نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ خلاف ملڪ مان ئي آواز اٿڻ شروع ٿي ويا، هينسي ڪرونئي اسڪينڊل سميت ڪيترن ئي معاملن جي جاچ ڪندڙ اڳوڻي عملدار اختيارين کي نئين فنانشل ماڊل جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو اڳوڻي عملدار عملدار نيرج ڪمار ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪيترن ئي اسڪينڊلن جي جاچ ڪئي هئي  ان بورڊ کي مالي حوالي سان ڇوٽ ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي. نيرج ڪمار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي مالي حوالي سان ڇوٽ ڏني وئي ۽ ڪنهن معاملي جي جاچ ٿي ته ان ۾ ڪنهن به ريت حقيقتن تائين پهچڻ ڏکيو هوندو ڇاڪاڻ جو بورڊ انتظاميا مالي حوالي سان آزاد ٿي ته وڌيڪ اسڪينڊل سامهون ايندا. هن چيو ته 2015ع کان 2018ع جي وچ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جا خطرا گهڻا هئا ۽ بورڊ ۾ اهڙي به رقم ملي جنهن بابت شاهديون به نه ملي سگهيون.