو؟ عوام

0
229

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۾ اڪثر اميدوارن پاران فيل ٿيڻ جون دانهون ڪيون پيون وڃن، ان جو ذميوار ڪير آهي ؟ اميدوار پاڻ؟ تعليمي نظام ؟ سرڪار يا آءِ بي اي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته فيل ٿيڻ جا ذميوار اميدوار پاڻ آهن جن ٽيسٽ جي تياري نه ڪئي هوندي يا وري انهن کي سوالن جا جواب نه ايندا هوندا، ٻئي نمبر تي حڪومت ۽ آءِ بي اي کي ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ٽيسٽ پيپر ڏکيو تيار ڪيو ويو هو، وڌيڪ اميدوار فيل ڪري پنهنجا نوازي تحت نوڪريون ڏنيون وينديون، ٽئين نمبر تي تعليمي نظام کي ذميوار ڏيندي چيو ويو ته سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه آهي جنهن ڪري اميدوار ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي گل ڏيٿو لکيو ته ذميوار اميدوار پاڻ آهن جن پڙهائي نه ڪئي، رزاق ڍاٽي لکيو ته ان جا ذميوار اسان پاڻ آھيون، مانو نور لکيو ته تعليمي نظام ذميوار آهي،جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ آءِ بي اي ذميوار آهن، اميدوارن کان 700 رپيا ورتا ويا پر پاڻي جي بوتل به نه ڏني وئي۽ پاس رڳو اهي ٿيا، جيڪي صرف 10 منٽ ويٺا هئا ۽ حاضري لڳائي واپس ويا جيڪي انهن جا پنهنجا ماڻهو هئا. شنڪر باغي لکيو ته جڏهن سمورو نظام ئي خراب هجي ته ڪنهن هڪ کي ذميوار نٿو ڪوٺي سگهجي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اميدوار پاڻ ذميوار آهن، نديم منگي لکيو ته آءِ بي اي وارا ذميوار آهن جن ڏکي ٽيسٽ ڪڍي،خاموش خليل شر لکيو ته اميدوار نه پر آءِ بي اي جو قصور آهي، مبين اڄڻ لکيو ته اميدوار ذميوار آهن، ادريس ڪانڌڙو لکيو ته تعليمي نظام جو قصور اهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ذميوار آءِ بي اي آهي، ڏکي ٽيسٽ ورتي وئي، جاويد هڪڙو لکيو ته تعليمي نظام ذميوار آهي، گلزار ملاح لکيو ته آءِ بي اي ذميوار آھي، اهڙي ٽف ٽيسٽ ڪڍڻ جو مقصد ئي شاگردن کي فيل ڪرڻ آھي ته جيئن وڌيڪ استاد ڀرتي نه ٿين، منير گائنچو لکيو ته آءِ بي اي ذميوار آهي، اھا ئي ٽيسٽ سنڌ مان چونڊيل ايم پي اي به پاس به ڪري سگھندا. گل حسن شر لکيو ته ذميوار اميدوار پاڻ آھن جيڪي فيل ٿيندا آھن اهي دانھون ڪندا آهن، خادم گهراڻو لکيو ته اميدوار پاڻ ذميوار آهن، جن تيار نه ڪئي، عبدالغفور سروهي لکيو ته ذميوار سسٽم، کاتو ۽ اميدوار سمجهان ٿو.، محمد يونس کوسو اميدوارن کي ذميوار قرار ڏنو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ان ۾ آءِ بي اي يا گورنمنٽ جو ڪو به قصور ناھي، اميدوارن جي تيار نه هئي، موهن لال لکيو ته اميدوار پاڻ ذميوار آهن، محنتي شاگردن جا حوصلا بلند آهن، ڪامل نهڙيو لکيو ته اصل تعليم تباھه آهي، استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن،نور محمد ڪنڀر لکيو ته پوءِ اميدوارن پڙهائي ڇو نه ڪئي هئي، ظفر رند لکيو ته اميدوار پاڻ ذميوار آهن، مجيب الرحمان ۽ صابر حسين ڪٽوهر لکيو ته ذميوار اميدوار پاڻ آهن، طارق باجڪاڻي لکيو ته آءِ بي اي ۽ سنڌ سرڪار ذميوار آهي، بجار خان جعفري لکيو ته تعليمي نظام تباهه آهي، سيف سميجو لکيو ته اهو ته واضح آهي ته سنڌ جو تعليمي نظام ڏهاڪن کان ناڪارا بڻيل آهي اهڙي ڏکي ٽيسٽ ۾ اميدوارن مان اها ئي اميد هئي، عبدالعزيز قريشي لکيو ته آءِ بي اي وارن ٽيسٽ صحيح ورتي پر سنڌ جو تعليمي معيار ڪريل آهي.صائمه کنڊ به اميدوان کي ذميوار قرار ڏنو، ثناءُالله چنا لکيو ته اميدوارن تيار ڇو نه ڪئي هئي؟ ساگر علي رضا لکيو ته سڀ ذميوار آهن، بنيادي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ۽ ٻيو وري ٽيسٽ ڏکي ۽ شرط هئا، گلشير علي هاليپوٽو لکيو ته جيڪي پڙهيا هئا اهي اميدوار پاس ٿيا، صدام حسين 45 سيڪڙو وارو شرط غلط قرار ڏنو، يعقوب کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، ثناء شيخ لکيو ته تعليمي نظام تباهه آهي، مير گلڻ خان باجڪاڻي لکيو ته جن محنت ڪئي انهن جي محنت رائيگان نه ويندي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته تعليمي نظام ڪمزور آهي، آءِ بي اي سخت ٽيسٽ ورتي، محمد علي ڪانڌڙو لکيو ته سرڪار ۽ آءِ بي اي ذميوار آهن، بشير ميراڻي لکيو ته سرڪار ذميوار آهي،عرفان ڏاهاڻي به راءِ جو اظهار ڪيو، ذوالفقار کوسو لکيو ته حڪومت جو ڏوهه آهي، محمد الياس تعليمي نظام قرار ڏنو، عبدالخالق سمون لکيو ته آءِ بي اي يا سرڪار جو قصور ناهي، صدام حسين 45 سيڪڙو شرط جي ڪري اميدوار فيل ٿيڻ جو ڄاڻايو، واحد بخش لکيو ته اميدوار پاڻ ذميوار آهن، يونس نهڙي لکيو ته جن محنت ڪئي انهن لاءِ ٽيسٽ سولي هئي، مسرور شر آءِ بي اي کي ذميوار قرار ڏنو، سينگار علي لکيو ته اميدوار تيار نه هئڻ ڪري فيل ٿين ٿا، مظهر گورچاڻي لکيو ته جن محنت ناهي ڪئي انهن لاءِ ٽيسٽ ڏکي هئي، احمد شاهه لکيو ته من پسندن کي نوڪريون ڏيندا.سجاد علي ميتلو به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالغفور تعليمي نظام کي زميوار قرار ڏنو، الطاف کوڙ لکيو ته سرڪار ذميوار آهي.