نيل ندي ۽ سنڌو

0
147
نيل ندي ۽ سنڌو

 اوهان جيڪي تصويرون ڏسي رهيا آهيو هي نيل نديءَ جي ڪپ سوڊان جو  مصروف ترين شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ خرطوم آهي، نيل نديءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏيون عمارتون فيڪٽريون 50لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر آهينيل جي ڪناري  هائوسنگ سوسائٽي جي ٺهيل قانون مطابق پلاسٽڪ جي ٿيلهي نيل درياهه ۾ ڏٺي وئي ته پاڻيءَ جو بل پوري شهر لاءِ ٽيڻ تي وڌايو ويندو، صفائي ڪندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون گهٽ ڪيون وينديونمنرل واٽر بڻائيندڙ ڪمپني نيل نديءَ مان يا انجي ڀر ۾ ٽيوب ويل ذريعي ڦڙي پاڻيءَ کڻي ته فيڪٽري هميشه لاءِ سيل ٿي ويندي،ڪابه فيڪٽري نيل نديءَ ۾ ڦڙو زهريلو پاڻيءَ ڇوڙ ڪري ته فيڪٽري هميشه لاءِ سيل ٿيندي فيڪٽري مالڪ کي عمر قيد  يا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي…

                         خرطوم شهر لاءِ الڳ ڊيم بڻيل آهي جتان خرطوم شهر کي پاڻيءَ ڏنو وڃي ٿو انهي ڊيم مان مصر به ضرورت موجب پاڻيءَ کڻي سگهي ٿو سوڊان مصر جي اجازت جي بغير ڦڙي پاڻي جي نٿو کڻي سگهي نه وري  ڊيم ھيڊورڪس يا بئراج مصر جي رضامندي جي بغير اڏي سگهي ٿو.. سنڌو نديءَ تي سوين ڪئنال ھيڊورڪس بئراج ڊيم سنڌين کان راءِ وٺڻ جي بغير اڏيا وڃن ٿا، اڏيل ڊيمن مان پاڻيءَ جي ڦڙي به سنڌين کي نٿي ڏني وڃي،  انهن مان ٺهندڙ بجليءَ  تي به سنڌين جو حق ناهي سنڌو کي پاڪستان ضرورت پوڻ وقت گٽر طور استعمال ڪري رهيو آهي سنڌ پنجاب جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو….(غفور مرگهر جي فيس بوڪ وال تان ورتل)