ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي فاسٽ بالر مارڪ ووڊ چيو آهي ته پاڪستاني بالر حارث رئوف جو مداح آهيان ۽ محمد حسنين به پسند آهي. هن چيو ته حارث رئوف ۽ محمد حسنين کي ڏسي سکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ڪهڙي طرح بالنگ ڪري رهيا آهن. جيو نيوز جي سيگمنت “گيم چينجر” ۾ هن چيو ته مان ڪراچي جهڙو پرجوش ڪرائوڊ ٻيو ڪٿي ناهي ڏٺو. هن چيو ته وڪيٽ مان مدد ملي پر مان پاڪستاني بالرن کي به ڏٺو ته اهي ڪهڙي طرح پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪئي. مارڪ ووڊ ٻڌايو ته معين علي مونکي 2 اردو لفظ سيکاريا آهن هڪ ٺيڪ هي ۽ ٻيو ڪيسي هو، انهن لفظن جو مطلب معلوم نه  آهي پر اميد آهي ٻيا لفظ جلد سکي وٺندس.