سنڌ حڪومت جي دعويٰ ۽ صحت کاتي جي اھليت جو امتحان

0
208
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ حڪومت يا حڪمران پارٽي جون ٻيون دعوائون پنھنجي جاءِ تي پر پنھنجي لڳاتار 15 سالن جي حڪومت ۾  جنھن شعبي بابت اھي سڄي دنيا کي ٻڌائيندا رھند آھن تھ انھي شعبي ۾ ھنن عوام کي جيڪي سھولتون ڏنيون آھن ،اھي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ بھ مشڪل سان ملنديون ھونديون.جيڪڏھن اتي ملنديون بھ ھونديون تھ اھي مفت ۾ يا سرڪاري طور نھ پر پنھنجي پئسن سان حاصل ڪرڻيون پونديون ،پر سنڌ واحد صوبو آھي جتي انھي شعبي مان نھ رڳو اتان جا رھواسي پر ملڪ جي ٻين صوبن جا شھري ايستائين جو دنيا جي سڌريل ملڪن جا شھر ي بھ اچي فائدو حاصل ڪن ٿا. اھا دعويٰ ڪيتري سچي يا درست آھي انھي بحث ۾ پوڻ بدران اسان اھو ٿا چئون تھ اڄ انھي شعبي جي پننجي صلاحيتن آھر ڪم ڪرڻ جو امتحان بھ آھي تھ صوبي جي عوام جي ضرورت بھ آھي ۽ اھو شعبو صحت جو شعبو آھي. ڇاڪاڻ تھ ٻوڏ کانپوءِ ماڻھو پنھنجون حياتيون بچائي تھ ويا پر ھاڻي بيماريون انھن جي پٺيان آھن ۽ اھي ٻوڏ متاثر انھن کان بچڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن ۽ انھن کي مالڪ جي ذات کانسواءِ جيڪڏھن ٻيو ڪير بچائي سگھي ٿو تھ اھو صحت جو شعبو آھي.

سڄي سنڌ ھن وقت پاڻي جي گھيري ۾ آھي ۽ چوڌاري پاڻي بيھڻ سبب عوام وري بيمارين جي گھيري ۾آھي ،مليريا کان وٺي گيسٽرو ڊائريا ،ڊينگي ۽ چمڙي جون بيماريون سولي سنڌ ۾ چئجي تھ لڏو لاھي اچي سنڌ ۾ ويھي رھيون آھن،جنھن ڪري روزانو ڪيترائي ماڻھو پنھنجون حياتيون وڃائي رھيا آھن.جيڪڏھن سرڪار جي صحت کاتي کي ڏسجي تھ اھو ھن وقت انھي انداز سان  نظر  نھ ٿو اچي. ڇاڪاڻ تھ  ڪورونا جي ڏينھن ۾ جڏھن ھيلٿ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وئي ھئي تھ سنڌ اھو واحد صوبو ھو جنھن جي بھترين ڪارڪردگي جي ٻيا صوبا يا ميڊيا وارا  بھ تعريف ڪري رھيا ھئا تھ انھي ڪورونا کي سڀ کان وڌيڪ بھتر انداز ۾ سنڌ صوبي منھن ڏنو آھي.ان کاتي جو جيڪو پنھنجو انفرااسٽرڪچر يا نظام آھي جيڪڏھن رڳو اھو ئي پوري طرح ڪم ڪري تھ پکڙجندڙ بيمارين کي  منھن ڏئي سگھي ٿو پر حالت اھا آھي تھ  صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ھن وقت بھ ڊيوٽين تان غائب آھن جنھن جي تصديق صحت کاتي جا پنھنجا انگ اکر ئي ڪري رھيا آھن ۽ سنڌ حڪومت وري پنجاب کان صحت کاتي جي ملازمن يا ڊاڪٽرن جي مدد گھري ورتي آھي .خبر آھي تھ  سنڌ صحت کاتي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري کي خط لکي سنڌ جي 10 ضلعن لاڙڪاڻي، قمبر، دادو، ڄامشوري، بدين، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، سانگھڙ، خيرپور ۽ جيڪب آباد ضلعن لاءِ 380 وومين ميڊيڪل آفيسر، ميڊيڪل آفيسر، اسٽاف نرسن، ڊسپينسرن سميت مختلف مرضن جي ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون گھري ورتيون آهن. پنجاب سرڪار کي اماڻيل خط ۾ لکيو ويو آهي ته 10 ضلعن لاءِ 45 ميل ۽ 45 فيميل ڊاڪٽرن، 72 اسٽاف نرسن، 90 ڊسپينسرن، 27 ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ، 27 ڊرماٽولاجسٽ( چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن) ، 18 گائناڪالوجسٽ ۽ 18 فزيولاجسٽ جي  هنگامي بنيادن تي گھرج آهي. ٻئي طرف جائزي دوران معلوم ٿيو ته سنڌ صحت کاتي وٽ 8 هزار کان وڌيڪ 17هين گريڊ جا ميل ۽ فيميل ڊاڪٽر موجود آهن، جڏهن ته تازو ڪورونا ايمرجنسي دوران به سنڌ حڪومت پاران 895 ڊاڪٽرن کي عارضي ڪانٽريڪٽي مُدي لاءِ ڀرتي ڪيو ويو هو، مٿان وري ٻوڏ ايمرجنسي جي نالي ۾ 2550 ڊاڪٽرن، نرسن ۽ عملي جي ڀرتي لاءِ تازو اشتهار پڻ ڏنا ويا هئا، جائزي دوران  معلوم ٿيو ته سنڌ جا 1300 کان وڌيڪ ڊاڪٽر  ڪيترن سالن کان ڊيوٽين تان غير حاضر آهن. سالن کان گوسڙو رهندڙ ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي جو پابند ڪرڻ بجاءِ  پنجاب حڪومت اڳيان بيوسي جو اظهار ڪندي ڊاڪٽرن جي گھُر ڪئي وئي آهي.

اسان سمجھون ٿا تھ سنڌ جي صحت کاتي ڀلي کڻي ڪڊني، ليور ٽرانسپلانٽ کان وٺي دل جي سرجري ۽ فالج جي مريضن جي علاج ۾ سھولتون مھيا ڪيون ھجن پر ان جا پرائمري صحت يونٽ اڄ بھ غير فعال آھن جنھن ڪري ھن وقت مليريا، گيسٽرو،ڊائريا ۽ چمڙي جھڙين بيمارين کي منھن ڏيڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رھيون آھن، جيڪڏھن رڳو تعلقي سطح جون ئي اسپتالون ۽  عملو فعال ۽ حاضر ھجي ھا تھ ھيئن روز ماڻھن جي مرڻ جون خبرون نھ اچن ھا. سرڪار ڀلي پنجاب کان مدد طلب ڪري پر جيڪي ملازم يا ڊاڪٽر صحت کاتي جي بجيٽ مان پگھار کڻن ٿا انھن کي ھن وقت ڊيوٽين تي حاضر ڪرڻ گھرجي ٻي صورت ۾ فارغ ڪري ڇڏجي، جڏھن اھي ھن ڏکئي وقت ۾ بھ ڊيوٽي نھ ٿا ڪري سگھن تھ پوءِ آخر ڇو عوام جي ناڻي تي بار بڻيل آھن؟