هڪ امتحان تعليم کاتي جي آفيسرن کان به وٺو

0
151

 جونيئر اسڪول ٽيچرز لاءِ امتحان وٺڻ بعد هڪ تجويز اها به ڏني وئي آهي ته هڪ امتحام تعليم کاتي جي آفيسرن کان به ورتو وڃي، تعليم واري وزير کان به امتحان ورتو وڃي. ان سلسلي ۾ جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خوشي ٿي جونيئر اسڪول ٽيچرز لاءِ جيڪو امتحان ڪرايو ويو، اهو هڪ معياري امتحان هو، سنڌي ۽ اخلاقيات جي پيپر مان ته اندازو ٿيو ته ڪٿي نه ڪٿي سردار شاھ ۽ اڪبر لغاري جو روح موجود هو، پر هاڻي سائين سردار شاھ ۽ اڪبر لغاري تي هڪ وڏي اخلاقي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي آڱوٺي ڇاپ ڪلارڪن، اسسٽنٽن،سيڪشن آفيسرن، تعلقي ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن کان ويندي ڊويزنل ڊائريڪٽرن ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل نااهل بيوروڪريٽن جي فوج جو به هڪ امتحان وٺن ۽ انهن مان جيڪڏهن ڪير 30 سيڪڙو به سوال جا جواب ڏئي وڃي ته انهن جون نوڪريون بحال رکيون وڃن، ڇاڪاڻ ته هن معياري امتحان ۾ وڏي اڪثريت ۾ اميدوار 50 مارڪون به نه کڻي سگهيا آهن، جيڪي امتحان ۾ ويٺا هئا، انهن جي وڏي اڪثريت پڙهيل لکيل، جاکوڙي ۽ پر اميد هئي، جن سمورو سال ويهي ان امتحان جي تياري ڪئي ۽ ان آسري تي ڪئي ته “سوال” مروجه رٽيل سٽيل سبجيڪٽن مان ايندا، پر سوالن جو دارومدار لاجيڪل ايپروچ تي هو، جيڪو هڪ شاندار مثال آھي، جنهن سان اهو طئي ٿي ويو ته هاڻي حقيقي نموني پڙهيل لکيل ئي اڳتي اچي سگهندا. انگريزي، سائنس ۽ حسابن جي پورشن جو ته خير هو اميدوار انهن مان 70 کان 80 سيڪڙو تائين سوالن جا درست جواب ڏئي ويا، مسئلو ٿيو آھي سنڌي، اسلاميات/اخلاقيات ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾، اڄ جي جنريشن جيڪا سنڌي رڳو ڳالهائي ٿي، پڙهي انهن آھي ڪانه ۽ نه ئي انهن کي پڙهائي وئي آھي، اسلاميات يا اخلاقيات جي پيپر ۾ رڳو مذهبي تاريخ سامهون آئي، اميدوارن جي وڏي اڪثريت ته ڪڏهن جين ڌرم، مهاوير، اشوڪ يا طارق بن زياد جي دور ۾ اسپين جي گادي واري شھر جو ذڪر به نه ٻڌو هوندو، تنهن لاءِ سبجيڪٽ جو اسڪوپ جي پهريان کان آگاهي ڏيڻ فرض هو، ڪمپيوٽر جي پيپر ۾ انٽرنيٽ نيٽ ورڪنگ ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي بابت جنرل سوال ڪيا ويا، ڪمپيوٽر جو جيڪو خاڪو اسڪولن ۾ پڙهايو وڃي ٿو، ان جو ڪو واسطو ئي نظر نه آيو، سو هاڻي سڀ کان پهرين ته حڪومت پنهنجي مروجه تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻي پوءِ لاجيڪل امتحانن جو سلسلو جاري رکي، ته جيئن حقيقي ميرٽ ۽ قابليت اچي سگهي، ٻي صورت ۾ اها انٽيليڪچوئل بدديانتي به ليکبي. جنهن تي ظهير ٻٻر لکيو ته توهان جي ڳالهه سان متفق آهيون پر جيڪو آءِ بي اي جي معياري ٽيسٽ پاس نه ڪري سگهي اهو استاد ٿيڻ جي لائق ناهي جنهن ٽيسٽ 55 مارڪس کڻي پاس ڪئي اهو جس لهي باقي جيڪو 35 کان گهٽ آيا اهي وڌيڪ تياري ڪن.امتياز علي پوسٽ سان اتفاق ڪندي لکيو ته بلڪل ايئن ٿيڻ گهرجي، جيڪي 80 سيڪڙو مارڪس آهن ۽ سنڌي ۾ 1 سيڪڙو جي ڪري فيل ٿيا آهن اهي اهل ناهن؟ اسحاق موريجو لکيو ته حڪومت 5000 هزار واري ڊيسڪ جو بل 29500 جو ڏيکاريو آهي سنڌ سرڪار جي تعليم سان سنجيدگي ۽ بهتري جو اندازو پاڻ ڪريو،اي بي راٺوڙ لکيو ته رحم ڪريو پهريان ئي بيروزگاري گهڻي آهي. مدثر کهاوڙ لکيو ته اهو ناممڪن آهي اڄ به ماضي دور جا اهڙا استاد ۽ پوليس آفيسر آهن جيڪي چيڪ بوڪ تي آڱوٺو هڻي پگهارون کڻندا آهن اهي اڻپڙهيل ماڻهو سينارٽي ماڻي وڏن عهدن تي آهن. ماجد سمون لکيو ته اڳ ۾ ته تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري کان امتحان ورتو وڃي.