اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين مينجمينٽ ڪميٽي پي سي بي نجم سيٺي جي ملاقات ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پاران نجم سيٺي کي جلد پي سي بي چيئرمين جي اليڪشنز مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پي سي بي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جلد 2 نالا پي سي بي گورنرز بورڊ ۾ اماڻيندو. نجم سيٺي کان سواءِ ٻيو نالا مصطفيٰ رمدي جو هئڻ جو امڪان آهي. ملاقات ۾ نجم سيٺي وزيراعظم کي ايشيا ڪپ ۽ انڊيا ۾ ورلڊ ڪپ بابت آگاهي ڏني. ذريعن موجب نجم سيٺي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ بابت وزيراعظم شهباز شريف کان راءِ به ورتي، وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي سي بي جو 2014ع وارو آئين مڪمل بحال ٿي چڪو آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ضلعن ۾ پي سي بي ڊسٽرڪٽس جون چونڊون مڪمل ٿي ويون، ريجنز جون 80 سيڪڙو چونڊون مڪمل ٿي چڪيون آهن. نجم سيٺي طرفان ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريجنل انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 15 جون کان شروع ٿي رهيو آهي، هڪ سال لاءِ ڪرڪيٽ ڪلينڊر مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو، سمورن ڊپارٽمينٽس پنهنجون ڪرڪيٽ ٽيمون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پي سي بي آئين بحال ٿيڻ تي وزيراعظم نجم سيٺي کي مبارڪ به ڏني.