اشو آف دي ڊي … اسان جو ڳوٺ چنڊ تي هو، پير ترڪڻ سبب هتي پهچي وياسين: دلچسپ تبصرا … سومرا به عرب آهن ڇا ؟ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو

0
473

  سومرا عرب آهن يا نه؟ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن بابت ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اها وڊيو راشد محمود سمورو جي آهي ته ڪجهه ماڻهو وري اهو چئي رهيا آهن ته اها وڊيو مولانا ناصر محمود جي ۽ پراڻي وڊيو آهي، اهو چئي رهيو آهي ته سومرا عرب آهن، سومرو اصل سومر ۽ سومار عربي مان آيا، عرب مان عرب خاندان مان سومار عربي هو، ان جو پٽ سومر هو، جيڪو حضرت علي رضه جي قبيلي قوم ۽ خاندان مان هو، ان سومر ڪربلا ۾ جناب حسين ابن علي سان گڏ وقت جي يزيد سان وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو هو. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏ مزاحيه ۽ طنزيه تبصرا به ڪيا ويا، ان حوالي سان فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عرب سڳورا، توهان عجمين کي ليکين به ڪونه ٿا پر توهان کي عربي نسل مان هجڻ تي فخر آهي. افسوس، عرب پرست عنصرن کي چئلينج آهي ته 22 عرب ملڪن مان ڪنهن به هڪ کان مسلمانيت ۽ عربي نسل هجڻ جي بنياد تي شهريت ته وٺي ڏيکاريو..! عرب ملڪن ۾ روزگار لاءِ رهندڙ لکين سنڌين کان پڇي ڏسو ته ڪيترا قومپرست آهن عرب سڳورا پنهنجي قوميت، وطن ۽ شهريت جي حوالي سان..!! ٺيڪ آهي مڃون ٿا توهان عرب نسل مان آهيو پر هاڻي پنهنجي پڙڏاڏن جي سرزمين تي بنا پاسپورٽ جي قدم ته رکي ڏيکاريو. جڏهن عرب قبيلا نياڻين کي جيئري پوريندا هئا سنڌ ۾ عظيم تهذيب ترقيءَ جي اوج تي بيٺل هئي، فخر سنڌ جي مٽيءَ سان تعلق هجڻ تي آهي بس، جن کي سنڌي بدران عرب هجڻ تي فخر آهي سي واپس پنهنجي ابن، ڏاڏن جي ڏيهه ڇونه ٿا هليا وڃن؟ …“هتي سڀ عربن جي نسلن مان شُجرا ٺهرايون ويٺا هئا، ڄڻ ته اڳي سنڌ ۾ ماڻهو هُيا ئي ڪونه ۽ عربن اچي سنڌ کي آباد ڪيو، اها احساس ڪمتري جي انتها هُئي” …! (سائين جي ايم سيد : ڪتاب سنڌوء جي ساڃاھ).. حفيظ ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ابا ڏسجو! متان ڪو سنڌي، عرب ٿيڻ کان رهجي ته ناهي ويو..جنهن تي خاصخيلي امداد لکيو ته اسان کي به سائين محسن عرب ڪري ڇڏيو آھي، غلام مصطفيٰ لاکو لکيو ته سائين اسين به ٿيڻ وڃون پيا پر ڪامريڊي ڪر ڪر نه ٿي ڇڏي، حسن هنڱورو لکيو ته اڃان ڪنڀر ۽ هنڱورو رهيل آھن، اڪبر درس لکيو ته عربي نڪو هندي آھيان، آئون اڪبر اصل کان سنڌي آھيان، وڪرم سنگهه سوڍا لکيو ته ھاڻ مسڪين ڪنڀار رھيا آھن اوھان ڪو شجرو ڪو ڪتابڙو ھٿ ڪيو ته اھي به ٿين ڀيڙا….علي کوسو لکيو ته مطلب ته ٻروچن کان پوءِ هاڻي نج سنڌين به اهڙيون دٻون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، فقير شاهد حسين وسطڙو لکيو ته سائين اسان اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ۾ مھتا ھئاسين مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سھتا سڏايوسين ۽ ھاڻي سھتن جو ھڪ پاڙو وسطڙا سڏائيندا آھيون جنھن تي اسان کي فخر آھي ته اسان سنڌ ڌرتي جي پوتر مٽي جا ڳوھيل آھيون، محمد اسلم ميمڻ لکيو ته سنڌي رڳو پنندا وتن,ان ڪري ڪو سنڌي سڏائڻ لاءِ تيار ناهي، عبدالغفار عباسي لکيو ته اسان کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي،  مبين تيوڻو لکيو ته سائين سنڌ جي ماڻهن کي عرب ٿيڻ جو وڏو شوق آهي الائي ڪٿان تاريخن کي ڳولي ڪڍن سمجهه کان ٻاهر آهي، عبيدالله لاکير لکيو ته ها ….يار لاکير رهجي ويا انهن کي به عربن جو درجو ملڻ کپي هاهاها…اقبال جمالي لکيو ته ڀلا سومرا به عرب آھن ڇا؟ فاروق احمد گهنجو لکيو ته آئون نج سنڌي آھيان ۽ سنڌي ھجڻ تي فخر آهي، ستار باغي بروهي لکيو ته  اسان کي فخر ته اسان سنڌي آ ھيون، مارئي بلوچ لکيو ته شڪر آهي جو عرب ناهيون، فيصل کوسو لکيو ته اڃان جام رهيل آهن ٿورو صبر ڪيو سڀ ظاهر ٿيندا، معشوق بروهي لکيو ته باقي وڃي ماڇي رھندا، ناگجي راجپوت لکيو ته سنگت عربي سڏائي فخر پئي محسوس ڪري، آفتاب سنڌي لکيو ته عربن ڪيو ڇا آهي اوھان کي؟ نادر جوڻيجو لکيو ته ابا اسان جوڻيجا آهيون، عنايت آزاد مڱريو لکيو ته اسلامي ٽچ، ساجد رند لکيو ته احساس ڪمتري ۾ مبتلا ماڻھو پاڻ کي عربن جو پٺو سڏائڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن، حميد راجستاني لکيو ته اسان نهڙين جي هڪڙي ليکڪ نهڙين کي حضرت نوح جي خاندان مان ظاهر ڪيو آهي، عبدالرزاق سولنگي لکيو ته هتي ڪوئي عرب ڪوئي ٻروچ ته ڪوئي ، سنڌي ٿيڻ کان شرمائين پيا باقي سنڌ جا وسيلا ٻنهي هٿن سان لٽن پيا. غلام عمر چنا لکيو ته سوشل ميڊيا تي بحث ھلي پيو ڪنهن پروگرام ۾ تقرير دوران علامه ناصر محمود سومرو، سومرن کي عرب جي نسل مان چيو آهي ليڪن حقيقت ھي آهي ته ڌرتي جي وفادار سومرن کي تاريخ عربن کان وڌيڪ شاندار پيش ڪندي، محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڀلا سنڌ ۾ ماڻھو ئي ڪونه ھيا ڇا هر ڪو ٿو چوي آئون عربستان جو آھيان… ؟ ھڪڙن عرب مان آيلن مان جان نٿي ڇٽي وري ٻيا ٿا حوال ڪن، اسين ته سنڌي آھيون، جنهن تي رضا ايم دل لکيو ته سومرا اصل ۾ ڪڇي نسل جا راجپوت سوڍا ٺڪر ھيا جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا، حافظ محمد لکيو ته پاڻ تحقيق ڪريو ليکڪ کي ڇڏيو، رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سومرا بہ عرب ٿي ويا!، ٻرڙا نه ٿيندا ڇو ته “ٻ” ٻُڪُ عربي ٻولي ۾ ناهي. درواڙ سنڌي لکيو ته سومرا اصل ۾ راجپوت آهن،  اعجاز علي لکيو ته ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي، امين سومرو لکيو ته بس مرضي آهي لاڙڪاڻي وارن جي…ويرجي ڪولهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سومرا عربي آھن؟  جيڪي دوست ان موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا پنھنجي راءِ ڏيندا ته منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيندو. اسان ته سومرن کي سماٽ قبيلو سمجھو اچون، محسن جويو لکيو ته ‏سنڌين کي عربن ماري مڃائي مٿن رعب ويهاري اهڙي حد تائين پهچايو جو هر سنڌي پاڻ کي عربي نسل سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو. سما ابولهب،سومرا علوي ،ڪلهوڙا عباسي سڏائڻ لڳا ۽ بلوچن امير حمزي جو اولاد سڏايو، سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو سيد، قريشي، فاروقي بڻجي ويا ڄڻ سنڌ ۾ اڳ ماڻهو هئا ئي ڪونه. (جي ايم سيد..ڪتاب سنڌو جي ساڃاهه) وقار احمد سومرو لکيو ته سومرا عربن مان آھن يا اجمين مان، راجپوتن مان آھن يا ديوانن مان، ڏسڻو اھو آھي ته ھن وقت ڇا آھن ۽ سندن ڪردار ڪھڙو آھي. ھن دؤر ۾ ڪير آھي، شھيد الله بخش جھڙو جنھن کي تاريخ ياد رکي، جيڪو پنھنجي قوم، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ماڻھن کي صدين تائين وري جياري ۽ انھن جو معاشي، معاشرتي، تھذيبي معيار مٿانھون ڪري. محمد بخش سومرو لکيو ته سومرا سماٽ آهن، اجايو عربن سان لاڳاپيل ڪو مواد ناهي، اسان صرف ۽صرف سنڌي آهيون جيئڻ مرڻ ھن جيجل ماءُ سنڌ امڙ سان آهي بي مقصد بحث کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عديلا ناز سومرو لکيو ته جيڪو مون پڙھيو ان مطابق برهمڻ گهراڻي کان اڳ۾ رائي گهراڻي جي حڪمراني هئي، سومرا اصل سوم رائي نالي حڪمران جو اولاد آھن تاريخ ۾ ڪٿي انهن کي عرب ڪٿي حضرت علي جو اولاد ڪٿي سامري قبيلي سان تعلق ڏسيو آھي پر سومرا اصل سنڌ جا ئي رهاڪو آهن، سڪندر سمون لکيو ته سومرا سماٽ آهن، ميان گل منير لکيو ته سڀ هٿرادو شجرا آهن، دلاور سميجو لکيو ته سومرا عرب آھن انهن جو اصل شجرو اڄ به هڪ هنڌ محفوظ پيو آھي، افراز حسين ميمڻ لکيو ته سومرا سنڌي آهن، گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مولانا راشد محمود سومرو چوي ٿو ته سومر سومرو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو، اهڙي ڳالھه اڳ ڪڏھن به نه ڪئي وئي، جنهن تي شاهد خان لکيو ته ڪنھن دور ۾ افغانستان ،قم ۽ نجف جا ملان ڪجھه درھمن عيوض ھر ڪنھن کي سيد جو لقب ۽ شجرو ٺاھي ڏيندا ھئا…پوءِ اھي ماڻھو سنڌ ۽ ھند ۾ اچي گاديون ٺاھيندا ھئا ۽ ڪي وري ڪاروبار ڪرڻ ايندا ھئا.ھاڻ اھو ڪم هتي شروع ڪيو ويو آهي، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏاهاڻي ته بلوچ آ، ٺيڪ آهي پر سومرا عرب هئا عرب آهن ، سومرن کي مبارڪون ڏيون؟ جنهن تي جمن ٻرڙو لکيو ته باقي بچيو ڪير؟ غلام قادر جتوئي لکيو ته اسان جتوئي سريلينڪا کان آياسين، هارون آذر لکيو ته سنڌ ۾ جيستائين جاگيرداري ثقافتي باقيات جو خاتمو نه ٿيندو، تيسيتائين اهي غير صحتمند لاڙا موجود رهندا. ٻيو رخ اهو آهي ته سرمائيداري جي واڌ ويجهه ۽ جاگيردارن نسبتن ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ قبائليت ۽ نسل پرستي جي لاڙن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پناهه ورتي آهي. علي گل ڏيٿو لکيو ته اسان ڏيٿن جو ڳوٺ چنڊ تي هيو پير ترڪڻ سبب زمين تي آياسين، نادر ابڙو لکيو ته اسان به ايران کان آيا هئاسين، جبار لغاري وارا يونان کان آيا ان سان گڏ نورالدين سولنگي وارثڏني ماڇي وارو اهي وري سريلنڪا جي اوريان ڳوٺ ھيو اتان آيا حبيب  ڪم گهڻو آھي ماڻھون نه آھن، فراز سنڌي لکيو ته سنڌ  ۾ ڌاريا نامنظور، نياز حسين ڌوڪي لکيو ته تاريخ کي مسخ ڪري رهيا آهن، عبدالله ڀٽو لکيو ته اسان به شام، اتر ڪوريا، آفريڪا، وينزويلا کان ٿيندا رتي پهتا آهيون، ضمير حسين سنڌي لکيو ته ڏاهاڻي پنهنجي ڪارڪردگي تي نالو ۽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي آهي جيڪو ڪارنامو ڪروڙين سنڌي ۽ بلوچ سرانجام نه ڏئي سگهيا اهو ڪم هن نوجوان ڪري ڏيکاريو ان لاءِ راشد صاحب کي به سنڌ جي سياست ۾ جاءِ ٺاهڻي آهي يا پنهنجو الڳ نالو ٺاهڻو آهي ته ڪارگردگي تي توجهه ڏيڻ گهرجي، شمشاد علي لکيو ته سومرا (سامره) قوم ھئي جيڪي اصل سنڌي ھندو ھئا پوءِ مسلمان ٿيا. حق نواز مڱڻهار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي ٽرانسجينڊر بل کانپوءِ ھاڻ وري سومرا عرب هئا يا هندو؟ بحث شروع ٿي ويو. باقي ٻڏل سنڌ اُتي ئي ڇُٽي. عوام ڀلي پيو مري ۽ حڪمران ڀلي پيا عياشون ڪن.اسان فضول بحثن ۾ پورا هونداسين. جنهن تي آصف ٿيٻو لکيو ته ڳالھه هٿ سان ڇڏي وئي آهي، اسد ڀٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ تي عربن جي ڪاھ کان پوء , مثال ,,ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ,,وانگر هر ڪو سنڌي پاڻ کي عربي نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو  سماٽ اصل ۾ آريا ,راجپوت نسل مان هئا ,سي پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا   سما پڻ رسول جي چاچي ابولهب جي اولاد مان شمار ڪرائڻ لڳا ,سومرا پاڻ کي علوي سادات سڏائڻ لڳا ,ڪلهوڙن پنهنجو شجرو نيئي حضرت عباس تائين پهچايو ۽ عباسي سڏائڻ شروع ڪيو بلوچن امير حمزه تائين پهچي پاڻ کي ان جو اولاد سڏايو ,سنڌ جا ڪيترا ماڻھون سيد قريشي صديقي وغيره بڻجي ويا ,ڄڻ ت سنڌ ۾ اڳي ماڻھون هئا ئي ڪون ان کي عربن اچي آباد ڪيو هو اها بيغرتي۽ احساس ڪمتري جي حد هئي ..(سنڌو جي ساڃاھ جي ايم سيد) …گل پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀونگر، دودو، چنيسر، سنگهار، همير ۽ ٻاگهل ٻائي جهڙا نالا ان ڳالھ جو تاريخي دليل آهن ته سومرا عرب نه بلڪه اصل ۾ مقامي شتريه هندو هئا جن اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجا پراڻا نالا جاري رکيا. سومرن جي پنجويھه حڪمرانن ۾ هڪڙو “عمر” عربي نالو درج ٿيل آهي جنهن بابت به محققن جو خيال آهي ته اهو اصل ۾ “امر” هو. سومرن جي تاريخ تي ڪيئي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا لکيا ويا آهن. تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ بدران نئين تحقيق جو مطالعو ڪن. فخر جي ڳالھ اها ناهي ته عربن سان پنهنجو حسب نسب ڳنڍيو وڃي، فخر جي ڳالھه اها آهي ته پنهنجو ناتو ڌرتيءَ سان ڳنڍيو وڃي!اسين دراوڙ آھيون. غلام حسين وساڻ لکيو ته سومرا راجپوت ۽ راجپوت سنڌي هئا اسلام کان اڳ به پڙدو ڪندا هئا ابل ابڙو دودو سومرو ٻاگهل ٻائي هندو مذهب سان تعلق هين.