اشو آف دي ڊي سنڌي مضمون نوڪرين جي مارڪن واري لازمي سرشتي ۾ شامل ڪريو

0
221

 استادن جي ٽيسٽ بعد ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي آهي ته سنڌي جو پيپر سڀ کان ڏکيو هو پر اهو به چيو ويو آهي ته ان سان سنڌي کي اهميت ملي آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استادن جي ڀرتي لاءِ ٿيل ٽيسٽ ۾ پيپر سيٽنگ کان وٺي ٽيسٽ ڪنڊڪٽنگ وارن انتظامي مرحلن جي ڪوتاهين تي کولي ڳالهائڻ اسان سڀني جو حق آهي پر هڪ ڳالھه جنهن جي خوشي ٿي آهي ته هن ٽيسٽ بعد سنڌي مضمون جي اهميت تمام گهڻي وڌي آهي. هر گهر ۾ سنڌي ٻولي ۽ گرامر بابت طنزيه يا سچ پچ ۾ پر بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ سنڌي مضمون کي اهميت نه ڏيندڙن جون اکيون ضرور کُليون آهن ته ڪاش کين گرامر سميت سنڌي مضمون کان پري رهڻ نه گهرجي ها. ياد رهي ته هن کان اڳ اسان جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي هئي ۽ آهي  ته اسان جو زور ٻين مطالبن سان گڏ ان تي به رهيو آهي ته امتحاني سرشتي ۾ سنڌي مضمون جون مارڪون رکيون وڃن ته جيئن اسڪول انتظاميا ۽ ٻار وڌيڪ ٻولي مضمون ڏانهن ڌيان ڏين. مان سنگت جي سيڪريٽري جنرل محترم پريل دايي ۽ ٻين عهديدارن کي گذارش ڪندس ته هو جلد کان جلد تعليم جي وزير سان ملي کين ان قدم تي ساراهيندي مٿن زور ڀرين ته ماءُ ٻولي(سنڌي) مضمون کي امتحاني سرشتي ۾ نه صرف استادن جي ڀرتي پر ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي سليڪشن ٽيسٽ ۾ به رکرائڻ جو ڪردار ادا ڪن ۽ اسڪولن ۾ ٻولي مضمون کي لازمي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ قانون مطابق عمل ڪرائن. جنهن تي سجاول ڳاهو لکيو ته سنڌي ٻولي کي هر امتحاني ٽيسٽ ۾ لازمي شامل ڪيو وڃي، مادري ٻولي جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. غلام علي عامر لکيو ته سنڌي ٻولي لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي، ان لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، صنم جاگيراڻي لکيو ته اڪثر ڪري اسلاميات به اردو ۾ ايندي آهي سنڌي کي اهميت ملڻ گهرجي، انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌي جو حصو رکيو وڃي، سينٽرن تي به سنڌي استادن کي رکيو وڃي، سنڌي کي اهميت ملڻ گهرجي. زيب سنڌي لکيو ته سنڌي ٻولي جي مضمون بابت راءِ سان متفق آهيان، سنڌي ادبي سنگت متحد ٿيڻ بعد ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پريل دايو لکيو ته بلڪل جتي ڪٿي سنڌي ادب ۽ سنڌي گرامر جي اهميت تي بحث شروع ٿي ويو آهي. سخاوت شيخ، نثار تنيو، مولابخش ٿيٻو، ڊاڪٽر آزاد منگي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ايڊووڪيٽ ستار هليو، امتياز دانش، رانا شير محمد، شفيق وساڻ، شفقت نوناري ۽ ٻين پوسٽ سان اتفاق ڪيو. ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي تعليم کاتي توڙي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ٽيسٽنگ شعبي قانوني طور سنڌي کي امتحانن ۾ رکي پنهنجي قاعدن کي نڀايو آھي، سنڌي کي جيستائين سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن توڙي ٻين نوڪرين جي مارڪن واري لازمي سرشتي ۾ مڪمل طور شامل نه ڪبو تيستائين ٻولي جي نظر انداز ڪرڻ وارو عمل وڌندو ويندو ۽ معاشي گهرج واري عمل کان پري ٿيندي ويندي ته ان جي جياپي جو خطرو وڌندو ويندو. ان عمل کي وڌيڪ يقيني بڻائڻ صوبي جي سرڪاري ٻولي کي اهميت ڏيارڻ حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آھي. ان سان گڏ اوتري ئي اهميت درست پيپر تيار ڪرڻ ۽ امتحال وٺڻ به آھي. جنهن تي ادل سومرو لکيو ته اسان جا با اختيار به ان طرف سنجيده ٿين، ٻي صورت ۾ سنڌي ٻولي لاءِ اھي خطرا موجود رھندا، خاص طور خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي نظر انداز ڪرڻ وارو رجحان وڌندو پيو وڃي.