اشو آف دي ڊي … رسول بخش پليجو جي ورسي، سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
209

 ننڍي کنڊ جي وڏي مفڪر، سينيئر سياستدان، برک اديب ۽ قانوندان رسول بخش پليجو جي وڇوڙي کي 5 سال وهامي ويا، پنجين ورسي جي موقعي تي کيس سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، رسول بخش پليجو جا ڪتاب، تصويرون، تقريرون، وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون، ٽربيوٽ ٽو رسول بخش پليجو ٽرينڊ به هلايو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته رسول بخش پليجو سنڌ واسين ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جهر جهنگ وڃي ماڻهن سان گڏجاڻيون، تقريبون ۽ جلسا ڪيا، رسول بخش پليجو جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌي عورتن ۾ سجاڳي جي لهر پيدا ڪرڻ هو، 2018 ۾ رسول بخش پليجو لاڏاڻو ڪيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو عورتن سندس جنازي کي ڪلهو ڏنو. ان حوالي سان ناهيد جوڳي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پليجو صاحب سنڌ جي مظلوم طبقي سنڌ جي عورتن جي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ ٺاهي، اڄ سنڌ جي عورتن۾ تعليمي شعوري سگهه سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ڪم ڪري رهيون آهن ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ميدان پيون ميلهائين،سنڌ جي هارين مزدورن شاگردن نوجوان ٻارن جي رهنمائي ڪئي، پليجو جي يونيورسٽي مان نڪتل شاگرد هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شاگرد پنهنجي سڃاڻپ الڳ رکن ٿا، پليجو صاحب جي لکيل  شاعريءَذهن تي تري آئي آهي چوي ٿو ته: جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون، نون سرن ۾ زندگيءَ جا گيت ڳائيندا اچون، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگشاھيءَ جو اهو رسول بخش پليجو ھن ڏتڙيل قوم جي دانھن ھو ۽ اهڙا انسان صدين جا پُٽ ھوندا آھن، پليجي جون علمي ۽ عقلي پاڙون گهڻيون پختيون هيون.شاندار جدوجهد ذريعي هن عام ماڻهو کي وڏيري، جاگيردار، ملان ۽ پير سامهون سگهاري پوزيشن ۾ بيهاري ڏيکاريو ۽ سياست کي سائنسي انداز ۾ سمجھڻ سان گڏ بھترين نظرياتي ڪيڊر تيار ڪري سياست جي اندر عورتن کي آڻڻ ۽ خاندانن جا خاندان شامل ڪرائڻ توڙي دليل ڏيڻ آرگيومينٽ جي بادشاهه ۽ سنڌ جي پاڻيءَ سگهاري عملي جدوجهد ڪندڙ رسول بخش پليجي صرف ڳالهين جي حد تائين نه پر عملي طور رد ڪري ڏيکاريو ته سياست صرف سرندي وارن ۽ مردن جو ڪم آهي. سنڌ ۾ عورتن جي سڀ کان سگهاري تنظيم ڏيڻ جو اعزاز به پليجي صاحب کي ئي حاصل آهي. رفيه پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سرخ سلام اي عظيم قائد سرخ سلام، غلام الله بچاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رسول بخش پليجي وٽ پنهنجي سياسي لائن هئي سندس نقطي نظر سان ته لکين اختلاف رکي سگھجن ٿا پر سندس ڄاڻ، قابليت، پنهنجي ايجنڊا تي آخري دم تائين ثابت قدمي سان بيھڻ کان انڪار ڪير ٿو ڪري سگهي، پليجي ھارين، نارين، پورھيتن، مزدورن ۽ عام عوام کي ڳالھائڻ جي سگھه ۽ اڳواڻي جي قابليت بخشي جيڪو نھايت ئي قابل تعريف عمل آهي، فرحان تنيو لکيو ته حقيقي مڃتا اها ئي هوندي آهي جيڪا نج ميرٽ جي بنياد تي پلئه پوي ۽ منهنجي نظر ۾ ان مڃتا جي وڏي اهميت آهي ، سنڌي ادب ۽ سياست جي ليجنڊ رسول بخش پليجو صاحب جي وڇوڙي تي کيس ڀيٽا ڏجي ٿي، سرور ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏”آئون ڪنهن کان نٿو ڊڄان آئون ڪو پهلوان آهيان ڇا؟ پلهوان ناهيان مون وٽ علم آهي ۽ مونکي خبر آهي دشمن وڌيڪ ڪمزور آهي” (رسول بخش پليجو) بابو ظفر لکيو ته سنڌ  جو عظيم  مفڪر دانشور اديب ڏاهي  رسول  بخش پليجو کي سرخ سلام، سليم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رسول بخش پليجو ھميشه اسان سان گڏ آھي ھنن صورتن ۾ تقريرن،مضمونن، ڪتابن، ملاقاتن ۾ چيل لفظن ۽ سمجهاڻين ۾. اسان جو نوجوان نسل ھن کي پڙهي پنھنجي زندگيءَ ۾ عملي جامو پهرائي ته پنھنجي سماج کي گھڻو ڪجھه سنواري ۽ سڌاري سگهي ٿو. زبير آزاد لکيو ته رسول بخش پليجو ھڪ ڪردار نه پر سوين ڪردار رکندڙ ھڪ عظيم ڪھاڻي ھُيو. پاڻ ھڪ ئي وقت، سياستدان، وڪيل، ڏاھو، اديب، سياڻو، چالاڪ، گھڻ پڙھيو، ليکڪ، ترجمي نگار ۽ ڀلوڙ مقرر رھيو. جاويد پليجو، مهر ڊٻائي، ڪبير ڀيل، ايڊووڪيٽ نورالدين ڪٽوهر، فقير شمشاد، شوڪت هالو، شاهه محمد انڍڙ، منو نجار، چيلا رام رٻاري، عادل لغاري، ڪيلاش ايس ڪي، غلام رحيم بليدي، شفيق ٻرڙو، قاسم عادل، سريش ڪمار ميگهواڙ، زاهد علي ڀٽو به ڀيٽا پيش ڪئي. ثناءَ بڪڪ لکيو ته سنڌ جي گهڻ پڙهي، ڏاهي پٽ رسول بخش پليجي جي ورسي آهي، سنڌ جي تاريخي پاڻي جي ڪيس کي جنهن مدلل نموني پليجي صاحب پيش ڪيو اهو بي مثال آ. مان کيس سرخ سلام ٿي پيش ڪريان. سنڌو نواز گهانگهرو لکيو ته ڪنڌ مٿي کڻي ھلڻ لاءِ ڪنھن وڏيري جو ٽائوٽ ٿي ھلڻ جي ضروت ناھي (رسول بخش پليجو) امر سنڌو لکيو ته ھن سان جھيڙا به خوب رھيا ھن سان گھري پنهنجائپ به رھي….ھاڻ ته سڄي زماني ۾ ھن جو ڪو مٽ نٿو ملي، جنھن سان شديد سياسي اختلاف ھوندي به ايتري گھرائپ جو رشتو  قائم ھجي، شمع منور پوسٽ شيئر ڪئي ته سائوٿ آسٽريليا ايڊيليڊ  ۾  پنھنجي چاچي ۽ قائد  بابا رسول بخش پليجو جي پنجين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي،عمران لاکير، آصف اشرف، محمد سميع ابڙو، سجاد الحق ڪانڌڙو، علي عامر، مختيار عباسي، خالد حسين، سرتاج احمد، ساجده پرهياڙ، جاويد قاضي، منظور سوڍر، نويد جروار، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو ۽ ٻين به رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي.