ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد چيو آهي ته حيدر علي پاڪستان سپر ليگ ۾ ناڪام رهيو هن کي ڪهڙي ڪارڪردگيءَ تي ٽيم ۾ واپس آندو ويو. هن چيو ته چوٿين يا پنجين نمبر تي شعيب ملڪ کان بهتر رانديگر موجود ناهي ته پوءِ هن کي ڇو نه ٿو کيڏايو وڃي. عاقب جاويد چيو ته افتخار احمد جو پاڪستان ٽيم ۾ ڪهڙو ڪردار آهي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو. اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته اڄ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ 200 رنز جي آهي، انگلينڊ پنهنجا 2 اهم بالر کيڏايا ۽ پاڪستاني بيٽسمينن جي ٽيڪنڪ ايڪسپوز ٿي وئي. هن چيو ته شان مسعود انگلينڊ ۾ پنهنجي خرچ تي وڃي پاور هٽنگ سکي، شان مسعود هن سال ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي وڌيڪ رنز ڪندڙ بيٽر آهي. شان مسعود جي اها ڪارڪردگي ٽيم ۾ واپسي جو حقدار بڻائي ٿي.