برسات ماڻهن جا رڳو گھر ناهن ٻوڙيا پر جذبا به لوڙهيا آهن!

ھونئن ته تعلقي ٺري ميرواھ ۾ الائي ڪيتريون سياسي توڙي سماجي تنظيمون متحرڪ ھونديو آھن، ھر معاملي تي تعلقي ٺري ميرواھ  جا دوست اڳڀرا ھوندا آهن پر الائي ڇو ھاڻ وڏيرن جي ڪلورن ظلمن تي ڇو خاموش آھن! خان واھ کي ھٿ سان ڪٽ ھڻي تعلقي ٺري ۽ تعلقي فيض گنج کي ھٿ سان ٻوڙايو ويو آھي، ٻنھي تعلقن جي سڀني علائقن ۾ جھڙوڪ ھنڊياري باغ، بچراھ، کرڙاھ، سيري، پيروسڻ، ڪورڪي، حاجاڻا، جعفر خان، اڪري، پڪا چانگ ۾ 08 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آهي! جيڪو مان سمجھان ٿو ته جيڪا سست رفتاري ھلي ٿي اھو ھڪ سال تائين پاڻي ڪو نه نڪرندو، سياسي ماڻهن جي ماٺ مان اھي شڪ شبا ٿا پيدا ٿين ته اھي پاڻ چاھين ٿا ته پاڻي نيڪال نه ٿئي ۽ غريب ويتر ڏکيائين ۾ پوي. سياسي ماڻهو ته ٿيا ئي بيرحم پر تعلقي جا ساڃاھ وند ۽ مختلف تنظيمون به ان تي خاموش آهن. خبر ناهي انھن چپ جو روزو الائي ڇو رکيو آهي، ٿيڻ ته ايئن کپي ھا ته جيڪڏهن سرڪاري نمائندا چپ آهن ته انهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ اھي سماجي تنظيمون متحرڪ ٿين ھا ۽ ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ماروئڙن جي آواز ۾آواز ملائي انهن چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ڀوتارن خلاف اٿي کڙا ٿين ھا. ھاڻ به وقت ويو ناهي مان تعلقي ٺري ميرواھ جي سڀني سماجي ڌرين ۽ مختلف تنظيمن کي اھو عرض رکندس ته اٿو پنهنجي مظلوم عوام لاءِ ڪجهه ڪيو، ھينئر پاڻي ماڻھن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي ۽ سنڌ سرڪار به پاڻيءَ جي نيڪال کي سنجيدگيءَ سان نه پئي وٺي، اھڙي صورتحال ۾ اٿو پنهنجي ماروئڙن جي سار لھو، تعلقي ٺري ميرواھ مان پاڻي ڪڍڻ جو حل سوچجي جيئن متاثرن جي جلد کان جلد بحالي ٿي سگھي، جيڪڏهن سرڪار ڪجهه نٿي ڪري ته اتي توهان کي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪجهه سوچڻو پوندو ڪرڻو پوندو، پاڻيءَ جي نيڪال وڏو مسئلو بڻيل آهي. نااھل حڪومت کي ڇڏي پنهنجي مڙسي ڪرڻي پوندي، ڪوڙي حڪومت جي آسري ڪيسيتائين رھنداسين؟ اھي ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجهه به نه ڪندا سو پنهنجي مڙسي زنده آباد، ان لا وري به مان تعلقي ٺري ميرواھ  جي سياسي سماجي ڌرين کي عرض ڪندس ته پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اڳتي وڌو پنهنجي ماروئڙن جي لاءِ.

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

منھنجا احساس!

ڪڏهن ڪڏهن خيالن جي دنيا ۾ پنهنجي پاڻ کان بي خبر ٿي الائي ڪھڙي ديس جا راھي بڻجي حسناڪين جا اھڙا جام احساسن ۾ اوتجيو وڃن جو وجود کي ڪا ڳِھِرَ ويڙھيو وڃي، منھنجو حسين خيال ڪنهن اھڙي احساس جو سحر تاڻيو ڇڏي جو زندگيءَ جو ھر رنگ ماڻيو وٺي. ملاوٽن کان پاڪ صاف سٿرا کاڌا ماءُ جي ٿڃ جھڙو نج وڪرو ٿيندڙ کير، جنهن ڪڏهن لڱ چست ٿي ڪيا ته ڪڏھن  ڏند مضبوط ٿي ڪيا، نه طبقاتي ويڙھ، نه پکين جو شڪار، نه نياڻين جو وڪرو، نه بي انصافي جي بازار. مون پنهنجي سڄي سنڌ کي سون جھڙو ٿيندي محسوس ڪيو، جتي سنڌ جي سينڌ ميري نه پر سندور جي رنگ سان سجايل ھئي، جتي سنڌ جي مرڪ تاحيات رھڻي ھئي، مون ڇرڪ ڀريو، منھنجو خيال ٽٽو، مان تصور جا سمورا رنگ وکرجندي ڏٺا، منھنجي من ۾ ڪيئي وڍ پيا، مون پنهنجو روح رڙندي محسوس ڪيو، منھنجي من جا پور ۽ سنڌ جا سور ڪيڏا ملندڙ جلندڙ ھئا، مون انسانيت جي معراج تان انسانيت سڏڪندي ڏٺي.

مولچند منگهناڻي/ميرپورخاص

تڪ جي چونڊيل نمائندن جو پڙهايل جنازو!

خيرپور ناٿن شاھ واسين سي ايم سنڌ مُراد شاھ، پ پ ايم اين اي رفيق جمالي، دادو ضلعي جي فوڪل پرسن فياض ٻُٽ، ايم پي اي عزيز جوڻيجي، ايم اين اي عرفان لغاري ۽ ڊي سي دادو جي جنازي نماز پڙھي ورتي آهي. ڌڻي سائين “مرحومن” کي جھنم ۾ جاءِ نصيب ڪري، سڀ چَئو آمين! خيرپور واسي ڇا انسان ناهن تڪ جي چونڊيل نمائندن هن ڏکي وقت ۾ هنن جي ڪا سار سنڀال ناهي لڌي. عوام کان سکڻن دلاسن تي ووٽ وٺي، پوءِ دينا داستي ان عوام کان منهن موڙڻ تي عوام جو اهو ئي رد عمل ايندو آهي. ڪاش منهنجي سنڌ جو شعور جنازا پڙهائڻ بدران اليڪشن جي وقت اهڙو شعور ۽ مڙسيءَ جو مظاهرو ڪري اهڙن نمائندن کي ووٽ ئي نه ڏئي ته هوند اهي جنازا پڙهائڻا ئي نه پون.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ڳوٺ حسين آباد مان پاڻي نيڪال ڪرايو!‎‎

گذريل سانوڻين جي رڪارڊ برساتن کي بند ٿئي تقريبن ھڪ مھيني جو عرصو گذري چڪو آهي، سموري سنڌ جيان اسان جي ڳوٺ حسين آباد جو 20 سيڪڙو حصو ھن وقت به پاڻيءَ جي ھيٺ آھي، جنھن ڪري اڃا وڌيڪ اجھن ڪرڻ جو خدشو آھي ۽ ماڻھن کي روزمره جي ڪم ڪرڻ ۾ پڻ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن، جڏھن ته 95 سيڪڙو زرعي زمينون ھن وقت به پاڻي ھيٺ آھن، جنھن ڪري ايندڙ ڪڻڪ جھڙو مکيه فصل نه ٿيڻ جو انديشو آهي، جيئن ته اسان جي ڳوٺ واسين جو گھڻو ڪارونهوار، ڏيتي ليتي کجين جي باغن تي ھوندو آھي، سي به برساتن جي نظر ٿي ويا آهن ۽ ٺيڪيدارن جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ٺيڪيدار توڙي زميندار ٻئي پريشان آهن، ڪڻڪ جھڙو مکيه فصل پوکڻ جي مند ۾ باقي وڃي مھينو بچيو آهي پر زرعي زمينن ۾ ھن وقت به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، تنھن ڪري ضرورت ان عمل جي آھي ته ڳوٺ کان اوڀرندي پاسي کان وھندڙ سم نالو جنھن جو پاڻي ھن وقت به زرعي زمينن ۽ ڳوٺ جي طرف اچي رھيو آھي جلد کان جلد سم نالي جي کاٽي کڻائي پمپنگ مشينن وسيلي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي جيئن ڪڻڪ جھڙو مکيه فصل ٿي سگھي ۽ ماڻھن جي گھرن کي به وڌيڪ نقصان رسڻ کان بچائي سگھجي.

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد ڪوٽڏجي، خيرپور

غريبن لاءِ عذاب بڻيل راڌڻ جي سرڪاري اسپتال!

راڌڻ جي سرڪاري اسپتال جيڪا ھتان جي ماڻھن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، راڌڻ شھر ۽ ان جي آسپاس 50 کان وڌيڪ ڳوٺ موجود آهن پر افسوس اھي ته ڳوٺ ڪنھن به بنيادي سھولت کان محروم آھن، ٻيو ته سنڌ حڪومت صحت مرڪزن لاءِ ڪروڙين رپين جي پڻ بجيٽ ھر سال پيش ڪندي آهي ۽ ٻيا فلاحي ادارا پڻ وڏيون (دعوائون) ڪندا آھن ته اسين صحت مرڪزن لاءِ ڪروڙن جي لاڳت سان ڪم ڪري رھيا آھيون پر افسوس جو راڌڻ شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪنھن به قسم جو ڪو به خرچ نٿو ڪيو وڃي. ھتان جا غريب، اٻوجھ ماڻھو جڏهن ڪنھن بيماري ۾ اچي وڃن ٿا ته ڄڻ ته انھن لاءِ ڪنھن (پھاڙ) جيڏي تڪليف ھجي ٿي پر افسوس ھتي سرڪاري اسپتال ۾ غير معياري (دوائون) موجود آهن جيڪي حڪومت جي طرف کان دادو ضلعي جي ھيلٿ انتظاميا ڪڏهن ڪڏهن نالي ماتر دوائون راڌڻ جي اسپتال ۾ موڪليندي آهي پر افسوس اھي دوائون جڏهن بيمار مريضن کي ڊاڪٽر ڏيندا آهن ته انھن دوائن مان ڪو به مريض صحتياب نٿو ٿئي، غير معياري دوائن سان مريض ويتر بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن ۽ آخري اسٽيج تي اچي پھچندا آهن، پوءِ وڏن شھرن جا ڊاڪٽر به انھن جو اعلاج نه ڪري سگھندا آهن، ھن اسپتال جو به حال اھڙو آھي ۽ ھتي ڪو به ٽيڪنيشن جو سامان موجود ناھي جنھن سان ماڻھن جي بيمارين کي ڄاڻڻ لاءِ ليبارٽري ٽيسٽ ٿئي نه وري ڪنهن به مريض کي ڊاڪٽر ٽيسٽ لاءِ ڪنھن ٻئي ليب مان ٽيسٽ جو چوندا آھن ۽ ھن اسپتال ۾ صفائي جو ڪو به بندوبست ناھي، جڏھن ته ھتي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته راڌڻ سميت سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ سٺيون معياري دوائون ۽ ٻيو ٽيڪنيشن جو سامان ايڪسري مشين ۽ (ليب) جي سھولت ھئڻ گھرجي جيئن ڊاڪٽر اصلي مرض کي سڃاڻي مريضن جو علاج ڪن ۽ صفائي جو پڻ خاص انتظام ھئڻ گھرجي. اعليٰ عملدارن کي ڪو جامع بندوبست ڪرڻ گھرجي جيئن غريب عوام سرڪاري مرڪزن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.

مسرور عالم مغل/راڌڻ اسٽيشن

هن حڪومت جي نااهلي ۽ منهنجي ماروئڙن جون اذيتون!‎‎

هونئن ته منهنجي سنڌ جا ماروئڙا سدائين تڪليفن جي سيج تي سمهندا هئا پر انهن سانگيئڙن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ڏکن جا وهڪرا ايڏا تيز ۽ طاقت سان ايندا جو اسان جا اجھا ته ڇڏ پر اسان جا ٻچا به به نه ملندا، هنن اذيتن جي طوفان ۾ اسان جي جھوليءَ کان اسان جا جگر جا ٽڪرا ائين ڌار ٿيندا منهنجي ماروئڙن ڪڏهن سوچيو به نه هو هنن جون اذيتون هنن لاءِ مقدر بڻيل هيون، هنن طوفاني وهڪرن ۾ منهنجي ماروئڙن جي جگرن جا لال انهن کان ائين ڌار ٿي ويا، ڄڻ ڪي هئا ئي ڪين نه جڏهن هنن ماروئڙن تي سخت ڏکيو وقت ايندو آهي ته اسان گهڙي کن لاءِ به سندن کي آٿت ناهيون ڏيندا، اي رهزن حڪمرانئون ٿوري سوچي ڏسو ته هن وقت اوهان جي آٿت ئي هنن ماروئڙن جي لاءِ جيئڻ جو ڪجھ گھڙين دڳ بڻجي سگهي ٿو پر توهان اها آٿت به هنن جوڳيئڙن ڏيڻ پسند ناهيو ڪندا، وري به هن ڏکي گهڙي ۾ مان سلام پيش ٿو ڪيان سنڌ جي انهن جوانن کي جن هن ڏکي گهڙي ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجو فرض سمجهي نڀايو، هنن سنڌ جي نوجوانن انهن ماروئڙن جي آئين سار لڌي ڄڻ ڪو هنن جا گهر جا ڀاتي هجن، هنن نوجوانن وٽ ڪجھ نه هوندي به گهڻو ڪجھ ڪري ڏيکاريو منهنجو سنڌ جي نوجوانن کي سلام ۽ اي وقت جا بيرحم حڪمرانئون! ياد رکو سدائين اوهان جون عياشيون رهڻيون ناهن، هي وقت نيٺ گذرڻو آ، سو ڏکيو يا سکيو انشاالله پار ٿي ويندو پر توهان اڳتي لاءِ سوچي سمجھي انهن ڳوٺن ڏانهن وراڻ ڪجو، جن ڳوٺن ڏانهن هن وقت اوهان ڏسڻ به پسند نٿا ڪيو. هيئنر توهان کان وهي رستا بلڪل وسري چڪا آهن جن رستن سان توهان ٽولن جا ٽولا ڪاهي انهن ڳوٺن جو رخ ڪندا هيئو، پر ھي وقت هي لمحا سدائين رهڻا ناهن، مون کي منهنجي ماروئڙن تي فخر آهي جو هن ڏکي وقت ۾ به هو توهان کان گهرن نٿا منهنجي ماروئڙن جي خودداري کي سلام، توهان ته ايترا راشي آهيو جو انهن جي لاءِ مليل ٻين ملڪن مان امدادي سامان به کايو چٽ ڪري ڇڏيو، منهنجا ماروئڙا هن غليظ حڪومت کي هن وقت به پالين پيا، جيڪا مدد ٻين ملڪن مان ملي هي حرام خور حڪمران ان امداد تي پلجن پيا، ۽ وري سڏرائيندا آهن غريبن جا همدرد بس افسوس.

صدام سنڌي/پيروسڻ

سڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي!

تازو ئي سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽس ۾ pst ۽ jest جون ڀرتيون ٿي رھيون آھن جڏھن انھن پوسٽن جو اشتھار آيو تڏھن اسان اھو سمجھيو ته ھاڻ تعليم کاتي ۾ تبديلي ايندي، ميرٽ ٿيندي شرط جيڪي رکيا ھئا اھي تمام سٺا ھئا، خيرن سان ٽيسٽون ٿي ويون .پوريون سنڌ مان لکين اميدوارن فارم ڀرايا، انھن مان ھزار کن اميدوار پاس ٿيا، سڀ تعجب ۾ پئجي ويا ته نصاب مان ٽيسٽ ورتي ته سڀ يونيورسٽي پاس اميدوار به ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويا، آخر سنڌ جي تعليم ايتري ڪمزور آھي ڇا جو اھو نصاب مان ورتل ٽيسٽ پاس نه ڪري سگھيا، خير تعليمي ڪاميٽي ويٺي انھن اھو فيصلو ڪيو ته جيڪي شرط آھن انھن ۾ نرمي ڪيو سبجيڪٽس وائيز شرط رکيل ھو ان کي ھٽايو آل اور 50 تي پاس ڪيو وڃي، ٽيسٽ واقعي به ڏکي ھئي، سنڌ جي تعليم جو حال پورو آھي، ان بابت سڀني کي 50 مارڪن واري شرط تي آمادہ ڪيو، گڏوگڏ تعليم وزير سائين سردار شاہه اھو اعلان ڪيو ته ٿر، عمرڪوٽ ڏورانھن علائقو آھي، انهن کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي 33 مارڪن تي پاس ڪرايو، آفر آرڊر جو سلسلو شروع ٿيو، گڏوگڏ پوسٽگ آرڊر ملندا ويا، آخرڪا پوري سنڌ جا اميدوار احتجاج ڪرڻ لڳا ته پوري سنڌ ۾ تعليم جا حال پورا آھن سڀني کي  40مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، نيٺ سنڌ حڪومت کي اھو حڪم مڃڻو پيو، ھاڻ جنھن جون به  40مارڪون آهن اھو استاد ٿي ويو، پوءِ آخر انھن گريجوئيٽس ڪھڙو ڏوھ ڪيو جن جا اوھان فارم رد ڪيا آھن، اھو ڄاڻائي ته اوھان جون گريجوئيٽس ۾ 50% سڪڙو مارڪون ناھن، توھان فارم جمع ڪرائڻ جا اھل ناهيو، انھن تعليمي وزيرن، سيڪريٽرين کي ڪير سمجھائي ته گريجوئيٽس ۾ 50 سيڪڙي وارو شرط ناھي ھوندو، ان ۾ صرف فرسٽ ڊويزن ۽ سڪينڊ ڊويزن ھوندو آھي، جڏھن ته توھان ھڪ ساک رکندڙ اداري IBAکان ميرٽ تي وٺو پيا پوءِ اھڙيون ھٿ ٺوڪيون پاليسون رکيون ڇو ! هلو سٺي تعليم جي اميد رکي به گھٽ ۾ گھٽ ان تي ثابت قدم رھو، جڏھن ايتريون پاليسيون ختم ڪري 40 ۽ 33 مارڪن تي توهان ايندڙ وقت معمار استادن جو ڀرتيون ڪيو پيا ته پوءِ انھن  90ھزار اميدوار اوھان جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو جو انھن جا فارم بحال ڪري انھن کان ٽيسٽ وٺي نه سگھيا اھي انھي آسري چلان جا پئسا ڀري ڀري ڪنگال ٿي ويا آھن .من سنڌ حڪومت تي ڪن تان ڪا جونءِ چري سو آئون ھن خط وسيلي اعليٰ ايوانن تائين گذارش ڪيان ٿو ته مھرباني ڪري ڀلي توهان 40 ۽ 33 وارا استاد ڀرتي ڪيو پيا، انھن کان بھتر آھي ته توھان جيڪي رد ڪيل فارم ڪيا آھن انھن کان ٽيسٽ وٺو ته جيئن انھن کي پنھنجو حق ملي سگھي.

رائيڌن ڀيل/ميرپورخاص